تازيون خبرون

Monthly Archives: March 2015

سياسي ۽ عسڪري قيادت، يمن جي صورتحال تي ڀرپور ڪردار ادار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان سعودي عرب جي دفاع سميت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ موثر ۽ نتيجو ڏيندڙ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي هدايت تي بچاءُ وارو وزير، پرڏيهي صلاحڪار ۽ عسڪري اختيارين تي ٻڌل وفد سڀاڻي سعودي عرب ويندو. نوازشريف چيو آهي ته صورتحال تي اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا وڃن. يمن جي بگڙجندڙ صورتحال ۽ سعودي عرب جي سلامتي جي حوالي سان وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ اسلام آباد اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ايئرچيف مارسل سهيل امان، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، سرتاج عزيز ۽ بحريه جي وقتي سربراهه وائيس ايڊمرل خان هاشم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نار جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي حدن جي تحفظ جي عزم کي ورجايو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو  ويو ته عوام جي خواهشن موجب پاڪستان مشرق وسطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ معنيٰ خيز ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم اسلامي دنيا جي اڳواڻن سان رابطو ڪندو. انهن سان رابطن جو مقصد مشرق وسطي ۾ امن، اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ جو خاتمو آهي. اجلاس ۾ اُهو به مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومن، او آئي سي ۽ عالمي برادري موجوده ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. ذريعن موجب اجلاس کان اڳ ۾ وزيراعظم نوازشريف سان پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ملاقات ڪئي جنهن ۾ خواجه آصف ۽ اسحاق ڊار موجود هئا. ملاقات ۾ يمن جي صورتحال ۽ سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي. ذريعن جو چوڻ هو ته خواجه آصف ۽ سرتاج عزيز سميت پاڪستاني وفد اڄ سعودي عرب ويندو. وفد ۾ سينيئر عسڪري اختياريون به شامل هيون.

 

يمن ۾ حوثي باغين خلاف ڪارروائي تيز، بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا

صنعا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) يمن ۾ سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان حوثي باغين خلاف بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 88 زخمي ٿي پيا،جنهن بعد پنجن ڏينهن اندر مارجي ويلن جو انگ 165 کان وڌي ويو آهي،جڏهن ته سعودي عرب زميني ڪارروائين لاءِ به تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. يمن ۾ سعودي عرب ۽ سندس اتحادي ملڪن طرفان حوثي باغين خلاف هوائي حملن جو سلسلو اڄ پنجين ڏينهن به جاري رهيو. سعودي عرب ۽ اتحادين سامونڊي شهر عدن ۾ هوائي حملا تيز ڪيا. ميڊيا رپورٽس موجب سڄي رات بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 88 زخمي ٿي پيا. عدن جي ايئرپورٽ جو ڪنٽرول به سرڪاري فوج سنڀالي ورتو آهي. يمني صوبي شبوه ۾ مقامي قبيلن پڻ حوثين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي،جنهن دوران 40 باغين جي مارجڻ جا اطلاع آهن. يمن جي علائقي صعدره ۾ هوائي بمباري ۾ باغين جي هٿيارن جا ذخيرا تباهه ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته يمن ۾ زميني ڪارروائي جو آپشن موجود آهي. عرب ميڊيا موجب اڳوڻي صدر علي عبدالله صالح طرفان جنگبندي جي تجويز سعودي عرب رد ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب جو موقف آهي ته صدر منصور هادي جي قانوني حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي. پاڪستان کانپوءِ چين به پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي کي سمنڊ ذريعي يمن کان واپس گهـُرائي ورتو آهي.

 

وزيراعظم جي ڪوششن سان يمن مان شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪوششن سان شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي، يمن ۾ باقي رهجي ويل پاڪستانين کي به جلد ڏيهه آندو ويندو، نواز ليگ اڳواڻ طارق فضل چيو آهي ته شهرين جي ڏيهه واپسي تائين سڪون سان نه ويهنداسين. اسلام آباد ۾ بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي  يمن مان ڦاٿل پاڪستانين جي ڏيهه پهچڻ تي آجيان ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته يمن ۾ ڦاٿل 502 پاڪستاني ڏيهه پهچي ويا آهن، ٻين شهرين کي به جلد ڏيهه آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف گذريل 36 ڪلاڪن کان شهرين جي ڏيهه واپسي لاءِ يمن ۾ موجود پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ هو. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حفاظت حڪومت جو فرض آهي ۽ وزيراعظم جي ڪوششن سان ئي يمن ۾ ڦاٿل شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي. نواز ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو ته يمن ۾ باقي رهجي ويل شهرين جي ڏيهه واپسي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.

 

يمن صورتحال: آصف زرداري ويچار لاءِ اتحادي جماعتن جو اجلاس سڏائي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يمن جي صورتحال تي ويچار لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري اتحادي جماعتن جو اجلاس اربع تي گهرائي ورتو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري اتحادي جماعتن جو اجلاس اربع ڏهاڙي بلاول هائوس ۾ طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، قاف ليگ، بي اين پي  عوامي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ يمن جي صورتحال تي ويچار سان گڏ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ويچاريو ويندو.

 

خورشيد شاهه جو وزيراعظم کي خط، جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي واڌايون

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون، سندس چوڻ آهي ته پر کيس افسوس آهي ته ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد حڪومت جو چونڊ سڌارن تان ڌيان گهٽجي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکيو. خط ۾ خورشيد شاهه وزيراعظم کي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي  واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان ئي ڇڪتاڻ واري سياست کي رد ڪيو آهي، غير سياسي ۽ غير جمهوري قدم ڪنهن به ريت ملڪي مفاد ۾ ناهن. خورشيد شاهه ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد حڪومت جو چونڊ سڌارن تان ڌيان گهٽجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، جنهن ڪري چونڊ سڌارن واري عمل کي مشاورت سان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ قانون سازي لاءِ ڪميٽي کي جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ گهرجن. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه خط ۾ چونڊ سڌارن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

 

الطاف حسين فيصل سبزواري جي بنيادي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي، پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پارٽي قيادت جي سربراهي کان ڌار ٿيڻ وارو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر واپس وٺي ڇڏيو، فيصل سبزواري جي بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وئي، الطاف حسين چيو آهي ته اين اي 246 تي نتيجا بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ملڪ جي خاتمي جي شروعات هوندي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خورشيد ميموريل هال ۾ پارٽي جي عهديدارن کي خطاب ڪندي چيو ته هو 40 سالن کان گاريون ٻڌي رهيو آهي، هاڻ وٽس گاريون برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي. هن چيو ته اڪيلو شخص پارٽي جي پاليسي جوڙڻ ۽ عالمي صورتحال تي نظر رکڻ سان گڏ ماڻهن جي بيانن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪم به ڪري رهيو آهي، جنهن کيس ٿڪائي ڇڏيو آهي. الطاف حسين چيو ته عمران خان هڪ ٽاڪ شو ۾ کيس قاتل سڏيو ۽ چيو ته ميڊيا وارا مجبوري ۾ سندس خطاب هلائيندا آهن. هن پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ خطاب ڪيا، اهي به ميڊيا تي ڏيکاريا ويا. الطاف حسين چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي سندن ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي،

 

غيرقانوني شادي هال ختم ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت، بعد ڪارروائي ٿيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ  جي حڪمن جي روشني ۾ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن سميت رفاهي ۽ فلاحي پلاٽن تي ٻڌل جايون خاص ڪري شادي هالن جو خاتمو ڪري ئي ساهه کڻنداسين. اڄ تائين جن جن غيرقانوني شادي هالن جي مالڪن پنهنجو پاڻ شادي هالن کي ختم نه ڪيو آهي، تن کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني پئي وڃي، جنهن کان پوءِ نه صرف اهڙن مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا پر انهن جي شادي هالن کي ڊاهي انهن ۾ موجود سموري سامان کي ضبط ڪيو ويندو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل، ايسٽ ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪري ڪيترن شادي هالن کي ڊاٿو ويو آهي، پر هاڻ به ڪيترائي غيرقانوني شادي هالز اڃان به قائم آهن، جنهن تي لاڳاپيل ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽرو پوليٽن ڪمشنر مسعود عالم ۽ ٻيا اعليَٰ آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي صوبائي وزير کي صاف سرسبز سنڌ پرامن سنڌ مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته قبضن جي خاتمي جي حوالي سان ڪيل ڪارروائي کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ڪراچي ۾ مختلف ضلعن ۾ رفاهي ۽ فلاحي زمينن، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن ۾ قائم شادي هالن جي خاتمي ۽ مختلف شادي هالن کي سيل ڪرڻ ۽ ڪيترن کي ڊاهي انهن جو سامان ضبط ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ ڊسٽرڪٽ سينٽرل جيل، ويسٽ ۽ ڪورنگي ۾ قبضن خلاف هلندڙ آپريشن تي تسلي جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ته باقي رهندڙ غير قانوني شادي هالن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن اهڙن سمورن شادي هالن جي مالڪن جيڪي غير قانوني طور تي شادي هال هلائي رهيا آهن انهن کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته اهي پنهنجو پاڻ غير قانوني شادي هالن کي ختم ڪن نه ته هاڻي جيڪا ڪارروائي ڪئي ويندي، ان ۾ انهن شادي هالن کي ڊاهڻ سان گڏوگڏ سمورو سامان به ضبط ڪيو ويندو ۽ اهڙن مالڪن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي ويندي. هن چيو ته هن شهر ۽ سڄي صوبي کي سرسبز، شاداب ۽ پرامن صوبو بنائڻ جو عزم ڪيو آهي ان کي پورو ڪري ئي ساهه کڻنداسين ۽ سڀني غيرقانوني ٺهيل جاين جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن جي به سفارش قبول نه ڪئي ويندي ۽ اها ڪارروائي بغير ڪنهن فرق ڪئي ويندي. هن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن تي زور ڀريو ته اهي ڪراچي ۾ اڏيل غير قانوني جاين جي خاتمي کي يقيني بڻائن ۽ روز جي بنيادن تي ان حوالي سان ڪيل ڪارروائين جي تفصيلي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هاڻ هو ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪندو ۽ ان ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن کي گهر موڪليو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير کي ڪي ايم سي، واٽر بورڊ  سميت ٻين بلدياتي ادارن ۾ گوسڙو ملازمن خلاف ڪيل ڪارروائين تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ ان سلسلي ۾ جاري ڪيل لسٽون به صوبائي وزير کي فراهم ڪيون ويون. جنهن تي صوبائي وزير اهڙن سمورن گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي جا حڪم ڏيئي ڇڏيا آهن

 

ايندڙ 4 مهينا پاڪستان لاءِ ڏاڍا ڏکيا آهن: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي جيل جي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ايندڙ 4 مهينا پاڪستان لاءِ ڏاڍا ڳرا آهن الطاف حسين جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪرڻ گهرجن ايم ڪيو ايم سميت ڪجهه پارٽين ۾ گهٽ وڌائي ڏسي رهيو آهيان اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو منظور وساڻ چيو ته الطاف  حسين جي بيان کي سمجهڻ لاءِ لنڊن ۽ پاڪستان جي وقت جي ڀيٽ ضروري آهي الطاف حسين جا بيان دل ۾ نه ڪرڻ گهرجن هن چيو ته ايم ڪيو ايم سميت ڪجهه پارٽين ۾ گهٽ وڌائي ڏسي رهيو آهي جڏهن ته عشرت العباد خان جي مستقبل کي ڪوئي خطرو نه آهي هن چيو ته عالمي حالتون ڏسي قيامت ويجهو لڳي ٿي مستقبل ۾ عرب ملڪن ۾ جمهوريت جو قيام نظر اچي رهيو آهي.

 

تيل اگهه 7.66 روپيا وڌائن جو تياريون، منظوري لاءِ وزير اعظم کي سمري رواني

اسلام آباد (بيورو) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 6 6 .7  رپين تائين واڌ جي سمري پيٽروليم وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. تفصيل موجب اوگرا طرفان پيٽروليم وزارت کي موڪليل سمري ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 6 6 .7  رپيا في ليٽر تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 0 4 .4  رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي پرپوءِ حتمي فيصلو وزيراعظم نواز شريف جي منظوري بعد ئي ڪيو ويندو، جڏهن ته نئين  قيمتن جو لاڳو پهرين اپريل کان ٿيندو.

 

سياسي مخالفن وٽ ڌانڌلي جو ڪوبه ثبوت ناهي: سعد رفيق

لاهور(بيورو) اين اي 125 ۾ ڌانڌلي بابت ڪيس ۾ خواجه سعد رفيق پيش ٿيو اليڪشن ٽربيونل ان کي جرح کان اڳ چي وته هو الله جو قسم کڻي چوي ته جيڪو چوندو سچ چوندو خواجه سعد رفيق چيو ته هو الله جو قسم نه ٿو کڻي جنهن تي هن کي ٻڌايو ويو ته قسم کڻڻ عدالت جي رولز ۾ شامل آهي اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي خواجه سعد رفيق قسم کڻي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 24 ورتو، ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير چيو ته سياسي مخالفن وٽ ڌانڌلي جو ڪوبه ثبوت ناهي هينئر تائين چيڪ ڪيل ووٽن مان هڪ به جعلي ناهي نڪتو خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان کانپوءِ صبر اچڻ گهرجي ان کي 2، 4 جواب اچن ٿا انهن تي ڳالهائي ٿو عمران خان ۽ ان جا ساٿي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جا گهوڙا هئا نجم سيٺي جي قسمن سان سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلم ليگ ن کي پهتو خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان پنهنجو چورن وڪڻندو رهي ٿو هن اهڙو ڪهڙو ڪارنامو ڪيو جو ان کي ايترا ووٽ ملي ويا؟.