تازيون خبرون

Daily Archives: January 16, 2015

ڪراچي ۽ لاهور ۾ 2 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي

اسلام آباد(بيورو) لاهور ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 ڏوهارين کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ڦاهي ڏنل ڏوهارين جو تعداد 19 ٿي ويو آهي. پي ٽي وي جي رپورٽ مطابق حڪومت طرفان موت جي سزا تان پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڦاهي جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن لاهور ۽ ڪراچيءَ جي جيلن ۾ وڌيڪ 2 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ڦاهي ڏنل ڏوهارين جو تعداد 19 ٿي ويو آهي. لاهور ۾ زاهد عرف زادو کي ملتان ۾ آءِ ايس آءِ غلام رسول سميت 2 ڏوهارين کي قتل ڪرڻ جڏهن ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ محمد سعيد تي الفلاح ٿاڻي جي ڊي ايس پي صادق حسين شاهه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي.

 

ڪراچي بس حادثي جي ذميوار ائل ٽينڪر ڊرائيور گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ حادثي جي ذميوار آئل ٽينڪر پاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي المناڪ حادثي ۾ 70 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا پوليس ته گرفتار نه ڪري سگهي ڊرائيور پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتاري ڏيڻ کان پهريان آئل ٽينڪر ڊرائيور محمد حنيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي ڪئي تي شرمنده آهيان ان لاءِ پنهنجي گرفتاري ڏني، پوليس 4 ڏينهن کان آئل ٽينڪر جي ڊرائيور کي گرفتار  ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي ڊرائيور ٻڌايو ته آئل ٽينڪر جو ٽائر ڦاٽڻ سبب بس جي سامهون اچي ويو ۽ حادثو ٿيو ڊرائيور ٻڌايو ته بس ۾ باهه لڳندي ڏسي گهٻرائجي ويو هوس، ان لاءِ فرار ٿي ويس، پر 3 ڏينهن کان سمهي نه سگهيس منهنجا ٻار به پريشان رهيا ته هي ڇا ٿي ويو، محمد حنيف جو چوڻ هو ته حادثي کانپوءِ بس جو دروازو کوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو لاڪ اهو ان لاءِ کلي نه سگهيو.

 

لوئر اورڪزئي: ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا، 13 زخمي

لوئر اورڪزئي(م.ڊ) ڊولي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجڻ سبب ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا، لوئر اورڪزئي ايجنسي جي علائقي ڊولي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا امدادي ٽيمن جي اهلڪارن زخمين کي فوري طور تي وجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري فوتگي ۾ اضافي جو خدشو آهي، زخمين کي هنگامي بنيادنتي طبي امداد ڏني پئي وڃي

 

ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ نامزد ملا فضل الله سميت 8 جوابدار اشتهاري قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس جي فرار جوابدارن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله سميت ٻين 8 جوابدارن کي اشتهاري قررا ڏيندي فوري گرفتاري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج بشير احمد کوسو ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پوليس طرفان رپورٽ پيش ڪئي وي جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ نامزد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله ۽ ترجمان شاهد الله شاهد سميت 8 جوابدارن جو ڪو پتو ناهي ۽ هو اڃان تائين فرار آهن جڏهن ته رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملا فضل الله ۽ شاهد الله شاهد سهراب ڳوٺ جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ڪافي عرصي تائين رهيل هئا جڏهن ته هاڻ اتان فرار ٿي چڪا آهن، عدالت پوليس جي رپورٽ جي روشني ۾ ملا فضل الله ۽ شاهد الله شاهد سميت 8 جوابدارن ممتاز اعواڻ، عالم شير، عبدالرشيد صديقي، اختر پلمبر، اقبال ٺيڪيدار ۽ عبدالله بلوچ کي اشتهاري قرار ڏيندي اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

ڀارتي سپريم ڪورٽ سلمان خان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

نئين دهلي(شوبز نيوز)ڀارت جي سپريم ڪورٽ غير قانوني طور شڪار جي ڏوهه ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ڏنل سزا خلاف راجسٿان هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي سپريم ڪورٽ راجسٿان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس جي پاڻمرادي ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ سلمان خان کي چيو ته جيڪڏهن ان لاءِ پرڏيهه سفر ڪرڻ ضروري آهي ته هو راجسٿان هاءِ ڪورٽ سان ان حوالي سان رابطو ڪري سگهي ٿو عدالت کي درخواست ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن ان جي سزا تي عملدرآمد نه روڪيو ويو ۽ ان کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ته ان کي تمام گهڻو نقصان پهچندو.

 

نئين هالي ووڊ فلم ”ڪنگز مين دي سيڪريٽ سروس“ جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز): جاسوسي فلمن جي شوقين ماڻهن لاءِ هالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم ”ڪنگز مين سي سيڪريٽ سروس“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي جاسوسي ڪامڪ بڪ ”دي سيڪريٽ سروس“ تي ٺهيل هن فلم جي ڪهاڻي هڪ تجربيڪار خفيه ايجنٽ جي آهي جيڪو هڪ نوجوان جاسوس جي مدد ڪري ٿو فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ ٽيرن ايگرٽن، ڪولن فرٿ، مائيڪل ڪين ۽ سيميول ايل جيڪسن شامل آهن فلم ڪنگز مين دي سيڪري سروس 13 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

اداڪار ميرا جي نئين پشتو فلم ”د پختون دبئي ده” جون نمائش جون تياريون مڪمل

لاهور(شوبز نيوز) اداڪار ميرا جي نئين پشتو فلم ”د پختون دبئي ده” جون نمائش جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. فلم جي پروڊ:وسر حاجي شفيق هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته هن هدايتڪار ارشد خان سان گڏجي فلم ٺاهي آهي. فلم ۾ ميرا، شاهد خان، صوبه خان ۽ ٻين فنڪارن ڪم ڪيو آهي. اها فلم وڏي بجيٽ جي فلم آهي. حاجي شفيق ماضي ۾ ”زخمي عورت” ”مسلمان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون ٺاهي چڪو آهي.

 

پريانڪا چوپڙا چئن منٽن جي پرفارمنس تي هڪ ڪروڙ 25 لک ڪمايا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ادڪار پريانڪا چوپڙا ايوارڊ شو ۾ چار منٽ جي پرفارمنس ڪري هڪ ڪروڙ 25 لک روپيا ڪمائي ورتا، ممبئي جي فلم سٽي اسٽوڊيو ۾ اسٽار گلڊ ايوارڊ جو ميلو سجيو جنهن ۾ سڀ کان مهانگي پرفارمنس بالي ووڊ جي اداڪار پريانڪا ڪئي، پريانيڪا چوپڙا کي چار منٽ جي پرفارمنس جو معاوضو هڪ ڪروڙ 25 لک روپيا ادا ڪيو ويو، هن  پنهنجي فلم غنڊي جي گاني تي پرفارم ڪيو، بالي ووڊ ذريعن موجب ان شو کان پوءِ اداڪاره ايوارڊ شو جي سڀ کان مهانگي ترين اداڪاره بڻجي وئي آهي.

 

عالمي ڪپ ۾ سعيد اجمل جي غير موجودگي ٽيم لاءِ نقصانڪار هوندي: ظهير عباس

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايشين بريڊمين ظهير عباس چيو آهي ته سعيد اجمل ورلڊ ڪلاس اسپنر آهي. عالمي ڪپ ۾ سندس غير موجودگي نقصانڪار ثابت ٿيندي. سعيد اجمل کي غير قانوني بالنگ ايڪشن سبب اڪلهه آءِ سي سي طرفان معطليءَ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ظهير عباس چيڳو ته اجمل جي قومي ٽيم ۾ موجودگيءَ سان اسان جي بالنگ تمام گهڻي مضبوط ٿيندي پر بدقسمتيءَ ان هو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو، جڪيو ٽيم لاءِ هڪ سيٽ بيڪ آهي. هن چيو ته قومي ٽيم جا رانديگر باصلاحيت آهن جن ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

 

آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) شارجا ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ جي ٽِن ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان سري لنڪا کي 3-0 تان هارائڻ تي قومي عورتاڻي ٽيم کي پوائنٽن جي ٽيبل تي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو، پروگرام موجب هي سيريز 2017ع تي انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ويمن ورلڊڪپ ۾ نمائندگي ڏياريندي، طريقيڪار موجب اڍائي سالن ۾ سڀني ٽيمن سان پنهنجي ۽ ٻين جي سرزمين تي کيڏيل سيريز کان پوءِ ٽاپ چئن ٽيمن کي ٻن سالن کان پوءِ شيڊيولڊ ميگا ايونٽ ۾ پاڻ ئي نمائندگي ملي ويندي، فهرست ۾ سڀ کان اڳيان آسٽريليا آهي، ٻئي نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جڏهن ته ٽئين نمبر تي ويسٽ انڊيز آهي.