تازيون خبرون

Daily Archives: January 31, 2015

ڪورم پورو نه هجڻ تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي، قانون کي ٿڏو هڻي اجلاس ملتوي ڪيو ويو: ايم ڪيو ايم

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ڪورم پورو نه هجڻ تي سنڌ اسيمبلي جو اجلسا سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسيمبلي اجلاس ملتوي ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو،  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 10 بجه شروع ٿيڻو هو جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اسيمبلي ۾ پهتو ته صرف 3 ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر  تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن اجلاس کي ملتوي ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ايم اڪيو ايم اڳواڻ سردار احمد چيو ته اڄ نه پهرين گهنٽي وڄائي وئي نه ٻئين، آئين مطابق اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو غلط آهي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چي وته ڪورم پورو ڪرڻ حڪومتي مميبرن جو ڪم آهي  سنڌ اسيمبلي جي قانون کي ٿڏو هڻندي اجلاس ملتوي ڪيو ويو خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت فرار واري راهه اختيار ڪئي آهي اسان پنهنجا مطالبا ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ اٿارينداسين.

 

ڪراچي جي واپارين کي ڌمڪيون ڏيڻ سازش آهي، پيٽرول جي قيمت 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي، حڪمران عوام کي ريليف ڏيڻ بدران واڌو سرچارج لڳائي رهيا آهن، سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن کڻي وڃي رهيو آهيان، ملڪ ۾ انصاف کي مذاق بنايو ويو آهي، ڪراچي جي واپاري برادري سان گڏ آهيون، درٻاري ناهيون نواز شريف پاڻ سوالن جو جواب ڏئي، سروي ڪرائي وٺو خيبر پختونخوا ۽ پنجاب پوليس ۾ فرق آهي. بني گالا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن شڪارپور سانحي ۽ ڪراچي ۾ واپارين کي ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي جي واپارين کي ڌمڪيون ڏيڻ سازش آهي، ان تي ايم ڪيو ايم جي مذمت ڪريان ٿو، اسان ڪراچي جي واپارين سان گڏ بيٺا آهيون. عمران خان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي ڪري عوام کي لُٽيو پيو وڃي، لهذا پيٽرول جي قيمت ۾ 0 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي. حڪمران عوام کي ريليف ڏيڻ بدران واڌو سرچارج لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن کڻي وڃي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي، ملڪ ۾ بادشاهت آهي يا جمهوريت. هن چيو ته شڪارپور سانحي سبب هاڻي گهڻي ڳالهه نه ڪندس. هن چيو ته درٻاري ناهيون پر نواز شريف پاڻ منهنجي سوالن جو جواب ڏئي، اهو ٻڌائي ته سندس ٻارن وٽ ايڏو پئسو ڪٿان آيو. سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي يا نه ان تي مشاورت جاري آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب پوليس ۾ فرق واضح آهي، ان ڏس ۾ سروي ڪرايو وڃي ته ڪي پي ڪي جي پوليس غير سياسي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيستائين پوليس غير سياسي نه ٿيندي اُتي امن امان قائم نه ٿيندو.

 

ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي، 0 1 دهشتگرد مارجي ويا، 9 1 سوگها، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ

ڊيرا اسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي 3 ڏينهن کان جاري آپريشن ۾ 0 1 دهشتگرد مارجي جڏهن ته 9 1 گرفتار ڪيا ويا. تفصيل موجب 3 ڏينهن پهريان ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ اطلاع مليو هو ته ڪيترائي دهشتگرد ڪالوني ۾ داخل ٿيا آهن جنهن تي مسجد ۾ اعلان به ڪيا ويا هئا، جنهن تي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو. 3 ڏينهن تائين جاري رهندڙ آپريشن ۾ پوليس ڪامياب ٿيندي 0 1 دهشتگردن کي مقابلي بعد ماري ڇڏيو جڏهن ته 9 1 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا. دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته هڪ گهر مان ڇاپو هڻي دهشتگردن جي گُر هاشم کي به گرفتار ڪيو ويو

 

ڪراچي جي واپاري ۽ شهرين جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن کي ڏنل ڌمڪي کانپوءِ رينجرز به متحرڪ ٿي وئي آهي. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واپارين ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي آهي. ان موقعي تي شهرين کي ڪنهن به شڪي سرگرمي جي اطلاع رينجرز هيلپ لائين 1101 تي ڏيڻ جو چيوويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته واپارين ۽ شهرين جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن بنا فرق جاري رکيو ويندو.

 

بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ هاڻ بالي وُڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي تي فلم ٺاهي پئي وڃي

ممبئي(شوبز نيوز)بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ هاڻ بالي وُڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي تي فلم ٺاهي پئي وڃي، فلم ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ اداڪاره وديا بالن جو نالو سامهون آيو آهي في الحال وديا بالن اسڪرپٽ پڙهي رهي آهي جنهن کانپوءِ ئي هوءَ اهو فيصلو ڪري سگهندي ته ان کي هي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي يا نه

 

شاهه رخ خان ۽ ڪترينا ٻيهر گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز)هدايتڪار روهٽ شيٽي پنهنجي نئين فلم ۾ جب تڪ هي جان جي جوڙي کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ڪري رهيو آهي فلم ۾ ورون ڌون شاهه رخ خان جو ڀاءُ بڻجندي جڏهن ته ڪترينا بالي وُڊ جي بادشاهه سان رومانس ڪندي نظر ايندي فلم جي شوٽنگ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي شاهه رخ خان هنن ڏينهن ۾ منيس شرما سان فلم فين جڏهن ته ڪترينا ڪيف فلم فتور جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.

 

ڪرينا ڪپور جي انڪار تي جيڪولين فلم ۾ اظهرالدين جي زال جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم ڪڪ مان شهرت حاصل ڪندڙ سريلنڪن اداڪاره جيڪولين فرنينڊس هاڻ ڀارت جي مشهور ڪرڪيٽر محمد اظهرالدين جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ ان جي گهرواري اڳوڻي ماڊل ۽ اداڪاره سنگيتا بجلاڻي جو ڪردار ادا ڪندي، ڀارتي رپورٽرن مطابق اظهرالدين جي ان بائيوپڪ ۾ اداڪاره ڪرينا ڪپور جي ڪم ڪرڻ کان انڪار کانپوءِ هاڻ هدايتڪار اداڪاره جيڪولين فرنينڊس کي ڪاسٽ ڪري ورتو آهي  سريلنڪن اداڪاره جيڪولين فرنينڊس هاڻ فلم ۾ محمد اظهرالدين جي گهرواري سنگيتا بجلاڻي جو ڪردار اد اڪندي

 

پاڪستان مخالف مواد سبب ڀارتي فلم ”بيبي“ ۾ ڪم ڪرڻ انڪار ڪيو: حمزه علي عباسي

ڪراچي(شوبز نيوز)اداڪاره حمزه علي عباسي چيو آهي ته ان کي به بالي ووڊ فلم بيبي ۾ ڪم جي پيشڪش ٿي پر پاڪستان مخالف مواد هجڻ سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي پيغام ۾ حمزه علي عباسي جو چوڻ هو ته مان ان ڳالهه جي حق ۾ آهيان ته پاڪستاني اداڪارن کي ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي پر ڪنهن اداڪار کي پاڪستان مخالف فلم ۾ ڪم نه ڪرڻ گهرجي حمزه علي عباسي جو چوڻ هو ته ان کي به گذريل سال ڀارتي فلم بيبي ۾ ڪم جي پيشڪش ٿي هئي پر پاڪستان مخالف هجڻ سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

 

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميلي ۾ باقي13 ڏينهن بچيا، ڀارتي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي

سڊني/واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جي ميلي ۾ باقي 13ڏينهن بچيا آهن. ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو 14 فيبروريءَ کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور شروع ٿيندو، ڀارتي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ 13 ڏينهن رهجي ويا. تفصيل مطابق آءِ سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي، ورلڊ ڪپ جو ميلو ويلن تائن ڊي 14 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. آءِ سي سي مطابق ڪرڪيٽ تي ايندڙ 4 سال جيڪا به ٽيم حڪمراني ڪندي ان تي انعامن جي بارش ٿيندي. سڀئي ٽيمون ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل لاءِ وڏا وڏا خواب اکڙين ۾ سمائي ڇڏيا آهن. 2015ع ۾ ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽندڙ ٽيم کي آءِ سي سي 48 لک ڊالر جي انعامي رقم ڏيندو. رنر اپ کي 25 لک، سيمي فائنلز ۾ هارائيندڙ ٽيمن کي 7 لک 66 هزار ۽ ڪوارٽر فائنلسٽ کي 3 لک 83 هزار ڊالر ملندا. ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اَي جي ٽيم سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروريءَ تي هڪٻئي خلاف ايڊيليڊ اوول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وٽ ميزبان هئڻ سبب ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي پر ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ سريلنڪا به ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ مضبوط اميدوار آهن

 

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2015ع جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم لاءِ نئون گانو متعارف

لاهور(اسپورٽس نيوز): ڪوڪ اسٽوڊيو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2015 جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم لاءِ نئون گانو متعارف ڪرايو ڦرسي گيم اٺادين نالي اهو گانو رليز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ شريڪ ڪيترن ئي فنڪارن جي آوازن کي استعمال ڪيو ويو آهي ان کي 1992 جي ورلڊڪپ دوران پاڪستان جي جذبي جي نالي ڪيو ويو هو پاڪستان جي ڪرڪيٽ تاريخ جو سنهرو دور هو. جڏهن گرين شرٽ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ٽرافي کنئي هئي عاطف اسلم فيصل ڪباڊيا اسرار ۽ جمي خان جون آوازون ان گاني لاءِ استعمال ٿيون آهن جڏهن ته ان جي وڊيوز ۾ ڪيترائي فنڪار جهڙوڪ آمنا شيخ، عدنان صديقي، ۽ عدنان ملڪ ۽ ٻيا شامل آهن.