تازيون خبرون

Daily Archives: January 17, 2015

مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، انگ 45 ٿي ويو

مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن هلندڙ مهيني مختلف علائقن ۾ ٻارن سميت موت جو تعداد 45 ٿي ويو آهي ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال اڃان به برقرار آهي، اسلام ڪوٽ،ننگر پارڪر، ڇاڇرو ۽ مٺي سميت ٻين علائقن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي کانپوءِ هاڻ ٿڌ ۾ اضافي ٿري ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ٿڌ ۾ اضافي سبب ٻارن ۾ بيماري جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب آئي ڏينهن ڪيترين ئي مائرن جون هنجون اجڙي رهيون آهن، صحت کاتو ته ڏڪار سٽيل علائقن ۾ موجود اسپتالن ۾ اثرائتي طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آحي پر حقيقت بلڪل ان جي برعڪس آهي جيڪڏهن ڏڪار متاثرن جي علاج لاءِ اسپتالن ۾ سهولتون هجن ها ته شايد قيمتي جانين جو نقصان نه ٿئي ها.

 

لاڙڪاڻي ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا باءِ پاس وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 27 سالن جو نبي بخش شاهه ولد پريل شاهه دماغ ۽ منهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪوڙل کوکر سخت زخميٿي پيو. جنهن کي حد جي ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ۽ فوت  ٿي ويل نبي بخش شاهه جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس واثن حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب مقتول نبي بخش شاهه جو تعلق خير پور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ حاجي سومر شاهه سان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو نئون ديرو مان موٽر سائيڪل تي پنهنجي دوست ڪوڙل کوکر سان گڏ واپس اچي رهيو هو ته ماهوٽا باءِ پاس وٽ روڊ تي سندس جي موٽر سائيڪل اڳيان اوچتو ٻارڙي جي سامهون اچڻ تي تڪڙي بريڪ لڳائڻ سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي، جنهن سبب اهڙو واقعو پيش آيو.

 

حقاني نيٽورڪ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خبر کي ڀليڪار چئون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته حقاني نيٽورڪ ۽ ٻين انتهاپسندي تنظيمن تي پابندي جي خبر خوشي جوڳي ڳالهه آهي، ان سان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون روڪڻ ۾ مدد ملندي، واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي ترجمان ميري هارف چيو ته حقاني نيٽورڪ ۽ وڌيڪ 10 يا 11 انتهاپسند تنظيمن تي پابندي سان دهشتگردي تي قابو آڻڻ ۾ مدد ملندي، جان ڪيري جي پاڪستاني دوري جي موقعي تي پاڪستاني اختيارين دهشتگردي جي خاتمي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته آمريڪا، پاڪستان سان سيڪيورٽي پارٽنرشپ ۾ اضافو چاهي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ ميري هارف چيو ته پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي پاڪستاني حڪومت تي واضه ڪري چڪا آهيون ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪرڻيون پونديون، ڇوته اهي پاڪستان عوامي لاءِ خطرو آهن پاڪستاني عوام کان وڌيڪ شايد ئي ڪو دهشتگردي جو نشانو بڻيو هجي.

 

دهشتگردي خلاف جنگ هر حال ۾ کٽڻي پوندي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ هر حال ۾ کٽڻي پوندي ناڪامي جو ڪوبه آپشن ناهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ وزيراعظم ان ۾ سنجيده ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ۾ فوج ۽ حڪومت گڏ آهن هي وقت عدليه تي تنقيد جو ناهي، هن جو چوڻ هو ته گستاخاڻن خاڪن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي يوسف رضا گيلاني ٻئين شادي تي عمران خان کي مبارڪباد به ڏني.

 

مان هڪ سپر اسٽار بجاءِ صرف اداڪار طور پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ چاهيان ٿو: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته سپر اسٽار جو ٽيگ لڳائڻ مون کي بلڪل پسند نه آهي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان ڪنهن مخصوص طرح جون فلمون نه ٿو ڪرڻ چاهيان ۽ هن وقت تائين اهڙو ڪيو به ناهي، هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته اڄ تائين ڪنهن مون کان اهو نه پڇيو ته مان صرف فلمن ۾ هڪ ئي طرح جو ڪردار ڇو ڪري رهي آهيان، هن چيو ته مان هڪ سپر اسٽار بجاءِ صرف هڪ اداڪار جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته هن وقت دهشتگردي هڪ وڏو ايشو آهي، ۽ هر ملڪ کي ان سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اسان سڀني کي ان مسئلي سان سنجيدگي سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ منهنجي ايندڙ فلم بي بي به انهي موضوع تي آهي، هن چيو ته ان فلم ۾ اسان جو 28 ماڻهن تي ٻڌل هڪ گروپ هوندو آهي جنهن جو واحد مشن دهشتگردي کي ختم ڪرڻ هوندو آهي.

 

جيا پرادا بي جي پي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)ماضي جي مشهور اداڪاره ۽ لوڪ سڀا جي اڳوڻي پارليامينٽ مميبر اداڪاره جيا پرادا ايندڙ مهيني دهلي جي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ عام آدمي پارٽي جي سربراهه اروند ڪيجريوال خلاف اليڪشن وڙهندي جيا 70 ۽ 80 وار ي ڏهاڪي ۾ تيلگو ۽ هندي فلمن ۾ پهرئين نمبر جي اداڪاره رهي چڪي آهي ان کان پهريان تيلگو ديشم پارٽي ۽ سماج وادي پارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪيترائي ڀيرا لوڪ سڀا جي ميمبر پڻ چونڊي آهي.

 

بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي فلمي مصروفيتن مان وقت ڪڍي دبئي رواني

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي فلمي مصروفيتن ۾ شاپنگ لاءِ وقت ڪڍي ورتو. ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي فلمي مصروفيتن مان وقت ڪڍي دبئي رواني ٿي جتي هن ٻه ڏينهن شاپنگ ڪئي. اداڪاره جو چوڻ آهي ته هن کي تمام گهڻو مزو آيو. هن پنهنجي شاپنگ سان گڏ پنهنجي گهر وارن لاءِ پڻ تحفا خريد ڪيا.

 

بالي ووڊ جي هارر فلم ”اَلون“ سڄي دنيا ۾ رليز ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي هارر فلم ”اَلون“ سڄي دنيا ۾ رليز ٿي وئي آهي. فلم جي مک ڪاسٽ ۾ بپاشا باسو ۽ نئون اداڪار ڪرن سنگهه گروور شامل آهن. نائينٽين ٽوئنٽي اِيول ريٽرنس ۽ راگني ايم ايم ايس جهڙيون فلمون ڏيندڙ فلمساز ڀوشن پاٽيل” فلم اَلون“ جي ڊائريڪشن ڏني آهي. فلم ”اَلون“ 2007ع ۾ ساڳي ئي نالي سان آيل ٿائي فلم جي ڪاپي آهي. فلم جي موسيقي ناليواري موسيقار ۽ گلوڪار اَنڪت تِواري ۽ مِٿون ڏني آهي. فلم جي ڪهاڻي جاڙين ڀينرن تي ٻــَڌل آهي، جيڪي سڄي عمر گڏ رهڻ جو وچن ڪن ٿيون پر هڪ ڀيڻ مرڻ کانپوءِ پنهنجي ٻي ڀيڻ کي آتما بڻجي ڊيڄاريندي رهي ٿي.

 

ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي ميلي ۾ باقي 28 ڏينهن، ڀارتي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي

ميلبورن/ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ميزباني هيٺ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع 14 فيبروريءَ کان شروع ٿيندو. ڀارت جي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ باقي 28 ڏينهن رهجي ويا آهن. تفصيل مطابق آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. ورلڊ ڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلنڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ورلڊ ڪپ ايونٽ ۾ سڄي دنيا مان ڪرڪيٽ جون 14 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ، جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروريءَ تي گروپ اي جي ٽيم مان سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۽ گروپ بي مان انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ ۾ 37 ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون، جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي ميزباني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ گڏيل طور تي ڪندا.

 

قومي سائيڪلنگ چيئمپن شپ 13 فيبروريءَ کان شروع ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سائيڪلنگ فيڊريشن جي انتظام هيٺ قومي سائيڪلنگ چيمپئن شپ 13 فيبروريءَ کان شروع ٿيندي. پاڪستان سائيڪلنگ فيڊريشن جي سيڪريٽريءَ مطابق پهرين مرحلي۾ پشاور کان واه ڪينٽ تائين سائيڪلنگ ريس 13 فيبروري، ٻئي مرحلي ۾ ايبٽ آباد کان نٿياگلي سائيڪلنگ ريس 14 فيبروري، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ اسلام آباد کان مري تائين قومي سائيڪلنگ ريس 15 فيبروري تائين منعقد ٿيندي.