تازيون خبرون

Daily Archives: February 4, 2015

دهشتگردن کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت فوجي عدالتن جو ريموٽ ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ رکيو: طاهر القادري

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته اسان جي 22 ڪارڪنن کي شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ کي سخت زخمي ڪرڻ 25 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي بنا ڏوهه بند ڪرڻ ۽ صوبي ۾ سوين جعلي ڪيس هلائڻ جي باوجود نام نهاد جمهوري حڪمرانن جي انتقام جي باهه اجهامي نٿي، هزارين مدرسن رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ بيروني فنڊن جو تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، حڪومت انهن آڏو بيوس، لاچار نظر پئي اچي پر دهشتگردي خلاف سڄي دنيا ۾ اثرائتو آواز اٿارڻ تي منهاج القرآن اداري کي رجسٽريشن منسوخ ڪرڻ جو نوٽيس اماڻيو ويو، اڪاڙا، بکر، شور ڪوٽ سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ به اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙي بند ڪيو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ آرمي چيف کي چئون ٿا ته قومي ايڪشن پلان تي ناڪام ۽ قومي ٻڌي جي ماحول کي ناڪام ڪندڙ ان جعلي عوامي حڪومت جي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي، اهڙن خيان جو اظهار هن مڪي پاڪ مان سينٽرل ورڪنگ ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مرڪزي صدر ڊاڪٽر رحيق احمد عباسي، جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور، جي ايم ملڪ، جواد حامد، ساجد ڀٽي، احمد نواز انجم، حنيف مصطفيٰ، فياض وڙائچ، قاضي فيض، نور الله صديقي شريڪ ٿيا، ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته شريف حڪومت جمهوريت جي نالي چٽو آهي، هي جيستائين اقتدار تي مڙهيل رهندا عوام جا مسئلا نه حل ٿيندا ۽ نه ئي دهشتگردي ختم ٿيندي، ڇو ته اهي خود سڀ کان وڏا دهشتگرد آهن، هن چيو ته پشاور سانحي کي 50 ڏينهن گذري ويا، اڃاتائين فوجي عدالتن کي ڪم شروع ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي، پهريان ايڪيهين آئيني ترميم جي آڙ ۾ وقت وڃايو ويو ۽ هاڻ رولز اينڊ ريگيوليشن جي تياري ۾ قوم کي ڦاسائي دهشتگردن کي وڌيڪ ڌماڪا ڪرڻ ۽ بيگناهن جو رت وهائڻ جو وقت ڏنو ويو، پشاور سانحي کانپوءِ شڪارپور سانحي ۾ قوم 60 لاش کنيا پر حڪمرانن جا ستل ضمير نه جاڳيا، هن چيو ته حڪمرانن جي نيت صاف هجي ها ته قومي ايڪشن پلان تي عمل شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڏينهن ڪافي هئا، هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي اڃاتائين تماشو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته حڪومت دهشتگردن کي رليف ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتن جو ريمورٽ ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي.

 

ڪراچي ۾ وحشي جوابدارن پاران ڏيڍ سالا ٻارڙي سان زيادتي، لاش اڇلائي فرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وحشي انسان ڏيڍ سالن جي ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ لاش اڇلائي فرار ٿي ويا، ٻارڙي ڪالهه ناظم آباد مان گم ٿي هئي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد مان گذريل ڏينهن گم ٿيندڙ ٻارڙن جو لاش جلال آباد ۾ هڪ جاءِ وٽان ملي، پوليس واقعي ي جاچ ڪري رهي آهي پوليس مطابق ناظم آباد مان گذرلي ڏينهن گم ٿيندڙ باڙڙي جو لاش جلال آباد جي گهر ويجهو ملي آهي ٻارڙي جي سڃاڻپ ڏيڍ سالا زينب ڌيءُ زاهد بيگ جي نالي سان ٿي آهي پوليس ٻارڙي جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو هو عباسي شهيد اسپتال جي ايم ايل او جو چوڻ آهي هت ٻارڙي سان زيادتي به ڪئي وئي ۽ ان جي جسم تي تشدد جا نشان به  موجود آهن.

 

ڪرم ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي ڀرسان ڌماڪو، 4 اهلڪار شهيد

ڪرم ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرم ايجنسي جي ورما گئي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، ورماگئي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي روڊ ڀرسان پوريل بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب، بارودي سرنگهه جو ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ گشت ڪري رهيون هيون. سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

پشاور: ڪيترائي ٻارڙا کوهه ۾ ڪري پيا، 5 جا لاش ڪڍيا ويا

پشاور(م.ڊ) پشاور جي علائقي پشته خره ۾ کوهه جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارڙا فوت، 8 کي ٻاهر ڪڍيو ويو وڌيڪ بارڙن جي موجودگي جو خدشو آهي، ايس پي ڪينٽ مطابق پشته خره جي علائقي ۾ ٻار هڪ گهر ۾ قرآن جي تعليم حاصل ڪرڻ آيا هئا جتي ڇت ڪمزور هجڻ سبب ڪيترائي ٻار کوهه ۾ وڃي ڪريا واقعي ۾ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته ريسڪيو ادارن 8 کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي هت وڌيڪ ٻار کوهه ۾ موجود هجڻ جو خدشو آهي، ريسڪيو ادارا امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

 

پاڪستاني اداڪار فواد خان فلم فيئر ايوارد 2015ع پنهنجي نالي ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ فلم ”خوبصورت“ کان مشهوري ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان فلم فيئر ايوارد 2015ع پنهنجي نالي ڪري ورتو، ڀارتي فلم نگريءَ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ”فلم فيئر ايوارڊ“جي 60 هين تقريب جو انعقاد ممبئي ۾ يشراج اسٽوڊيو ۾ ٿيو، جتي فلم ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو، تقريب جي ميزبانيءَ جا فرض مشهورِ زمانه مسخرو ۽ ڪاميڊين ڪپل شرما ۽ ٻين ادا ڪيا، ان موقعي تي دپيڪا پڊوڪون، شاهد ڪپور، سونم ڪپور، سني ليون، ڪاجول، رنبير ڪپور، فواد خان، انوراگ ڪشپ، ايولين شرما ۽ ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي ڊاڪٽر گھرواري سان شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳايا، جڏهن ته فلم فيئر ايوارڊ تقريب ۾ مختلف اداڪارن ۽ اداڪارائن ڀارتي فلمي گيتن تي پرفارم پڻ ڪيو، جڏهن ته پنڊال ۾ فلمي دنيا سان لاڳاپايل اداڪارن ۽ سينيئر اداڪارائن سميت زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود هئا. ايوارڊن ڏيڻ جي موقعي تي تقريب جي خاص ڳالهه اها هئي ته ”بيسٽ ميل ڊيبيو“ ايوارڊ جي لاءِ ٽائيگر شيروف، طاهر راج ڀشن، فريدي دارو والا، شباب هاشمي ۽ پاڪستاني اداڪار فواد خان چونڊيا ويا هئا، پر ايوارڊ فواد خان فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ پهريون پاڪساني اداڪار بڻجي ويو، فواد خان فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي گھرواري صدف فواد سان گڏ حاصل ڪيو، جڏهن ته ڪنگنا رناوت جي فلم ”ڪوئين“ بهترين فلم سان گڏ 6 مختلف ڪيٽيگرين جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا، وشال ڀردواج جي فلم ”حيدر“ پنج ڪيٽيگرين ۾ڪاميابي ماڻي، شاهد ڪپور کي ”حيدر“ ۾ شاندار اداڪاريءَ تي بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو، بهترين اداڪارا جي لاءِ ڪنگنا رناوت سڀني اداڪارائن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

 

ڪترينا ڪيف پنهنجي دوست رنبير ڪپور جي جاسوسي ڪرڻ لڳي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف پنهنجي دوست رنبير ڪپور جي جاسوسي ڪرڻ لڳي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق ڪترينا ڪيف پنهنجي نئين فلم فتور جي شوٽنگ۾ مصروف هئي ته ان کي خبر ملي ته ان جو دوست رنبير ڪپور نئين دلي ۾ تماشا جي شوٽنگ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي هيروئن ٻي ڪا نه پر دپيڪا پڊڪون آهي جنهن تي ڪترنيا ڪيف اندر شڪي عورت جاڳي پئي ۽ پنهنجي فلم جي شوٽنگ ملتوي ڪري نئين دلي پهچي وئي.

 

پاڪ ڀارت دنگل، اميتاڀ بچن ڪمينٽري ڪندي نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز)اڄ ڪلهه بالي وُڊ شهنشاهه پنهنجي ايندڙ فلم شميتاڀ جي تشهيري مهم ۾ مصروف آهي ٻئي طرف ان کي پاڪ ڀارت دنگل جو به تمام گهڻو انتظار آهي 15 فيبروري تي ٿيندڙ ميچ ۾ هرشا ڀوگلي ۽ ڪپل ديو سان گڏ اميتاڀ بچن به ڪمينٽري ڪندو ڪرڪيٽ جا شوقين زبردست مقابلو ڏسڻ سان گڏوگڏ ڪپل ديو جي هلڪي گفتگو ۽ اميتاڀ بچن جي گجگوڙ واري آواز ميچ ۾ پنهنجو اثر ڇڏيندي ۽ ڪاميابي جي صورت م هي هي ڪمينٽري اڃان به يادگار ٿي ويندي.

 

بزرگن صحيح چيو آهي ته جوڙا آسمان تي ٺهندا آهن؛ ماڊل صنم سعيد

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽي ويءَ جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل صنم سعيد چيو آهي ته بزرگن صحيح چيو آهي ته جوڙا آسمان تي ٺهندا آهن، عورت چاهي ڪنهن ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وڃي پر سندس اصل جڳهه مڙس جو گھر هوندو آهي. هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته پاڻ کي خوش قسمت سمجھان ٿي جو  مون کي خدا فرحان حسن جھڙو محبت ڪندڙ مڙس ڏنو، هن چيو ته مان ٽي وي، ماڊلنگ ۽ ڳائڻ ٽنهي شعن ۾ پنهنجون صلاحيون مڃرائي چڪي آهيان پر شاديءَ کان پوءِ منهنجون مصروفيتون وڌي ويون آهن. مان هاڻي نرالي ۽ معياري ڪم کي پهري ترجيح ڏينديس. هن چيو ته منهنجو شوبز سان لاڳاپو ختم ناهي ٿيو ٿي سگھي ٿو ته شاديءَ کان پوءِ به ان شعبي ۾ پنهنجو ڪم جاري رکان

 

نيوزيلينڊ پاڪستان کي 119 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 119 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن واري تي مشتمل سيريز 0-2 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي،  نيپيئر جي مڪلين پارڪ ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 369 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 43.1 اوورن ۾ 250 رنسن تي ڍير ٿي وئي گرين شرٽس طرفان طرفان اوپننگ بيٽسمين محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد پهرين وڪيٽ تي 111 رنسون جوڙيون ۽ شهزاد 55 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ نيٿن مڪلم جي بال تي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ يونس خان به 11 رنسون ٺاهڻ کانپو ءِ  130 رنسن جي مجومعي اسڪور تي پويلين واپس هليو ويو جنهن کانپوءِ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون محمد حفيظ 86 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته ڪپتان مصباح الحق 45، شاهد آفريدي 11، سرفراز احمد 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ 4 رانديگر ڊبل فگر ۾ شامل ٿيڻ بغير آئوٽ ٿي ويا، نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، گرينٽ ايليٽ، نيٿن مڪلم ۽ ايدم ملني 2،2، جڏهن ته ڊينيئل ويٽوري ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،  ان کان اڳ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته سازگار پچ جو فائدو وٺندي ڪيوي بيٽسمين بالرن جي سٺي خاطرداري ڪئي ۽ مقرر 50 اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 369 رنسون ٺاهيون ڪيويز طرفان ڪين وليمسن ۽ راست ٽيلر 112 ۽ 102 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ان کان علاوه مارٽنگ گپٽل به 76 رنسن جي اننگز کيڏي پاڪستان طرفان محمد عرفان 2 جڏهن ته شاهد آفريدي، احسان عادل ۽ احمد شهزاد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته بلاول ڀٽي مهانگو بالر ثابت ٿيو ۽ هن 10 اوورن ۾ 93 رنسون ڏنيون ۽ ڪابه وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو  ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندڙ ڪين وليمسن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

پاڪستان خلاف روز ٽيلر جي شاندار بيٽنگ، ون ڊي ڪيريئر جي 12 هين سينچري ٺاهي ورتي

نيپئر (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر روز ٽيلر پاڪستان خلاف ٻي ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 12 هين سينچري ٺاهي ورتي. هن پاڪستان خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 12 هين سينچري اسڪور ڪئي. هن پاڪستان خلاف 102 رنسون ٺاهيون. گذريل ڏينهن مڪلين پارڪ نيپئر جي جاءِ تي کيڏيل ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪيويز آل رائونڊر اهو اعزاز حاصل ڪيو.