تازيون خبرون

Daily Archives: January 12, 2015

نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت، 15 ڄڻا زخمي

نوشهروفيروز (نمائندو) نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. درگاهه نانگو شاهه وٽ ڪوهاٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪوهيڙي سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 18 مسافر سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد ڳوٺاڻن ۽ پوليس زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو جتي 45 ورهين جي خوش رانا بيبي، 5 ورهين جي مريم ۽ 9 ورهين جو حسيب زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا. حادثي ۾ ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سول اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي سبب اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آهي، جن ۾ ۾ ڪلثوم، فاروق، رفيق، رئوف، شبانا، گل مير، سميرا، زرقا، گلزار بيبي ۽ ٻيا شامل آهن. حادثي بعد ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته پوليس گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

 

اوٿل: ڄاڃين سان ڀريل بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت

اوٿل/ڪراچي(م.ڊ) اوٿل جي علائقي ۾ ڄاڃين سان ڀريل بس اونڌي ٿيڻ سبب ٻارن سميت 6 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ليويز مطابق آچر تي اوٿل ۾ دبئي مسجد ويجهو بيله کان ڪراچي ويندڙ ڄاڃين سان ڀريل بس ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 6 ماڻهو غلام رسول، بس جو ڪنڊڪٽر شبير احمد، 4 سالن جي نسرين، 12 سالن جو نصر الله ۽ 5 سالن جي ياسمين ۽ منظور فوت جڏهن ته عورتن ٻارن سميت 18 ماڻهو رشيده زال قادر، عبدالله ولد محمد موسيٰ، علي حسن ولڊ غلام حيدر، گل جان زال غلام حيدر، عمران ولد عبدالغفور، همير ولد قادري، مير حسن ولد غلام حيدر، صدام ولد شهباز، خيرالله، عائشه، انيس، سعيد، فريد، شوڪت، عبيدالله، عاشق، عبدونه ۽ شاهينه زخمي ٿي پيون . لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال پهچايو ويو جتي 5 زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي پهچايو ويو. فوتين ۽ زخمين جو واسطو بيله سان هو. ليويز وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڏني.ا

 

تنگواڻي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان سئوٽ جي زال کي گوليون هڻي قتل، نوجوان زخمي، ڌريون مورچا بند

تنگواڻي(م.ڊ) تنگواڻي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار سئوٽ جي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو.. ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ پيارو باجڪاڻي ۾ جوابدار پپو باجڪاڻي ڪارنهن الزام هيٺ سوٽ جِي گهرواري مسمات پيروزان خاتون کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ نوجوان منصب گجراڻي به سخت زخمي ٿي پيو، واقعي کانپوءِ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو. زخمي ٿيل نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ پهچايو ويو، بعد ۾ رحيم يار خان موڪليو ويو. واقعي کانپوءِ ٻئي ڌريون مورچابند بڻجي ويون آهن.. پوليس پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تنگواڻي سول اسپتال آندو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي..

 

مظفرآباد لڳ مسافر جيپ کاهي ۾ ڪري پئي، 4 ڄڻا فوت

مظفر آباد(بيورو) سرلي سيڪٽر ويجهو مسافر جيپ کاهي ۾ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 زخمي ٿ يپيا سرلي سيڪٽر کان مظفرآباد ايندڙ مسافر جيپ تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي کاهي ۾ وڃي ڪري حادثي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن ۽ زخمين کي کاهي مان ڪڍي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

”پي ڪي“ 6 ارب روپيا ڪمائيندڙ پهرين بالي ووڊ فلم بڻجي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)پي ڪي هڪ ٻيو رڪارڊ قائم ڪري ورتو، عامر خان جي فلم پوري دنيا ۾ 600 ڪروڙ ڪمائڻ واري پهرين بالي ووڊ فلم بڻجي وئي عامر خان پي ڪي بڻجي سڀني کي ايترو متاثر ڪيو جو فلم ڏسندڙن فلم هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀير ڏٺي پي ڪي هينئر تائين پوري دنيا ۾ 600 ڪروڙ ڪمائي چڪي آهي جنهن مان سوار 3 سئو ڪروڙ صرف ڀارت ۾ ڪمايا ويا.

 

فلم ”رن آل نائٽ“ جي پهرين جهلڪ جاري ٿي وئي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ ايڪشن فلم رن آل نائٽ جي پهرين جهلڪ جاري ٿي وئي آهي، فلم جي ڪهاڙي هڪ پرائيويٽ جاسوس جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کي پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، سنسني خيز منظرن سان ڀرپور ان فلم ۾ اداڪار ليام نيسن جاسوس جي روپ ۾ نظر ايندو، ڄاڻايل فلم 17 اپريل تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي.

 

هالي ووڊ اداڪار راڊ ٽيلر 84 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار راڊ ٽيلر 84 سالن جي عمر ۾ لاس اينجلس ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سڌ سماءَ جي ذريعن جي رپورٽ موجب راڊ ٽيلر جو لاڏاڻو لاس اينجلس ۾ دل جي دوري جي نتيجي ۾ ٿيو، راڊ ٽيلر آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ پيدا ٿيو ۽ هو اداڪار جي طور تي فلم ۽ ٽيليويزن تي ڪيترائي ڀيرا نظر آيو، پر وڏي ڪاميابي کيس فلم ”دي ٽائين مشن“ جي صورت ۾ ملي، راڊ ٽيلر جي ڪٽنب ۾ سندس ڌيءَ فيليسيا ٽيلر ۽ سندس ٽين زال ڪيرل ڪيڪو مور شامل آهن

 

بالي ووڊ اداڪار امريش پوري کي مداحن کان وڇڙي 10 سال گذري ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار امريش پوري کي پنهنجي مداحن کان وڇڙي 10 سال گذري ويا، سڌ سماءَ جي ذريعن موجب امريش پوري 1932ع ۾ ڀارتي پنجاب جي علائقي جالنڌر ۾ پيدا ٿيو، هن بالي ووڊ ۾ ناڪاري ڪردار سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ جلد ئي ڀارتي فلم انڊسٽري تي راڄ ڪيو، هن بالي ووڊ ۾ ولين طور پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو پر فلم مسٽر انڊيا جي ڪردار موگيمبو کيس شهرت جي بلبندين تي پهچايو، امريش پوري رام لکن، سوداگر، ڪرن ارجن، ڪوئله، هيرو، ڦول اور ڪانٽي، ميري جنگ ۽ دل والي دلهنيا لي جائين گي جهڙين فلمن ۾ لازوال ڪردار ادا ڪيا،هن فلمي دنيا ۾ ولين طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، 12 جنوري 2005ع تي فلمي دنيا جو هي مشهور ستارو ممبئي اسپتال ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

 

ورلڊ ڪپ ۾ ٻرندڙ زنگ وڪيٽون استعمال ڪيون وينديون

دبئي (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ ٻرندڙ زنگ وڪيٽون استعمال ڪيون وينديون، ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن کي پهريائين سيڊنگ جي بنياد تي 2 پولن ۾ ورهايو ويو آهي. هر پول مان چار ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. هر ڪاميابي تي 2، مقابلو برابر ٿيڻ يا نتيجو نه نڪرڻ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندو. گروپ اسٽيج تي جيڪڏهن ٻن يا وڌيڪ ٽيمن جا پوائنٽ برابر رهيا ته اها ئي ٽيم اڳتي ويندي جنهن جو رن ريٽ بهتر هوندو. رن ريٽ تحت به مقابلو برابر ٿئي ٿو ته مقابلن جي نتيجن ۽ رن ريٽ جي گڏيل بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. اهو ئي فارمولو ڪوارٽر فائنلز ۾ به اختيار ڪيو ويندو.  واضح رهي ته اها ڳالهه اڳ ئي آءِ سي سي پاران واضح ڪئي وئي آهي ته رزرو ڊي صرف ناڪ آئوٽ ميچن لاءِ هوندا. ٽاءِ ميچن جي فصلن لاءِ سپر اوور نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن فائنل ۾ مقابلو برابر رهيو ته ٻنهي ٽيمن کي گڏيل چيمپئن قرار ڏنو ويندو. ايونٽ ڊي آر ايس جو به استعمال ڪيو ويندو

 

ٽه ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز 16 جنوري کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندي

سڊني (اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز 16 جنوري کان شروع ٿيندي، پهرين فيبروري تائين جاري رهندڙ ان ايونٽ ۾ ميزبان آسٽريليا سميت انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون شرڪت ڪنديون، افتتاحي ڏينهن آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، واضح رهي ته ايونٽ جو فائنل پهرين فيبروري تي تي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.