تازيون خبرون

Daily Archives: January 3, 2015

قومي قيادت فوجي عدالت جي قيام لاءِ آئين ۽ فوجي ايڪٽ ۾ ترميم تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صدارت ۾ پارليماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام تي آئيني ترميم ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ترميمي بل جومسودو اڄ منظوري لاءِقومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي  اهم گڏجاڻي ٿي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جاري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، غلام احمد بلور، آفتاب شيرپائو، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سمورين پارٽين جا ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا.  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصمه باوجوه به شريڪ ٿيا. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جڙيل ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت ۽ خاص عدالتن جي قيام جي حوالي سان بحث ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز سميت ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي اي پي سي کي آگاهه ڪيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. اٽارني جنرل طرفان خصوصي عدالتن جي قيام جي حوالي سان قانون رخن بابت بريفنگ ڏني. سياسي جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن خصوصي عدالتن جي قيام سميت قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون، جن تي بحث ۽ مشاورت ٿي.

 

نواز-زرداري ملاقات، فوجي عدالتن واري معاملي تي مشاورت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف طرفان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام تي تمام سياسي پارٽين سان مشاورت لاءِ جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کان پهريان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان علحدگي ۾ صلاح مشورا ڪيا ويا، ٻنهي هڪٻئي کي فوجي عدالتن جي معاملي تي تحفظات ۽ فوجي قيادت جي ان بابت سخت موقف تي ويچاريو. تفصيل موجب آصف علي زرداري جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي نواز شريف پاڻ ٻاهر اچي پورچ ۾ سندس استقبال ڪيو جڏهن ته ٻين تمام سياسي اڳواڻن جي آجيان وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجا آصف، پرويز رشيد ۽ ٻين ڪئي. آصف علي زرداري جي اچڻ تي نواز شريف ان سان نهايت گرم جوشي سان ڳلي مليو ۽ پورچ مان کيس ٻانهن مان وٺي وزيراعظم جي وڏي ڊرائنگ روم جتي ٻيا تمام سياسي اڳواڻ موجود هئا ڏانهن وڃڻ بدران اندروني حصي ڏانهن هليو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي جا باقي اڳواڻ اعتزاز احسن، شيري رحمان، رحمان ملڪ ٻين وزيرن سان ڊرائنگ روم ۾ هليا ويا. ياد رهي ته ان کان پهريان آصف علي زرداري خاص جهاز ۾ ڪراچي کان اسلام آباد پهچڻ بعد چڪلالا ايئربيس تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت لاءِ اجلاس ڪيو هو

 

پي ٽي آءِ پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ ڪنهن به تڪ کي کولڻ جي مطالبن تي آئين ۽ قانون موجب عمل ٿيندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت تحريڪ انصاف پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ ڪنهن به تڪ کي کولڻ جي مطالبن تي آئين ۽ قانون مطابق عمل ڪندي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ نظام ۽ قانون موجود آهن وفاقي وزير چيو ته حقيقت ۾ تحريڪ انصاف پاران نشاندهي ڪيل چئن تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو عمل پهريان کان جاري آهي پرويز رشيد چيو ته اهڙن احتجاجي مظاهرن يا ڌرڻن جي ضرورت نه آهي جن سان ماڻهن جي معمول جي زندگي يا ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿين.

 

پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو( پاڪستان پيپلزپارٽي، فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي خورشيد شاهه چيو آهي ته آئين ۾ ترميم جي ضرورت ناهي، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتن جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. ذريعن موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي جو 8 رڪني وفد شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ شرڪت ڪندو، جنهن ۾ خورشيد شاهه،  حمان ملڪ، شيرين رحمان، فرحت الله بابر ۽ ٻيا شامل هوندا. ذريعن موجب، پ پ پاران فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پ پ پاران آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي زور ڏنو ويندو. اي پي سي ۾ شرڪت کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي ڪا به ضرورت ناهي، آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتن جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته هـُو حڪومت کي اهڙو رستو ڏئي رهيا آهن، جن ۾ سڀني جي بهتري هجي.

 

آصف علي زرداري پاران پيپلز پارٽي جا سمورا معاملا پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائڻ جو خطرو محسوس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سياسي رابطا تيز ڪرڻ ۽ پارٽي معاملا پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي خابرو اداري مطابق آصف زرداري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ لڪيل قوتن جي سرگرم ٿيڻ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان اهم سياسي اڳواڻن جي رابطن ۽ ملاقاتن سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي اندر ڪجهه ميمبرن ۽ اڳواڻن جي ناراضگي جو فوري طور نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي مشرف لاءِ ٻلو لفظ استعمال ڪرڻ وڏي فورس جو مقابلو ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل انداز م اعلان هو، آصف زرداري پارٽي فيصلن ۽ صوبائي حڪومت جا معاملا به پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ۽ بلاول کي فرنٽ سيٽ کان بيڪ سيٽ  تي کڻي وڃڻ جو فيصلو ويجهن دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو زرداري قوم جو زرداري بڻجڻ جو فيصلو به مخصوص گروهن کي خاص پيغام ڏيڻ لاءِ ڪيو.

 

خصوصي عدالتون فوج نه پر وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهن: آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته خصوصي عدالتون فوجي جي نه پر وقت ۽ حالتن جي صرورت آهن ۽ جيئن ئي صورتحال معمول  تي اچي ويندي پراڻو نظام واپس اچي ويندو، وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ پاڪستان نازڪ موڙ تي پهچي چڪو آهي دهشتگردي خلاف جنگ هارائڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون ۽ ان فيصلائتي جنگ ۾ انشاءَ الله اسان ضرور ڪامياب ٿينداسين، هن چيو ته پهرين اي پي سي ۾ قائم ٿيندڙ اتفاق جو تسلسل جاري رهڻ گهرجي، قوم جي مستقبل جو دارومدار اسان جي اڄ جي فيصلن تي آهي جنهن کانپوءِ انهن تي جلد کان جلد عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته خصوصي عدالتون فوج جي نه پر وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهن ۽ جيئن ئي صورتحال معمول تي اچي ويندي پراڻي نظام تي واپس اچي وينداسين.

 

عمران خان جي ريحام خان سان شادي ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران ان جي اينڪرپرسن ريحام خان سان شادي طئي ٿيڻ جي تصديق ٿي ويئي آهي.عمران خان پنهنجي پٽن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ 3 جنوري تي لنڊن روانو ٿي رهيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لنڊن کان واپسي کان پوءِ باقاعده اعلان ڪندو .

 

عامر خان شاهه رخ ۽ سلمان خان کان گوهه کڻي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)عامر خان جي فلم پي ڪي 2 ارب 36 ڪروڙ 58 لک جو بزنس ڪيو، سلمان ٻئي ۽ شاهه رخ 3 نمبر تي رهيو، بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ  گذريل سال جيئان هن سال به باڪس آفيس جو فاتح بڻجي ويو، سلمان خان  ٻئي جڏهن ته شاهه رخ خان جي فلم 3 نمبر تي رهي، بنارسي بابو عامر خان  جي پي ڪي صرف ڀارت ۾ ٻه ارب 36 ڪروڙ 58 لک جو بزنس ڪيو، 2013 ۾ اداڪار جي دهوم ٿري رڪارڊ بزنس ڪيو هيو، ڪڪ 2 ارب 31 ڪروڙ روپيا ڪمايا ۽ سلمان خان بالي ووڊ جو 2 ڪمائون پٽ بڻجي ويو، هيپي نيو ايئر جو هيرو ٻنهي خانن کان پوئتي رهيو ، ديپڪا ۽ شاهه رخ جي ان فلم ڀارت ۾ ٻه ارب ٻه ڪروڙ جو بزنس ڪيو.

 

هالي ووڊ اداڪاره ليويز رائز 104 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

لاس اينجلس(شوبز نيوز)مسلسل ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ هالي ووڊ اداڪاره ليويز رائز 104 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هن پنهنجي فني ڪيريئر ۾ ڪامياب فلمون ڏنيون ۽ هالي ووڊ ۾ نالو بڻايو، ليويز رائز کي ان جي شاندار اداڪاري سبب ٻن سالن 1936 ۽ 1937  ۾ لڳاتار ايوارڊن سان نوازيو ويو ليويز رائز 1930 کان 1940 تائين هالي ووڊ انڊسٽري ۾ ڇانيل رهي ليويز رائز سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ليويز کي بهترين اداڪاري سبب واڪ آف فيم ۽ اڪيڊمي سان به نوازيو ويو آهي.

 

ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ڳايل گاني کي 7هون نمبر ملي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي سندس ڳايل گاني ” آءِ ڪانٽ ميڪ يو لو مي“ ۾ 100 گانن جي لسٽ ۾ 7 نمبر ملي ويو. شوبز جي عالمي  ويب سائٽ  تي ڪيل هڪ سروي ۾ دنيا جي مشهور  سنگرز جي گانن جي چونڊ ڪئي وئي وئي جنهن ۾ ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جو ڳايل گانو پڻ شامل هو هن عالمي سروي ۾  ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا جو گانو 100 گانن جي لسٽ مان ستون نمبر کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي