تازيون خبرون

Monthly Archives: January 2015

شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ خودڪش ڌماڪو، 61 نمازي شهيد، شهر جي هر گهٽيءَ ۾ ماتم برپا، قيامتِ صغريٰ جا منظر، 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

اسلام آباد/ڪراچي/شڪارپور(نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ جمعي جي نماز دوران امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شهر جي لکيدر واري علائقي ۾ قائم مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا مولا ۾ جمعي جي نماز دوران زوردار بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ نماز ۾ شريڪ درزنين نمازي ٿڏي تي شهيد ٿي ويا جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا،  ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو، ڌماڪي بعد هر طرف افراتفري ڦهلجي وئي ۽ ڌماڪي جي آواز تي هزارين شهري امام بارگاهه پهتا جتي هنن  پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين توڙي لاشن کي کڻائي سول اسپتال آندو جڏهن ته سخت زخمين کي لاڙڪاڻي ۽ سکر جي اسپتالن طرف ريفر ڪيو ويو، ڌماڪي ۾ شڪارپور شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جا 61 کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿي ويا جن ۾ خير محمد جعفري، صحبت جعفري ، سيد فتح عباس شاهه، قمر عباس شاهه، نويد سمون، علي جان دايو، علي گل حاجاڻو، ارشاد بابلاڻي، سهيل ميمڻ، غلام مصطفي شاهه، پير بخش منگي، ڊاڪٽر جاويد شاهه، سيد مطيع شاهه، ثناءُ الله اڄڻ، مور علي بڪيجو، خادم سمون، خادم حسين ناپر، سليم بابلاڻي، حاجي شبير احمد سمون، امداد چنو، پروفيسر سيد رضا علي شاهه، پرويز ٻرڙو، زاهد چنو، امداد چنو، نعمان عباسي، سيد صابر شاهه، نور احمد راڙهي، مظهر سولنگي، غلام شبير لهر، صابر علي هڪڙو، وڪيل سومرو، سيد ارشاد علي شاهه، سهيل شيخ، هاشام شيخ، عادل شيخ، محمد عثمان شيخ، ايران سمون، الطاف بابلاڻي، فضل عباس جهلڻ، طالب حسين سمون، سيد علي شاهه، غلام مرتضي شاهه، عابد سومرو، سونو شيخ، عقيل احمد سميت ٻيا شامل آهن، جڏهن ته واقعي ۾ 60 کان وڌيڪ نمازي زخمي پڻ ٿي پيا، واقعي کان پوءِ سول اسپتال شڪارپور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي کين سکر ۽ لاڙڪاڻي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڌماڪي جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، سمورو شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويون ۽ هزارين شهري پنهنجي گهرن مان نڪري اسپتال پهچي پنهنجن پيارن کي ڳولهيندا رهيا، هر طرف قيامت جو منظر هو ماڻهو روڊن، رستن ۽ اسپتال ۾ ماتم ڪندا رهيا جڏهن ته زخمين کي خون ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيا ويا ۽ سوين نوجوان زخمين کي خون عطيو ڏيڻ لاءِ پهتا، هوڏانهن واقعي کان پوءِ لاڙڪاڻو کان رينجرز پهتي جنهن سول اسپتال جو ڪنٽرول سنڀاليو جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي، ڊي سي شڪارپور هادي بخش زرداري پڻ اسپتال پهتا ۽ زخمين جي علاج توڙي ٻين انتظامي معاملن جي نگراني ڪندا رهيا. وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صد رآصف علي زرداري،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين، ڊاڪٽر طاهر القادري، علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ديني شخصيتن شڪارپور ۾ امام بارگاهه ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ ذمت ڪئي آهي، وزيراعظم نواز شريف شڪارپور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ڌماڪي جي رپورٽ به طلب ڪري و رتي آهي جڏهن ته وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي  ۽ انتهاپسندي جي خاتملي جو عزم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آصف زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو زخمين جي طبي امداد لاءِ فوري قدم کڻن، شهباز شريف شڪارپور امام بارگاهه ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم جانين سان کيڏندڙ مسلمان ته ڇا انسان چورائڻ جي لائق به ناهن، اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي قوم جو عزم ختم نه ٿي ڪري سگهي جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ فرقيواراڻن فسادن ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي الطاف حسين جو چوڻ هو ته رت جي راند کيڏندڙ عنصر انسانيت جا دشمن آهن هن سوال ڪيو ته شڪارپور ۾ دهشتگردي جو خطرو پهريان کان موجود هو ته سيڪيورٽي جو بندوبست ڇو نه ڪيو؟ شڪارپور ڌماڪي کي درندگي جي بدترين مثال قرار ڏيندي الطاف حسين وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو  عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي ڪارروائين جو تسلسل ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي مجلس وحدت المسلمين جي علامه ناصر عباس جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي ڪارروائي حڪومت جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي.

 

ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، انهن جو صفايو ڪنداسين: وزير اعظم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، انهن جو صفايو ڪنداسين، دهشتگرد عنصرن خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ڪنهن سياسي ڪارڪن کي انتقامي ڪاروائي جو حصو نه بنايو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي، حڪومت ماوراءِ عدالت قتل جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ملڪ کي درپيش چئلينجن جو منهن سياسي اتحاد سان ڏينداسين، قوم جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو، تمام صوبن لاءِ منهنجون خدمتون حاضر آهن، دهشتگردي جا ڪيس تحفظِ پاڪستان آرڊيننس تحت داخل ڪيا وڃن، دهشتگردن جي سرپرستن خلاف به آرڊيننس تحت ڪاروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن جي معاملي تي وزيراعظم سنڌ حڪومت کي ڪميٽي بنائڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جي نگراني وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪندو، وزيراعظم دهشتگرد عنصرن خلاف ڪاروائي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهر جون روشنيون تباهه ڪندڙن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا. جمعي ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال متعلق اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وزير اسحاق ڊار، سنڌ گورنر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، رينجرز ڊي جي، آءِ جي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيا، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي مان دهشتگردن جو صفايو ڪري ڇڏينداسين، ڪراچي جي بهتري لاءِ پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ هم آهنگي ضروري آهي، ڪراچي جا معاملا صوبائي سطح تي حل ٿيڻ گهرجن، سنڌ جو وڏو وزير ۽ گورنر ٻئي وڏين سياسي پارٽين ۾ سياسي اتحاد قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڪراچي جي بهتري لاءِ سياسي هم آهنگي برقرار رکي وڃي. وزيراعظم نواز شريف سنڌ گورنر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عشرت العباد سمورين پارٽين وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ گورنر ايم ڪيو ايم جي معاملن تي هميشه آگاهه رکيو، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جو معاملو سنگين آهي، ان حوالي سان انصاف جا تقاضا پورا ٿيڻ گهرجن، اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي منظرعام تي آڻڻ اسان جو فرض آهي، گورنر هائوس ۾ مقتول ڪارڪنن جي گهروارن سان ملاقات ڪئي اهي بيحد ڏکايل آهن. وزيراعظم چيو ته جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي اهو معاشرو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي مثالي هئڻ گهرجي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ بغير ملڪ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تمام سياسي پارٽين جي مشاورت سان بڻيو، گورنر هائوس ۾ مشاورت سان ئي ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو ٿيو، تمام سياسي پارٽين آپريشن جي تائيد ڪئي، آپريشن جا نتيجا تسلي بخش آهن، اسان چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ان معاملي تي گڏجي هلن، گذريل ڏينهن جڏهن متحده حڪومت ۾ شامل ٿي ته اسان کي بيحد خوشي ٿي هئي، ملڪ کي درپيش چئلينجن جو منهن سياسي اتحاد سان ڏينداسين. وزيراعظم نواز شريف اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته حڪومت ماوراءِ عدالت قتل جي اجازت نٿي ڏئي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دهشتگردي جا ڪيس تحفظِ پاڪستان آرڊيننس تحت داخل ڪيا وڃن، دهشتگردن جي سرپرستن خلاف به آرڊيننس تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال پهرين کان بهتر آهي، پوليس ۽ رينجرز امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو، 4 ڪميٽيون بنائي قومي ايڪشن پلان تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويندڙ ڪيسن لاءِ اسڪروٽني جو عمل شروع ٿي ويو آهي، دهشتگردي جا ڪيس جلد عدالتن ۾ موڪليا ويندا. ان کان پهريان سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات به ڪئي، ملاقات ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو

 

سنڌ حڪومت پاران شڪارپور ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 5 لک في ڪس معاوضي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار شڪاپور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي 5 – 5 لک رپيا ۽ زخمين کي علاج لاءِ هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شڪارپور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ۽ زخمين کي علاج لاءِ امداد جو اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن کي 5 – 5 لک رپيا معاوضو ۽ سخت زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ هڪ هڪ لک رپيا امداد ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته هو پاڻ شڪارپور پهچي شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ زخمين سان ملاقات ڪندو، واقعي ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

وزيراعظم شڪارپور ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي: وزيراعظم نواز شريف شڪارپور ۾ امام بارگاهه اندر ٿيل بم ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪندي عزم ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽي ويندي. وزيراعظم نواز شريف، لاڳاپيل ادارن کان شڪارپور ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي ترت رپورٽ طلب ڪئي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار پڻ ڪيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽي ويندي. ميان نواز شريف سڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

 

شڪارپور بم ڌماڪو دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت ظاهر ڪري ٿو: آصف علي زرداري

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري شڪارپور بم ڌماڪي کي دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت قرار ڏيندي چيو آهي ته  دهشتگرد ۽ عسڪريت پسند اسان جي عزمن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، اسان کين عبرتناڪ شڪست ڏينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي غير انساني حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته کيس امام بارگاهه ۾ نمازين جي مارجڻ سان سخت ڏک ۽ صدمو پهتو آهي ۽ اهو حملو دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت جو عڪاس آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جو ڪوبه واقعو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ان عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي ته دهشتگردن کي شڪست فاش ڏني ويندي. آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ حڪومت ۽ پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن ۽ سندن بحالي جي ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺن. هن ان سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي روح جي ايصال ثواب ۽ زخمين جي صحتيابي جي دعا به ڪئي. هن متاثر ٿيل خاندانن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي

 

وفاقي حڪومت شڪارپور سانحي جي زخمين جي منتقلي لاءِ سي 130 جهاز مهيا ڪري ڇڏيو

ڪراچي: وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي سي 130 جهاز مهيا ڪري ڇڏيو آهي جنهن ذريعي شڪارپور سانحي ۾ زخمي ٿيلن کي ڪراچي يا ملڪ جي ٻي وڏي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته سنڌ حڪومت شڪارپور سانحي ۾ سخت زخمين کي علاج لاءِ بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي جلد سي 130 جهاز سکر موڪليو ويندو.

 

شهيدن جي جنازي نماز لکيدر چوڪ تي ادا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ اڄ شٽر ڊائون جو اعلان

ڍڪراچي/شڪارپور: شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان امام بارگاهه ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي اجتماعي جنازي نماز اڄ  لکيدر چوڪ تي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شڪارپور سانحي جي نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، واقعي خلاف مجلس وحدت المسلين سڀاڻي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سخت شڪارپور سانحي جو مذمت ڪندي ڌماڪي جو نوٽيس ورتو، لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي. صدر ممنون حسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق، اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي ۽ ٻين اڳواڻن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مجلس وحدت المسلين ۽ شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان واقعي خلاف 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مجلس وحدت المسلين سڀاڻي سنڌ اندر شٽربند هڙتال جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

 

شڪارپور شهر جي هر پاڙي ۾ شهيدن جا لاش پهتا

شڪارپور: شڪارپور شهر جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪي ۾ شڪارپور شهر جي تقريبن هر محلي ۾ شهيدن جا لاش پهتا، شهر جي هر محلي ۾ شهيد جو لاش پهچڻ تي سمورو شهر سوڳوار  ٿي ويو ۽ شهري ماتم ڪندا رهيا.

 

پيٽرول جي قيمتن ۾ اڄ ٻيهر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو: نواز شريف

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) وزيراعظم محمد نواز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ اندر پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. هن اهڙي هدايت ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيرعظم محمد نواز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي بعد ملڪ اندر عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ريڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ آبادگارن کي پوک ۾ ڪتب ايندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ذريعي رليف فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڇنڇر ڏينهن اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر گهٽتائي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.

 

حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، داخلائون ميرٽ تي ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جو چوڻ هو ته مان بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض جو دلي شڪار گذار آهيان  مان اڄ تائين ملڪ  رياض سان ناهيان مليو الله تعليٰ ملڪ رياض کي اسان لاءِ فرشتو ڪري موڪليو آهي  الطاف حسين جو چوڻ هو ته مان يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جو شڪر گذار آهيان پر جيڪڏهن زرداري صاحب جي دوري ۾ يونيورسٽي جو اعلان ٿئي ها ته سٺو هو ڪاش! منهنجي ۽ زرداري صاحب جي وچ ۾ غلط ماڻهو نه اچن ها ايم ڪيو ايم جي قائد جو چوڻ هو ته تعليم انسان ۾ بردباري ۽ برداشت پيدا ڪري ٿي تعليم ئي انسان لاءِ ترقي جون راهون کولي ٿي، تعليم حاصل ڪرڻ واريون قومون اڄ سپر پاور بڻجي ويون آهن پر اسان 68 سالن کانپوءِ به ڪشڪول کڻي گهمون پيا، هن اعلان ڪيو ته يونيورسٽي ۾ داخلائون صرف الطاف حسين جي رشتيدارن کي نه ملنديون پر صرف ۽ صرف ميرٽ تي ٿينديون  ان کان اڳ بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض ۽ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو تقريب کي خطاب ڪندي ملڪ رياض چيو ته الطاف حسين جي نالي سان يونيورسٽي بڻائڻ جي هدايت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪئي هئي هن جامعه لاءِ زمين به مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر بحريه ٽائون طرفان باقاعده قيمت ادا ڪئي وئي بحريه ٽائون جي چيئرمين چيو ته جيڪو ڪم شروع ڪري رهيا آهيون ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي الطاف حسين يونيورسٽي 80 ايڪٽر رقبي تي تعمير ٿيندي جنهن تي 2 ارب روپيا خرچ ٿيند، يونيورسٽي کي 2 سالن ۾ تيار ڪئي ويندي يونيورسٽي جو نقشو نيئر علي دادا تيار ڪيو جڏهن ته نجيب هارون ڪنٽيڪٽر  آهي جيڪو ان يونيورسٽي جي تعمير ڪندو هن جو اهو به چوڻ هو ته الطاف حسين يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ به ڏني ويندي ۽ هر ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ سمورن مذهن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي داخلا ڏني ويندي ٻي يونيورسٽي کان هن يونيورسٽي جي فيس گهٽ رکي ويندي ملڪ رياض چيو ته انسانيت جي خدمت سان ئي الله تعاليٰ  جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي ٿي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علاج جي شمع روشن ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته سياست ۾ نه اينداسين ان موقعي تي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ الطاف حسين جو خواب هو جيڪو پورو ٿي رهيو آهي الطاف حسين کي تعليم سان محبت آهي هميشه تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڳالهائيندو رهيو ڇو ته الطاف حسين صرف سياستدان ئي نه پر هڪ فلاسفر ۽ استاد به آهي عشرت العباد جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي لاءِ ڀرپور تعاون تي ملڪ رياض ۽ آصف زرداري جا شڪر گذار آهيون اسان شڪرگذار آهيون ته ملڪ رياض نوابشاهه ۾ بينظير ڀٽو جي نالي سان يونيورسٽي بڻائڻ جي درخواست قبول ڪئي.