تازيون خبرون

Daily Archives: January 8, 2015

ٿر ۾ موت جو راڄ، وڌيڪ 5 ٻار فوت، انگ 332 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) سنڌ سرڪار جي بدترين نااهليءَ سبب ٿرپارڪر ۾ موت جو رقص اڃا جاري آهي، وڌيڪ پنجن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد بــُک ۽ بيمارين سبب 99 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 332 ٿي ويو آهي. ڏيپلو جي ڳوٺ ڪانڊيواري ڪولهي ۾ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا جن ۾ ڪرمسي ڪولهي جو پٽ هري ۽ گوو ڪولهي جي ڌيءُ جيئا شامل آهن. سول اسپتال مٺي ۾ يامين جو ٻارڙو شمشاد، سليم جي پنجن ڏينهن جي ماريا ۽ تعلقا اسپتال ڏيپلو ۾ 6 مهينن جي شازيه ڪلر دم ڏنو. وڌيڪ پنجن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد 99 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 332 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڏڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

 

سينٽرل جيل ملتان ۾ ٻن ڏوهارين غلام شبير ۽ احمد علي عرف شيش ناگ کي ڦاهي ڏني وئي

ملتان(م.ڊ) سينٽرل جيل ملتان ۾ موت جي سزا مليل ٻن ڏوهارين غلام شبير ۽ احمد علي عرف شيش ناگ کي اعليٰ عدالتن ۽ صدر مملڪت ڏانهن اماڻيل رحم جو اپيلون رد ٿيڻ بعد ڦاهي ڏني وئي . ملتان جي دهشتگردي جي انت واري عدالت نمبر هڪ ڄاڻايل ڏوهارين خلاف ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا. غلام شبير کي ملتان شهر ۾ 1998ع ۾ ٻن ماڻهن ڊي ايس پي انور خان ۽ غلام مرتضيٰ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ملي جڏهن ته احمد علي عرف شيش ناگ کي 7 اپريل 1998ع ۾ ريلوي روڊ ملتان ۾ لوهه جي هڪ دڪان ۾ ٽن ماڻهن کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

 

ڪوئيٽا ۾ ٻن گروپن وچ ۾ جهڙپن دوران 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (م.ڊ) قمبراڻي روڊ تي 2 ڏوهاري گروپن وچ ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪوئيٽا جي قمبراڻي روڊ تي منشيات وڪرو ڪندڙ ٻن گروپن وچ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو ۽ ٻنهي گروپن هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ته اهو به رستي ۾ فوت ٿي ويو، پوليس ۽ ايف سي علائقي ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪندي واقعي ۾ ملوث ٻنهي گروپن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

جمائما پاران عمران خان کي اڳواٽ شاديءَ جون مبارڪون، اڄ سڀاڻي نڪاح ٿيندو

لنڊن (م.ڊ) عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائمه خان پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ عمران خان کي ٻي شادي جي اڳواٽ مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته عمران خان زندگي جي نئين سفر ۾ خوش رهندو. پنهنجي پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته پاڪستانين هميشه مونکي محبت ڏني، هميشه پاڪستان سان پيار ڪندي رهنديس.  عمران خان جي ويجهي دوست صاحبزاده جهانگيرچيو آهي ته ٻارڙن عمران خان کي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن جو چوڻ هو ته عمران خان جو نڪاح يا ٻئي ڏينهن ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان لنڊن ۾ 2 ڏينهن ٻارڙن سان گڏ ترسيو پر هن ريحام خان سان ڪابه ملاقات نه ڪئي. هن چيو ته ٻارڙن عمران خان کي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ عمران خان جو نڪاح سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن لنڊن ۾ ٿي ويندو ۽ عمران خان شادي کانپوءِ به ٻارڙن سان ملندو رهندو.

 

ڪرن کير اداڪار عامر خان کان فلم ”پي ڪي” جي ڪامياب بزنس تي خاص تحفو گهري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرن کير اداڪار عامر خان کان فلم ”پي ڪي” جي ڪامياب بزنس تي خاص تحفو گهري ورتو آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اداڪار عامر خان جي فلم ”پي ڪي” رڳو ڀارت ۾ 300ڪروڙ ڪمايا آهن ۽ اها پهرين فلم آهي جنهن ڀارت ۾ ايڏو بزنس ڪيو آهي. فلم جي ڪاميابي نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. ڪرن کير عامر خان کي فلم جي ڪامياب بزنيس تي نه رڳو مبارڪون ڏنيون آهن پر کانئس خاص تحفو به گهري ورتو آهي جنهن تي عامر خان ڪرن کير سان واعدو ڪيو آهي ته هو پاڻ کيس بازار وٺي ويندو ۽ کيس دل گهريو تحفو ڏياريندو.

 

بالي ووڊ فلم ”خاموشيان“ جو ميوزڪ لانچ ڪيو ويو آهي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”خاموشيان“ جو ميوزڪ لانچ ڪيو ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق بالي ووڊ فلم خاموشيان جو ميوزڪ ممبئي ۾ خصوصي تقريب دوران لانچ ڪيو ويو. جنهن ۾ فلم جي پوري ٽيم شرڪت ڪئي. اها وشيش فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم آهي جنهن جي هدايت مهيش ڀٽ ڏني آهي. هن چيو ته هيءَ فلم اڄ جي دؤر جي عورت تي ٺاهي وئي آهي جيڪا خودمختيار ۽ بهادر به آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ گورمين چوڌري ۽ سپنا پي شامل آهن، جڏهن ته اها فلم 30 جنوريءَ تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي

 

اداڪار سلطان راهي مرحوم جي 18 هين ورسي (سڀاڻي) ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي نامياري اداڪار سلطان راهي مرحوم جي 18 هين ورسي (سڀاڻي) 9 جنوري تي ملهائي ويندي.ان موقعي تي مرحوم جا پرستار فاتحه خواني ۽ قرآن خواني جو اهتمام ڪندا جڏهن ته ريڊيو پاڪستان لاهور تان سلطان راهي جي حوالي سان هڪ خاص فيچر نشر ڪيو ويندو جيڪو خالد ابراهيم لکيو ۽ ظهير عباس پروڊيوس ڪيو آهي. سلطان راهي کي 9 جنوري 1997ع تي گوجرانواله ويندي ڌاڙيلن گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. مرحوم جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. سلطان راهي فلمي ڪيريئر جي شروعات مختصر ڪردارن ۽ فائيٽر جي حيثيت سان ڪئي هئي. اسلم ڊار جي فلم ”بشيرا” کيس شهرت جي اوچاين تي پهچايو هو. مرحوم جي ٻين فلمن ۾ شيرا. ٽيڪسي ڊرائيور، وحشي جٽ، مولا جٽ، طوفان، دل لگي، ان داتا، جاسوس، جيني ڪي سزا، راستي ڪا پٿر، شير خان، ملنگا ۽ قسمت شامل آهن. سلطان راهي عوام خاص طور تي غريبن ۽ پيڙهيل ماڻهن جي پسنديده فنڪار هو ڇاڪاڻ ته هو اهڙن ڪردارن ذريعي عوام جي نمائندگي ڪندو هو.

 

آن لائن ويب سائيٽ هنگامه ارجيت سنگهه ۽ پريانڪا چوپڙا کي 2014ع جي مقبول ترين آرٽسٽ قرار ڏنو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي آن لائن ويب سائيٽ هنگامه ارجيت سنگهه ۽ پريانڪا چوپڙا کي 2014ع جي مقبول ترين آرٽسٽ قرار ڏنو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڀارتي آن لائن ويب سائيٽ هنگامه ڊاٽ ڪام راءِ شماري کانپوءِ ارجيت سنگهه ۽ اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي 2014ع لاءِ مشهور مقبول ترين آرٽسٽ قرار ڏنو آهي. ارجيت سنگهه جي سال 2014ع ۾ فلم ”هيپي نيو ايئر“ ۾ ڳايل گاني ”منوالا گي“ ۽ فلم ”هٽ اسٽوري ٽو“ ۾ ڳايل گاني مداحن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. جڏهن ته 2014ع ۾ ٻئي نمبر تي شهرت حاصل ڪندڙ گانو پريانڪا چوپڙا ڳايو.

 

ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني حتمي اسڪواڊ جو اعلان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ايندڙ مهيني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ 15 رڪني قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رولڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ سهيل خان، احسان عادل، ياسر شاهه ۽ سهيب مقصود کي شامل ڪيو ويو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ چيف سليڪٽر معين خان سليڪشن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هارون رشيد جي موجودگي ۾ 15 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو. معين خان چيو ته کيس ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته 23 سال اڳ 1992ع ۾ عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جيڪو عالمي ڪپ کٽيو هو ان ٽيم جو هو پاڻ به حصو هو. ورلڊ ڪپ لاءِ اڳ اعلانيل 30 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه هجڻ جي باوجود سهيل خان کي 15 رڪني حتمي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يو اي اي ۾ تازو ٿيل نيوزيلينڊ سان سيريز ۾ شامل ڪجهه اهم رانديگرن کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ٻاهر رکيو ويو آهي جنهن ۾ ناصر جمشيد، انور علي، اسد شفيق، سهيل تنوير ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن. عمر گل ۽ بلاول ڀٽي کي زخمي هجڻ جي ڪري ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو. ورلڊ ڪپ جي اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ احمد شهزاد، محمد حفيظ، يونس خان، مصباح الحق (ڪپتان) حارث سهيل، سهيب مقصود، عمر اڪمل، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر)، شاهد آفريدي، سهيل خان، جنيد خان، محمد عرفان، وهاب رياض، احسان عادل ۽ ياسر شاهه شامل آهن جڏهن ته ٽيم مينيجمينٽ ۾ نويد اڪرم چيمه مينيجر، وقار يونس هيڊ ڪوچ، گرانٽ فلاور بيٽنگ ڪوچ، مشتاق احمد اسپن بالنگ ڪوچ، فيلڊنگ ڪوچ گرينڊ ليوڊن، فزيو / ٽرينر براڊ رابنسن، اسسٽنٽ ڪوچ شاهد اسلم، آغا اڪبر ميڊيا مينيجر، سيڪيورٽي آفيسر، ڪرنل (ر) محمد اعظم خان ۽ مبصر طلحهٰ بٽ شامل آهن. عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 14 فيبروري 2015ع کان 29 مارچ 2015ع تائين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏي ويندي

 

قومي هاڪي چيمپيئن شپ جا سيمي فائينل مقابلا سڀاڻي کيڏيا ويندا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي انتظام هيٺ جاري قومي هاڪي چيمپيئن شپ جا سيمي فائينل مقابلا سڀاڻي جمعي تيسيالڪوٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. چيمپيئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان 19 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪسان ڪسٽمز، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، پورٽ قاسم، اسلام آباد، پاڪستان واپڊا ، پاڪستان نيون، پاڪستان پوليس، پي ٽي وي، ڪي پي ڪي، پي آءِ اي، پاڪ ايئر فورس، پنجاب، سنڌ ريلوي، سوئي سدرن گئس، پاڪ آرمي، پاڪ اسٽيل ۽ بلوچستان شامل آهن.