تازيون خبرون

Daily Archives: January 3, 2015

آئٽم نمبر تي سياستدانن جي تنقيد چڙ ڏياريندڙ آهي: ملائڪه اروڙا

ممبئي(شوبز نيوز: بالي ووڊ جي آئٽم گرل ملائڪا اروڙا جو چوڻ آهي ته سياستدانن پاران آئٽم نمبر تي تنقيد چڙ ڏياريندڙ آهي ۽ مون کي ان قسم جي بحث کان سخت نفرت هي ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطبق ملائڪا اروڙا جو چوڻ هو ته سياستدانن طرفان آئٽم نمبر تي ڪئي ويندڙ تنقيد چڙ ڏياريندڙ آهي ۽ مون کي ان قسم جي بحث کان سخت نفرت آهي هن جو چوڻ هو ته مون کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئٽم نمبر جي باري ۾ ايتري قدر هنگامو ڇو آهي اسان آئٽم نمبر کي صرف هڪ تفريح جي طور تي ڇو نٿا ڏسون بالي ووڊ جون سموريون فلمون مضبوط ڪهاڻي بجاءِ گانن ۽ ڊانس تي هونديون آهن.

 

يونس خان کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي لاڙڪاڻي ۾ کيس تاج پوشي ۽ سنڌي اجرڪ پارايو ويو

لاڙڪاڻو(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي لاڙڪاڻي ۾ کيس تاج پوشي ۽ سنڌي اجرڪ پارايو ويو پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار مڊل آرڊر بيٽسمين يونس خان کي قومي ٽيم پاران شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي لاڙڪاڻي جي الشهبار ڪرڪيٽ ڪلب پاران تاج پوشي ڪئي. اڳُوڻي ڪپتان يونس خان کي گذريل سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي لاڙڪاڻي پهچڻ تي سندس تاج پوشي ڪئي وئي. الشهبار ڪرڪيٽ ڪلب پاران يونس خان کي گذريل سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪرڻ تي تاج پوشي ڪئي وئي. الشهبار ڪرڪيٽ ٽيم جي باني محمد سليمان ميراڻي ۽ ٽيم جي ٻين رانديگرن ۽ عهديدارن يونس خان کي ٻه تولا سون جو تاج پارايو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان گذريل ڏينهن گڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري فاتح پڙهي.

 

مون کي ڪجھه ٿيو ته ان جو ذميوار دادو ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جو پرويز چانڊيو هوندو؛باسط علي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي جونيئر ٽيم جي سليڪٽر باسط عليءَ الزام هنيو آهي ته پينٽيگولر ڪپ ۾ هڪ رانديگر کي نه کيڏائڻ تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط عليءَ الزام هنيون ته چند ڏينهن کان کيس هڪ اڻڄاتل نمبر تان لاڳيتو ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته هن ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ زاهد محمود کي شامل ڇو نه ڪيو، نجي ٽي ويءَ سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون وٽ ثبوت طور ميسيج موجود آهن، مون ان بابت پي سي بيءَ کي به آگاهه ڪيو آهي، هن کٽڪن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪجھه ٿيو ته ان جو ذميوار دادو ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جو پرويز چانڊيو هوندو، باسط عليءَ حڪومت کان سڪيورٽيءَ جو مطالبو ڪيو

 

منهنجي عادت ناهي ته ٽيم کان ٻاهر ويهي ڪنهن تي تنقيد ڪيان؛شعيب ملڪ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) منهنجي عادت ناهي ته ٽيم کان ٻاهر ويهي ڪنهن تي تنقيد ڪيان، ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان پوءِ جھڙيءَ طرح ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو هو عمل افسوس جوڳو هو، ورلڊ ڪپ کيڏڻ چاهيان ٿو پر چونڊ سان گڏ پنهنجي پوزيشن به ڪليئر ڪرائڻ چاهيان ٿو، صحافين سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان پوءِ جھڙيءَ طرح ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو اهو عمل افسوس جو ڳو هو، ان جي مون کي اميد نه هئي، هن چيو ته منهنجي عادت ناهي ٻاهر ويهي بورڊ يا ڪنهن تي تنقيد ڪيان، آسٽريليا جي ويزا ملڻ کان پوءِ جلد بگ بيش کيڏڻ ويندس، شعيب ملڪ چيو ته ورلڊ ڪپ کان پوءِ قومي ٽيم جي قيادت ڪرڻ چاهيان ٿو، تنقيد ڪندڙ ڊوميسٽڪ ۾ منهنجي پرفارمسن ڏسن.

 

نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ (اڄ) ڇنڇر ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي سريلنڪا خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ٽيسٽ سيريز بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ون ڊي ميچن جي سيريز 11 جنوري کان شروع ٿيندي، پهرين ميچ 11 جنوري ڪرائيسٽ چرچ، ٻي ميچ 15 جنوري هيملٽن، ٽين ميچ 17 جنوري آڪلينڊ، چوٿين ميچ 20 جنوري نيلسن، پنجين ميچ 23 جنوري ڪوڊونيڊن، ڇهين ميچ 25 جنوري ڪوڊو نيڊن، جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي ميچ 29 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

باهه جا واقعا ۽ عوام جي ذميواري

 

ڪراچي جي علائقي پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ لڳل باهه ۾ ڪيترائي دڪان ۽ گهر ته سڙي رک ٿي ويا، پر ان سان گڏوگڏ ڪاٺ جي مارڪيٽ ۾ مختلف دڪانن ۾ رکيل اربين رپين جو قيمتي عمار تي ڪاٺ پڻ سڙي رک ٿي ويو اها باهه ڪيئن لڳي يا باهه هٿن سان لڳائي وئي، تنهن بابت جاچ هلندڙ آهي. اها باهه جيڪا هڪ اهڙي ڳتيل بازار ۾ لڳي جتي باهه وسائيندڙ گاڏيون ته پري جي ڳالهه آهي پر ٻه ماڻهو گڏجي پنڌ به انهن گهٽين مان لنگهي نه ٿا سگهن، ان ڪري گاڏين جي نه پهچڻ ڪري ايڏ وڏو جو نقصان ٿي ويو. ان باهه بابت جيتوڻيڪ هڪ لساني جماعت پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي باهه کي موضوع بڻائيندي سنڌ جي وڏيرن کي اهو چئي گهٽ وڌ ڳالهايو ته ڪراچي کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تمام اڻ ٽر بڻجي چڪو آهي جيئن ته ڪنهن علائقي ۾ باهه لڳڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري فوري طور تي پنهنجي دل جي باهه ڪڍڻ ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا به ڌر ڪنهن قسم جي ڪوشش ڪري ٿي يا ان کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي ڪوشش جي ڪو به ساڃاهه وند حمايت ڪري نه ٿو سگهي. ڪراچي ۾ لڳل باهه واري معاملي تي اڃا گهڻي ڏي وٺ ٿيئي ها ۽ سنڌ ۾ ان معاملي تي” ڏي جواب ۽ وٺ جواب“ وارو سلسلو هلندو رهي ها ليڪن لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ ۾ لڳل باهه ان سڄي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ لڳل باهه ۾ ڪو به ماڻهو زخمي يا فوت نه ٿيو هو، جڏهن ته لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ کي لڳل باهه ۾ 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳڻ ڪو ننڍو وڏو حادثو يا دهشتگردي واري ڪا ڪارروائي وارو واقعو سامهون اچي ٿو ته ان تي ڪو فوري ر د عمل ڏيکارڻ يا پنهنجا پراڻا وير پارڻ بجاءِ هجڻ ته ائين کپي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون و ڃن ته جيئن ڪنهن آفت کان متاثر ٿيل ماڻهن جي دادرسي ٿي سگهي ته ٻئي طرف اهڙن خوفناڪ واقعن بابت ٿيندڙ جاچ ۾ ساٿ ڏيئي اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو خوفناڪ واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ ان جا ذميوار ڪير ڪير آهن. لاهور ۽ ڪراچي ۾ لڳل باهين وارا واقعا اڃا بحث هيٺ ئي هئا ته ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳڻ وارو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ به لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ ڪارخاني کي پڻ باهه لڳي آهي، جنهن ۾ ڪيترو ئي نقصان ٿيو آهي، اهڙي ريت ٺٽي لڳ ڳوٺ کي باهه لڳي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت سڙڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا آهن. انهن واقعن کي ڏسندي اسان سمجهون ٿا ته حفاظتي انتظامن بابت اسان جي حڪومت ته پنهنجيون ذميواريون ڄڻ ته وساري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو به ان سلسلي ۾ لاتعلق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مثال طور اڳ سئنيمائن، ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن وغيره ۾ باهه وسائڻ وارا آلات موجود هوندا هئا، جيڪو به ماڻهو ڪنهن سئنيما تي ويندو هو ته ان کي ڀت تي ٽنگيل هڪ ڳاڙهي رنگ جو سلينڊر ضرور نظر ايندو هو اهڙي ريت ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ به اهي سيلينڊر لڳل نظر ايندا هئا. جڏهن ته مٽي سان ڀريل ڪيتريون ئي بالٽيون پڻ ٽنگيل نظر اينديون هيون. جيتوڻيڪ انهن سلينڊرن کي استعمال ڪرڻ جو شايد ئي ڪنهن کي موقعو مليو هجي ڇاڪاڻ ته باهه کان بچڻ لاءِ جن حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي هئي اهي اڳواٽ ڪرڻ جي ڪري باهه وسائيندڙ آلاتن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي هئي هاڻ جيئن ته اڪثر ميونسپالٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون موجود آهن، ان ڪري عام ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪو باهه جو واقعو پيش آيو ته پوءِ فائربرگيڊ کي فون ڪري گهرائي وٺبو. ليڪن ٿيو ائين آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ جيسين فائربرگيڊ اچي ئي اچي تيستائين باهه لڳل دڪان يا گهر سڙي خاڪ ٿي چڪو هوندو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته باهه وسائيندڙ گاڏي اطلاع ملڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ جيستائين عملو تيار ٿيئي. گاڏي ۾ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ وا قعي واري هنڌ تي پهچي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور لڳيو وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر باهه ڪيترو ڪجهه ساڙي ڇڏيندو، تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. ان هوندي به فائربرگيڊ پهچي باهه کي ٻين گهرن يا دڪانن کي باهه لڳڻ کان بچڻ وارو ڪم شروع ڪندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. ساڳئي ريت اسان وٽ ڳوٺن ۾ ته خاص طرح ڪو به بندوبست نه هوندو آهي، ايتري تائين جو ڪڻڪ جي کرن کي لڳندڙ باهه لکين رپين جو نقصان ڏيئي ڇڏيندي آهي ۽ آبادگارن جي سال جي ڪمائي هڪ منٽ ۾ سڙي رک ٿي ويندي آهي. جڏهن ته فائربرگيڊ کي شهر کان واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اسان ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عام ماڻهن کي صلاح ڏينداسين ته اهي ان سلسلي ۾ حفاظتي اپائن بابت قدم کڻن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ اهو لازم ڪن ته اهي باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪن ته جيئن باهه جي لڳندڙ واقعن کي فوري طور تي روڪي سگهجي. اهڙي ريت ڳوٺن ۾ به حڪومت کي اهڙا بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جڏهن ته هر ڳوٺ ۾ جيڪي به سرندي وارا شخص آهن يا جن جون پنهنجيون اوطاقون آهن، تن تي جيڪڏهن باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪري، اهڙي هنڌ تي رکن جتان اهي آساني سان دستياب ٿي سگهن يا کرن کي باهه لڳڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن اهي آلات کرن جي ڀر ۾ رکيل هجن ته شايد ڪيترن ئي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومتي سطح تي حفاظتي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪا مهم هلائي وڃي ته باهه لڳڻ وارن واقعن جي امڪانن کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ وڏن نقصانن کان بچي سگهجي ٿو

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تڪراري اسڪريننگ ٽيسٽ ؛نسيم بخاري

سنڌ ۾ بيروزگار نوجوانن جو تمام وڏو انگ آهي، ان ۾ گهڻائي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوانن جي آهي جن کي ڳڀي جي ڳولا لاءِ زندگيءَ جي تلخ ترين تجربن مان گذرڻو پوي ٿو. تازو جڏهن ٻه اڍائي هفتا اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽو امتحان بابت اسڪريننگ ٽيسٽ 28 ڊسمبر 2014ع تي وٺڻ جو اوچتو اعلان ڪيو ويو ته سوين سوال اڀري آيا ۽ ماڻهن پڇڻ شروع ڪيو ته اها ڪوشش نوجوانن جي ڪاميابين جا دڳ/ رستا کوليندي يا وري حڪمرانن پنهنجي من ۾ ڪا ٻي رٿا سوچي ڇڏي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسڪريننگ ٽيسٽ جو سڀ کان پهريون اعلان 2013ع ۾ ڪيو هو، جيڪو لڳ ڀڳ وقت اچڻ تي واپس ورتو ويو، جنهن جي ڪري سالن کان تياري ڪندڙ اهل نوجوانن کي مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو،.

ڪجهه عرصي کانپوءِ وري اي ايس آءِ (BS-09) جي ڀرتين جي سلسلي ۾ 2014ع اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن جي امتحاني پيپر جي نوعيت صحيح هئڻ ڪري ڪافي شاگرد پاس ٿيا ۽ جيڪڏهن ڪي ڪميون ڪوتاهيون مئنيجمينٽ توڙي ماحول جي حوالي سان هيون به ته اُهي درگذر ٿيون پر تازو اسڪريننگ ٽيسٽ جي حوالي سان جيڪي تلخ حقيقتون سامهون آيون آهن، تن حڪمرانن جي نيتن ۽ نااهلي جا مڪمل پورا پڌرا ڪيا آهن. جڏهن ته اُها به ڌيان ڇڪائيندڙ سچائي آهي ته سنڌ صوبي کانسواءِ پاڪستان جي باقي صوبن ۾ ڪٿي اسڪريننگ ٽيسٽ جو تصور ناهي. ان کان علاوه پاڪستان جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن به ڪڏهن به اهڙي قسم جي اسڪريننگ ٽيسٽ چٽاڀيٽي (سي ايس ايس) جي امتحان لاءِ نه ورتي آهي. جڏهن ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ هر سال 10 هزارن کان به وڌيڪ شاگرد حصو وٺن ٿا پر اُهي ڪڏهن به اسڪريننگ جهڙي ٽيسٽ جي تجربي مان نه گذريا آهن.

تازو اسڪريننگ ٽيسٽ بابت تصور اهو پئي ڪيو ويو ته اُتي اهل نوجوانن جي نوڪرين لاءِ چونڊ جي سلسلي ۾ فرض شناسي ۽ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو ويندو پر جهڙي نوعيت جو پرچو ڪڍيو ويو، ان مان اها ڳالهه پڌري پٽ ۽ چٽيءَ ريت محسوس ٿي رهي هئي ته حڪومت انتهائي چالاڪيءَ سان پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي ڌوڪو ڏئي، پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جا دڳ رستا ڳولهڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو هو. اُهو ئي سبب آهي ته 90 منٽن ۾ 100 سوالن وارو پيپر ڏنو ويو، جنهن ۾ 100 مارڪون رکيل هيون ۽ ڪاميابي 50 مارڪن کڻڻ سان مشروط ڪئي وئي هئي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته نوڪرين جي حوالي سان اين ٽي ايس (NTS) جيڪي ٽيسٽون وٺي چڪي آهي يا وٺي رهي آهي، تن ۾ اُميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون به رکيون ويون آهن پر ان جي پرچي جي نوعيت قابل قبول هئڻ سبب ۽ طئه ٿيل سليبس مطابق هئڻ ڪري ڪا دانهن ڪوڪ نه ٿي آهي، ڪن پرچن ۾ ته (NTS) 45 يا 40 مارڪن تي به اُميدوارن کي پاس ڪيو آهي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته (اين ٽي ايس) ميرٽ لسٽ طئه ڪرڻ جي حوالي سان اُميدوارن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪن آسائشن واري گنجائش تي عمل ڪيو آهي پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسڪريننگ ٽيسٽ واري تازي ڪارنامي ۾ جيڪا هوشياري ۽ حڪمت عملي ڏيکاري آهي، تنهن مان اهو تاثر مليو آهي ته سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي اهڙا ڪرتب ڏيکاريا آهن! جن نوجوانن جي دماغن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل اسڪريننگ ٽيسٽ نومبر 2014ع ۾ ٿيڻي هئي، جنهن لاءِ 6 مهينا اڳ اعلان ڪيو ويو هو پر اُها نومبر ۾ نه ورتي وئي، جنهن لاءِ شاگردن تمام گهڻي محنت سان تياري ڪئي، جن لوڊشيڊنگ، ڪتابن جي اڻهوند ۽ غربت باوجود همٿ نه هاري ۽ حُصلي سان اهليت ۽ قابليت جي ڊوڙ لاءِ وکون کڻڻدا رهيا. نومبر ۾ ٽيسٽ نه ٿيڻ ۽ نئين ڪنهن تاريخ جي طئه نه ٿيڻ، انهن ۾ سخت اداسي پکيڙي ۽ انهن جي مايوسي سنڌ سرڪار پاران 16 ۽ 17 گريڊ وارين نوڪرين جي سڌي ڀرتي وارن ارادن ويتر وڌائي ڇڏي. نوجوان ذهني ۽ نفسياتي ٻڏتر جو شڪار هئا ته انهن مٿان ٻن هفتن جي وٿي کانپوءِ اسڪريننگ ٽيسٽ وٺڻ واري خبر وڄ جيان ڪڙڪي ۽ توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته تڙ تڪڙ ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن ان امتحان کي ڪيئن منهن ڏنو هوندو. ان جي باوجود جاري ٿيل پرچي جيڪي ڦاٽ ڦاڙيا، انهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن جو هيٺيان وچور (SPSC)جا وکا وائکا ڪري رهيا آهن.

ڪميشن جي امتحان ۾ لڳ ڀڳ (20) سوالن جا جواب غلط ڄاڻايا ويا آهن. ان حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جو ڪردار نهايت ساراهه جوڳو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ڪيترائي سوال غلط لکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سواليه پيپر ۾ ڏنل هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته 1947ع ۾ ڪنهن جي رهنمائي هيٺ سروسز رول جوڙيا ويا، جنهن جو صحيح جواب آپشن سي يعني چوڌري محمد علي ڄاڻايل آهي. جڏهن ته سول سروسز رول 1947ع نه پر فيبروري 1948ع ۾ جوڙيا ويا، تنهن ڪري اهو سوال غلط آهي. هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪهڙي قانون تحت ايسٽ انڊيا ڪمپني جا معاملا برطانوي اختيارين جي هٿ ۾ آيا، جنهن جو جواب اي يعني پٽس انڊيا ايڪٽ ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ليکڪ گل شهزاد سرور پنهنجي ڪتاب ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858ع ۾ ڄاڻايو آهي ۽ مشهور بوڪ فريدي سيريز جي پهرين ايڊيشن 2008ع صفحي نمبر 250 تي به گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ لکيل آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته سيمو گراف ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو جواب ڊي يعني زلزلي جو مرڪز ڳولهڻ ڄاڻايل آهي. جهانگير ورلڊ ٽائيمز جي صفحي نمبر 49 تي ليکڪ ميان شفيق لکي ٿو ته سيمو گراف هڪ ڊوائيس آهي، جيڪا زلزلي جي ماپي ۽ زلزلي مان پيدا ٿيندڙ سيسمڪ لهرن ۽ زمين جي لرزش کي ماپڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ به ساڳئي معنيٰ آهي. ان ڪري جوابي ڪي وارو جواب غلط آهي. جڏهن ته سوال نمبر 65 ۾ پڇيو ويو آهي ته آئين ۾ ڪهڙي ترميم جو تعلق شريعت بل سان آهي. ان سوال جي جواب لاءِ 11، 8، 6 ۽ 12 ترميمن کي آپشن طور ڏنو ويو ۽ درست جواب جاري ڪيل ڪيز ۾ 11 هين ترميم کي درست قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته شريعت بل جو تعلق آئين جي 9 هين ترميم سان رهيو آهي. 11 هين ترميم جو تعلق عورتن کي اسيمبلين ۾ خصوصي نمائندگي ڏيڻ سان آهي. اهڙي طرح سنڌ پبلڪ سروس ڪميش ان سوال جو جواب وارو آپشن پيپر ۾ شامل ئي ناهي ڪيو. جڏهن ته سوال نمبر 82 ۾ پڇيو ويو آهي ته هيٺ ڏنل ڪهڙن آپشنز مان انساني جسم جي رفليڪس ايڪشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان درست آهي. سوال جي جواب ۾ ڏنل چئن آپسنز ۾ (1) سينٽرل نروس سسٽم (2) موٽر نسروس (3) سينسري نروس (4) سيم پيٿيٽڪ نروس سسٽم شامل هئا. جن مان درست سينٽرل سسٽم کي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان سوال جو صحيح جواب سيم پيٿيٽڪ نروس سسٽم آهي. سينٽرل نروس سسٽم جواب ان ڪري صحيح ناهي جو سينٽرل نروس سسٽم جسم جي سڄن رڳن جي سرشٽي جو نالو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو ته 2013ع ۾ سيڪيولر ڊيبٽ ڪيترو هو، جو جواب بي يعني 2.6 بلين ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ پاڪستان اڪنامڪ سروي مطابق 2013-14 جي باب نمبر 14 ۽ صفحي نمبر 16 تي اهو لکيل آهي ته سيڪيولر ڊبيٽ 480 بلين آهي. اهڙي ريت اهو به جواب غلط لکيو ويو آهي. ٻئي سوال ۾ ڊوپلر ايم آر آءِ ۾ تازو ڪيل ايڊوانسمينٽ جو جواب يعني سي سائونڊ ويوز (آواز جو لهرون) ڄاڻايل آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ان جو جواب سائونڊ ويوز نه پر اليڪٽرو ميگنيٽڪ ويوز آهي. هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا سندر بن بنگلاديش ۾ آهي، جنهن جو صرف 30 سيڪڙو حصو انڊيا ۾ اچي ٿو. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته پاڪستان کي تازو ڪنهن جي آبزور جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن جو جواب سي يعني سنگهائي ڪو آپريشن ڄاڻايل آهي پر اهو 2005ع ۾ يعني 10 سال اڳ ڏنو ويو هيو. سوال ۾ لفظ تازو لکيل هجڻ ڪري اُميدوارن کي مونجهارو ٿيو. ٻئي سوال ۾ رني ڪوٽ جي اندر موجود هڪ ڪوٽ جو نالو پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب بي يعني شير ڳڙهه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته آپشن اي ميري ڪوٽ ۽ آپشن بي شير ڳڙهه ٻئي درست جواب آهن، هڪ ٻئي سوال ۾ گلٽڪسي جو نالو نه پر هڪ نمونو آهي، اها ملڪي وي (ڪهڪشان) آهي، جيڪا اسپائرل جهڙي آهي پر آپشن ۾ بي ملڪي وي کي جوابي ڪي ۾ غلط قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ صحيح آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪمرشل ايئر ڪرافٽ خلا جي ڪهڙي حصي ۾ اڏامي ٿو، جنهن جو جواب سي يعني ٽرو پواسفيئر ڄاڻايل آهي. ان جي ابتڙ ليکڪ سرفراز احمد باجوا جي ڪتاب ماڊرن فزيڪل جاگرافيائي جي پيج نمبر 157 ۾ مائڪرو سافٽ انڪارٽا انسائيڪلو پيڊيا 2012ع ايڊيشن مطابق جهازو ٽروپو اسفيئر نه پر اسٽار ٽو اسفيئر ۾ اڏامي ٿو، تنهن ڪري جوابي ڪي ۾ ڏنل اهو جواب پڻ غلط آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي سڀ کان وڏي خاصيت ڪهڙي هئي، جنهن جو جواب ڊي يعني صوبائي خودمختياري لکيو ويو آهي، جيڪو حقيقت گهٽ موقف وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ان جو جواب اي يعني مرڪزي حڪومت ۽ ڊي يعني صوبائي خودمختياري هئڻ گهرجي. هڪ ٻيو سوال جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته سنڌ ابيڪس (جابلو ٻڪري) جو الو ڇا آهي. حقيقت ۾ اهو سوال ڪنهن به عام معلوماتي ڪتاب جو حصو ناهي، تنهن ڪري ان قسم جي سوالن کي پيپر ۾ شامل ڪرڻ اُميدوارن کي صرف منجهائڻ آهي.

جڏهن ته سليبس ۾ پڻ مڪمل تبديلي ڪئي وئي. طئه اهو ٿيل هيو ته امتحان جو 65 سيڪڙو جنرل ناليج (ڪرنٽ افيئرز، پاڪستان افيئرز ۽ ايورڊي سائنس) هوندو ۽ جڏهن ته باقي انگيرزي ۽ اسلاميات جو سوال شامل ڪيا ويندا پر ايس پي ايس سي طرفان ورتل ٽيسٽ جو اطلاع صرف هفتو اڳ ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ نيون سلپون تيار ڪيون ويون، جنهن ۾ صرف اڻ چٽي طرح انگريزي، جنرل ۽ جنرل ناليج لکيا ويا. امتحان جي پيپر مان اسلاميات کي مڪمل طور خارج ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان اسٽڊي جا به صرف 4-5 سوال ڏنا ويا. اهڙي ريت ايس پي ايس سي طرفان جاري ڪيل شروعاتي سليبس تحت تياري ڪندڙ اُميدوارن کي ٽيسٽ جي طريقه ڪار تبديل ٿيڻ سان انتهائي گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون.

مٿي ڪيل نشاندهيون جن نتيجن کي نروار ڪيو آهي، سي چٽيءَ ريت چئي رهيا آهن ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن تاريخي ڌانڌلا ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو تڪراري پرچي جي خلاف سڄي سنڌ جا متاثر ۽ ڪامياب اُميدوار سراپا احتجاج بڻيل آهن. ڪامياب اُميدوارن کي گهٽ مارڪن ملڻ ۽ فيل اُميدوارن کي پاڻ سان ٿيل نسوري ناحق تي توائي، ڪاوڙ ۽ بڇان آهي. ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنهن به ڪوتاهي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي وري ان ڪا اهڙي لچڪ ڏيکاري آهي، جنهن سان تڪراري پرچي بابت پيدا ٿيل خدشن، انديشن، تحفظات توڙي اعتراضن جي حوالي سان ڪنهن گنجائش جو اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ايندو هجي. ان سڄي صورتحال نوجوان اُميدوارن کي سخت ٻڏتر ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ اُهي مستقبل جي حوالي سان مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ جو شڪار آهن، جنهن جي ازالي لاءِ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي ڪو تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن نه ته ٻي صورت ۾ اُهي نوجوان ردعمل ۾ جيڪا واٽ وٺندا اُها سرڪار کي ايڏي مهانگي پئجي سگهي ٿي، جنهن جو ڪو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي.

ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ساک کي بچائڻ ۽ شفافيت توڙي انصاف واري احساس کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻيهر اسڪريننگ ٽيسٽ جو  اعلان ڪري، تازن نتيجن بابت پيدا ٿيل اعتراضن کي مان ڏيندي رد ڪيو وڃي ۽ اُميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ طئه ٿيل مارڪن کي به گهٽايو وڃي، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پڪ سان ان جا مثبت ۽ صحتمند نتيجا سامهون ايندا پوءِ ڪنهن کي لُڙ ڪرڻ يا ڌمچر هڻڻ جو جواز به نه ملندو. ٻي صورت ۾ جيڪي خدشا يا سوال اٿاريا ويا آهن ۽ جيڪي نشاندهيون ڪيون ويون آهن انهن بابت هڪ هڪ شيءِ جي (SPSC) کي وضاحت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجو پاڻ کي غير جانبدار بڻائڻو پوندو جنهن لاءِ هن هنن سٽن لکجڻ تائين نه ڪي ڪا ڀرپور وضاحتي ۽ تسلي بخش پريس پڌرائي جاري ڪئي نه وري هن جي ڪنهن نمائندي جو ڪو دليلن سان ڀرپور وزنائتو موقف سامهون آيو آهي. ان ڪري اها خاموشي، اُهو هٺ، اُها هوڏ ۽ اها لاپرواهي حڪمرانن جيان (SPSC) جي پيٽ ڀرائي واري گواهي ڏئي رهي آهي، جيڪو رويو، رجحان ۽ تاثر ڪنهن به صورت ۾ درست ۽ قبولڻ جوڳو ناهي.