تازيون خبرون

Daily Archives: January 24, 2015

پوري ملڪ ۾ 0 2  ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي: رپورٽ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان سرڪاري طور تي پهريون ڀيرو انگ اکر جاري. جمعي ڏينهن قومي پلان تي عملدرآمد بابت جاري سرڪاري انگ اکرن موجب هيستائين پوري ملڪ جي جيلن ۾ سنگين ڏوهارين ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ 0 2  ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. رپورٽ موجب پنجاب نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻين صوبن کان اڳتي آهي، پنجاب ۾ هيستائين 4 1 ، سنڌ ۾ 5  ۽ خيبر پختونخوا ۾ هڪ ڏوهي کي ڦاهي ڏني وئي. سرڪاري انگ اکرن موجب قومي لائحه عمل جي اعلان بعد پنجاب ۾ 7 8 4 5 ، سنڌ ۾ 2 2 3  جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ 3 2 2 1  سرچ آپريشن ڪيا ويا، وفاقي گادي واري هنڌ حڪومت اسلام آباد ۾ 5 7 2  ۽ بلوچستان ۾ 2 1  سرچ آپريشن ڪيا ويا. رپورٽ موجب پنجاب ۾ 1 9 5 3 3  ڄڻن جي مختلف چيڪ پوسٽن تي تلاشي ورتي وئي. ڪي پي ڪي ۾ 7 8 8 2 ، بلوچستان ۾ 0 2 ، اسلام آباد ۾ 4 8 4  ڄڻن جي تلاشي ورتي وئي، پنجاب ۾ 8 5 9 ، سنڌ ۾ 4 4 2 ، ڪي پي ڪي ۾ 4 3 2 ، اسلام آباد ۾ 5 3 2  ۽ بلوچستان مان 8 8 1  ڄڻن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي. سرڪاري انگ اکرن موجب نفرت انگيز تقريرون ڪندڙ پنجاب ۾ 6 3 4 ، خيبر پختونخوا ۾ 7 1  ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي، پنجاب ۾ نفرت انگيز تقريرن تي 9 2 3  ۽ ڪي پي ڪي ۾ 0 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. لائوڊ اسپيڪر جي بي جا استعمال تي پنجاب ۾ 7 3 8 2  ڪيس داخل ڪندي 1 7 4 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ لائوڊ اسپيڪر جي بي جا استعمال تي 4 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، نفرت انگيز مواد تي پنجاب ۾ 1 4  دڪانن کي بند ڪيو ويو

 

ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، انگ 370 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي،وڌيڪ چئن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو 5 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 370 ٿي ويو. سول اسپتال مٺي ۾ ٽن ڏينهن جو ٻارڙو ۽ ڳوٺ فيض ڀنڀرو جي رهواسي ديارام ڪولهي جو 22 ڏينهن جو نريش فوت ٿي ويو. ڇاڇري جي ڳوٺ رتن جي ڌاني ۾ 7 ڏينهن جي ٻارڙِي بشيران سميجو ۽ ڳوٺ بــَچــُو جو تر ۾ پنجن مهينن جو شاهه نواز رند دم ڏنو. سول اسپتال مٺيءَ ۾ هن وقت هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن،جڏهن ته اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ڇاڇري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ پڻ ڪيترن ئي ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ چئن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد هڪ سئو 15 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 370 ٿي ويو آهي.

 

ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري الطاف حسين جي مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري الطاف حسين جي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي، انڪري ٻيو ڪو نظام اچڻ کپي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي،جنهن سان عوام کي ڪجهه به ناهي مليو. هن چيو ته هــُو سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري متحده سربراهه الطاف حسين جو مطالبو صحيح آهي. ارباب غلام رحيم چيو ته مارڪٽ وارو زمانو هاڻي گذري ويو، هــُو سنڌ حڪومت جي ڀرپور مخالفت ڪندا. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ کي به جمهوري طريقي سان نه ٿو هلايو وڃي، اسپيڪر کين ڪمند جي معاملي تي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اپوزيشن طرفان ڌار ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا سموريون حقيقتون سامهون آڻيندي. ارباب غلام رحيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته خورشيد شاهه، رحمان ملڪ، راجا پرويز اشرف ۽ اويس مظفر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڻس ملاقاتون ڪيون، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

 

عمران خان جي عبادت الله تعاليٰ لاءِ آهي، پرويز رشيد لاءِ نه: تحريڪ انصاف شيرين مزاري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پرويز رشيد جي الزامن ۽ بيانن تي موقف ڏيندي ترجمان جو چوڻ هو ته آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ بيان بازي ڪرڻ پرويز رشيد جي عادت آهي، عمران خان جون عبادتون الله تعاليٰ لاءِ آهن پرويز رشيد لاءِ نه تحريڪ انصاف جي ترجمان شيرين مزاري اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي عبادت الله لاءِ آهي، پرويز رشيد لاءِ نه آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ بيان بازي ڪرڻ پرويز رشيد جي عادت آهي ترجمان چيو ته پرويز رشيد جو اطلاعات وارو وزير بڻجڻ پاڪستاني سياست جو الميو آهي، پرويز رشيد عمران جي پريس ڪانفرس تي نه ڪم تي ڌيان ڏئي.

 

بالي ووڊ جي مشهور جوڙي شاهه رخ ۽ ڪاجول ٻيهر گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور رومانوي فلمي جوڙي اداڪار شاهه رخ خان ۽ ڪاجول هاڻ ڊائريڪٽر روهت شيٽي جي نئين فلم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رومانس ڪندي نظر ايندا شاهه رخ ۽ ڪاجول ان کان اڳ 2010ع ۾ ايندڙ فلم مائي نيم از خان ۾ گڏ نظر آيا هئا هاڻ اطلاع آهن ته هي ٻئي هاڻ روهت شيٽي جي ايندڙ فلم جنهن جو اڃان نالو ناهي رکيو ويو ۾ گڏ ٻيهر مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا، 2013ع ۾ چنائي ايڪسپريس فلم جي ڪاميابي کانپوءِ روهت شيٽي ٻيهر شاهه خان سان گڏ فلم ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان نئين فلم ۾ شاهه رخ سان گڏ ورون ڌون به مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو.

 

ميڊونا جو ڪمپيوٽر هيڪ ڪندڙ اسرائيلي شهري گرفتار

نيويارڪ(شوبز نيوز)مشهور ڳائڻي ميڊونا جو ڪمپيوٽر هيڪ ڪندڙ شڪي اسرائيلي شهري پڪڙجي پيو، جوابدار جي گرفتاري تي ميڊونا هڪ پيغام ۾ چيو ته هو ايف بي آءِ، اسرائيلي پوليس ۽ انهن سمورن ماڻهن جي شڪرگذار آهي جن هيڪر کي پڪڻ ۾ مدد ڪئي، هن ان سلسلي ۾ پنهنجن مداحن جي ڪوشش کي به ساراهيو، ميڊونا جي ڪمپيوٽر کي اسرائيلي شهري هيڪ ڪري ان جي ايندڙ البم ريبل هارٽ جا اڻپورا گانا انٽرنيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا هئا 2013ع ۾ مشهور ڳائڻي ليڊي گاگا کي به اهڙي ئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو.

 

پاڪستان ڄائي اسد شان جي فلم ويلڪم ٽو لنڊن جي رليز جون تياريون

لاهور(شوبز نيوز)مسٽر ايشيا يوڪي جو خطاب حاصل ڪندڙ پاڪستان ڄائي اسد شان جي هيرو طور فلم ويلڪم ٽو لنڊن کي پاڪستان ۾ رليزڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ووين فلم کي پوري ملڪ ۾ 30 جنوري کان نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو فلم جي ڪاسٽ ۾ اسد شان کا علاوه ثبيقه امام، ٽم هاءِ برڊ، علي اڪبر ڪيمپ والا، جاويد خان، سنديب گرچا، روب ٿرون، موسيٰ احمد، ڪريگ ولسڪي ۽ ڊيوريوو شامل آهن جڏهن ته فلم جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر جا فرض اسد شان سرانجام ڏنا آهن.

 

بالي ووڊ فلم ڊولي ڪي ڊولي اڄ ريليز ڪئي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ڊولي ڪي ڊولي اڄ ريليز ڪئي وئي آهي . اداڪار ارباز خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي ڊولي نالي هڪ اهڙي چور جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا شادين جا چڪر ڏئي گهوٽيتن کي لٽي ٿي ۽ روپوش ٿي وڃي ٿي هن فلم ۾ ڊولي جو ڪردار انيل ڪپور جي ڌيءِ  سونم ڪپور  ادا ڪري رهي آهي جيڪا ئي اصل چور آهي هن فلم ۾ ملائيڪا اروڙا خان جو آئٽم سونگ پڻ شامل ڪيو ويو آهي ڏسو ته ڊولي صاحبه ڪيئن ٿي ماڻهن کي لٽي چٽ ڪري ۽ ڇا پوليس کيس پڪڙي سگهندي يا نه اهو ته فلم ڏسي خبر پوندي.

 

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 14 فيبروري کان شروع ٿيندو

سڊني/واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع 14 فيبروريءَ کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو، ڀارت جي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ۾ 22 ڏينهن رهجي ويا. تفصيل مطابق آءِ سي ن ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي، ورلڊ ڪپ جو ميلو 13 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. آءِ سي سي مطابق ڪرڪيٽ تي ايندڙ 4 سال جيڪا به ٽيم حڪمراني ڪندي ان تي انعامن جي بارش ٿيندي. سڀني ٽيمن ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل لاءِ وڏا وڏا خواب اکڙين ۾ سمائي ڇڏيا آهن. 2015ع ۾ ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽندڙ ٽيم کي آءِ سي سي 48 لک ڊالر جي انعامي رقم ڏيندو. رنر اپ کي 25 لک، سيمي فائنلز ۾ هارائيندڙ ٽيمن کي 7 لک 66 هزار ۽ ڪوارٽر فائنلسٽ کي 3 لک 83 هزار ڊالر ملندا. ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اَي جي ٽيم سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاهي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروريءَ تي هڪٻئي خلاف ايڊيليڊ اوول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وٽ ميزبان هئڻ سبب ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي پر ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ سريلنڪا به ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ مضبوط اميدوار آهن.

 

سري نواسن ڪرپشن ۾ ملوث، بي سي سي آءِ جي اليڪشن وڙهڻ تي پابندي لاڳو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي 6 هفتن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي موجوده چيئرمين اين سري نواسن کي ان وقت تائين چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جيستائين سندس آءِ پي ايل ۾ ڪاروباري مفاد آهن. عدالت انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۽ سٽي بازي جي الزامن واري 18 مهينا پراڻي مامري ۾ چنئي سپر ڪنگز جي عهديدار گروناٿ ميپن ۽ راجستان رائلز جي شريڪ مالڪ راج ڪندرا کي سٽي بازي جو به ڏوهي قرار ڏنو، سپريم ڪورٽ چيو ته بي سي سي آءِ جي سرگرمي عوامي ڪم آهن ۽آرٽيڪل 226 تحت ان جو جائزو وٺي سگھجي ٿو. اعليٰ عدالت گروناٿ ميپن جي سهري ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي صدر اين سري نواسن کي پنهنجي نياڻي کي بچائڻ ۽ ان جي قدمن کي لڪائڻ جي الزامن مان ته آزاد ڪري ڇڏيو، پر چيو ته هو مفادن جي ٽڪراءَ جي ڪري هِن وقت تائين بي سي سي آءِ جي ايندڙ اليڪشن نه وڙهي سگھندو جيستائين هو آءِ پي ايل مان پنهنجا ڪاروباري مفاد الڳ نه ٿو ڪري. سري نواسن جي ڪمپني ”انڊيا سيمنٽس“ چنئي سوپر ڪنگز جو مالڪ آهي ۽ سٽي بازي جو ڏوهاري قرار ڏنل ميپن گورناٿ ان ٽيم جي انتظاميا ۾ شامل هئو. ڪيس جي درخواست گذار آدتيه ورما خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بي سي سي آءِ کي ايندڙ ڇهن هفتن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ نالو کڻي اين سري نواسن جي چونڊون نه وڙهڻ تي پابندي هنئي آهي. جڏهن ته ڀارتي سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو،  130 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو تعلق عوام سان آهي، تنهنڪري ايڏي وڏي مامري تي خاموشي اختيار نٿي ڪري سگهجي. فيصلي موجب گروناٿ ۽ راج ڪندرا سٽيبازي ۽ ميچ فڪسنگ ۾ ملوث آهن. عدالت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي حڪم ڏنو آهي ته معاملي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. جڏهن ته عدالت مستقبل ۾ بي سي بي (ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ) آءِ پي ايل لاءِ ٽيمون خريد ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.  واضح رهي ته 2013ع ۾ آءِ پي ايل ۾ ميچ فڪسنگ ۽ سٽيبازي جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو هو، جنهن تي بورڊ جي سربراهه شري نواسن کي هٽايو ويو هو