تازيون خبرون

Daily Archives: December 30, 2014

سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾ مشرف جو ڪو نه رول ناهي: بابر غوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده اڳواڻ بابر غوري ٽمبر مارڪيٽ باهه جي متاثرن جي بحالي لاءِ في خاندان 25 لک رپيا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران متاثرن لاءِ هڪ لک رپين جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو سندن بحالي لاءِ ناڪافي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده اڳوڻ بابر غوري چيو ته آهي ته سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾مشرف جو ڪوبه رول ناهي، کين اپيل آهي ته عوام ۾ نفرتون نه پکيڙيون وڃن. هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ڪجهه به ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، شهري ادارن ٽمبر مارڪيٽ متاثرن سان رابطو ئي نه آهي ڪيو. بابر غوري جو چوڻ هو ته وڏو وزير اجلاس گهرائي اعلان نه ڪري، پر باهه واري هنڌ پهچي متاثرن ۾ امداد ورهائي.

 

تيل اگهن ۾ ساڍن 17 روپين تائين گهٽتائي جو امڪان، سمري تيار

اسلام آباد(بيورو) اوگرا پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ساڍن 17 روپين تائين گهٽتائي جي سمري تيار ڪري منظوري لاءِ حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي، اوگرا پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾  گهٽتائي جي حوالي سان سمري تيار ڪري ورتي جنهن تي پهرين جنوري کان عمر ٿيندو سمري مطابق هاءِ آڪٽين جي قيمت 17 روپيا 53 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي جڏه نته لائيٽ ڊيزل 12 روپيا 56 پئسا، پئترول 6 روپيا 66 پئسا، ڊيزل 9 روپيا 91 پئسا ۽ گاسليٽ ۾ 13 روپيا 23 پئسا گهٽائي جي تجويز ڏني وئي آهي حڪومت طرفان منظوري کانپوءِ پئٽرول منصوعات جي قيمتن گهٽتائي تي پهرين جنوري کان عمل ٿيندو.

 

آصف زرداري آخرڪار پيپلز پارٽي جو زوال آڻي ڏيکاريو: ممتاز ڀٽو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سردار ممتاز علي خان ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اها ڪهڙي مصروفيت هئي جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پڳدار پٽ سندس ورسي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو به نه پهتو، ايتري ئي هي اهميت رکندڙ اهو به سوال آهي ته پنجاب جيڪو پيپلز پارٽي جي قوت ۽ شهريت جو مرڪز هيو اتان به ورڪرن جا قافلا هن ورسيءَ ۾ شامل نه ٿيا ۽ ٿورو عرصو اڳ زرداري کي پنجاب مان ڀڄائي ڪڍيو هيو. ان کان سواءِ ورسي واري شام جو نئون ديرو ۾ پيپلن جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۽ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو هيو پر ڪوبه شريڪ ڪونه ٿيو مطلب ته پيپلز پارٽي جو زوال آخرڪار زرداري آڻي ڏيکاريو ۽ هاڻ باقي وڃي جيڪي پير، وڏيرا، چچڙ، ڄئران ۽ درٻاري زرداري جي چئوگرد بچيا آهن. انهن به هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو آهي ته ڪڏهن ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪوئن وانگر ڇڏي ڀڄجي پر احتساب وارن کي اکيون پٽڻ گهرجن ته جيئن اڳ وانگر سرڪاري خزاني جي لٽ ڦر کان پوءِ سڀ مجرم ڀڄي جان نه ڇڏائن ۽ انهن کي ڪنڌ ۾ گوگهو وجھي نيون ٺهندڙ فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن انهن سالن کان وٺي عوام کي عذابن کان سواءِ ڪجھه ڪونه ڏنو آهي ان جي کين سزا ملي ۽ لٽيل عوامي دولت واپس ٿئي.

 

ڀان سيد آباد ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، جوابدار هٿان سندس زال ۽ ڌيءَ بيدردي سان قتل

ڀان سيد آباد(رپورٽر) ڀان سيدآباد شهر جي ڳتيل آباديءَ واري مهراڻ ڪالوني ۾ لنڱ ڪانڊا ريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جوابدار احمد رودناڻي پنهنجي 35 سالن جي  گهرواري مسمات شاهده رودناڻي ۽ پنهنجي 16 سالن جي ڌيءَ ليليٰ رودناڻي کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس ٻي ڌي 18 ساله شائله رودناڻي سخت زخمي ٿي پئي آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس مقتول عورتن جا لاش کڻائي سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد آندا جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ مقتول عورتن جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا ٻئي طرف جوابدار احمد علي رودناڻي اهڙي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڀان ٿاڻي تي پيش پيو جنهن پنهنجو موقف ٻڌائيندي چيو ته هن پنهنجي زال ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ڪا رنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي ان واقعي تي ڪوبه پشتاءَ نه آهي، جڏهن ته شهر اندر ان واقعي کانپوءِ هر طرف خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي جڏهن ته اهڙي ٿيل واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ٿي نه سگهيو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڀان سيدآباد غلام سرور گوندل ٻڌايو ته مقتول عورتن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪيو آهي پر مقتول عورتن جا وارث واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا، جيئن ته عورتن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته انهن جي مرضي موجب جوابدار احمد علي خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

ڀارتي سپريم ڪورٽ عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ تي پابندي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

نئين دهلي(شوبز نيوز): ڀارتي سپريم ڪورٽ اداڪار عامر خان جي نئين فلم پي ڪي تي پابندي لڳائڻ جي درخواست اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته جنهن کي فلم پسند ناهي اهو ان کي نه ڏسي، داخل ڪيل درخواست ۾ ان کي مذهبي جذباتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪهاڻي رکڻ تي چئلينج ڪيو ويو هو جڏهن ته عدالت فلم تي پابندي لڳائڻ کان انڪار ڪندي درخواست ئي خارج ڪري ڇڏي آهي، ڀارت ۾ اڄ ڪلهه نئين ايندڙ فلم تي مذهبي جذباتن کي مجروح ڪرڻ جي سبب تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ فلم ٺاهيندڙن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي پر ان تازي فيصلي کانپوءِ معاملو طئه ٿي ويو آهي  فلم ڪهاڻي مذهبي جذبن کي هرگز نقصان نٿي پهچائي.

 

پشتو ڳائڻي ڪرشما شهزادي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت

چارسده(شوبز نيوز): پشتو جي مشهور ڳائڻي ڪرشما شهزادي چارسده جي نجي ڪلينڪ ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي پشتو جي مشهور ڳائڻي ڪرشما شهزادي جيڪا بنياديطور تي پشاور سان تعلق رکي ٿي ذاتي ڪم جي سلسلي ۾ چارسده آيل هئي واپسي تي سدرياب ويجهو ان کي پيٽ ۾ سور ٿيو ان کي ويجهي نجي ڪلينڪ آندو ويو جتي ڪرشما شهزادي کي غلط انجيڪشن لڳايو ويو جڏهن ته ان دوران سور وڌي ويو ۽ ان ئي دوران هوءَ فوت ٿي وئي ٻئي طرف پوليس ۽ صحت کاتي جي اختيارين واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.

 

شاهد خان ۽ ارشد خان 2015ع لاءِ نيون پشتو فلمون ٺاهڻ جي منصوبا بندي مڪمل ڪري ورتي

لاهور(شوبز نيوز) پشتو فلمن جي ڪامياب اداڪار شاهد خان ۽ سندس ڀاءُ ارشد خان 2015ع لاءِ نيون پشتو فلمون ٺاهڻ جي منصوبا بندي مڪمل ڪري ورتي. ارشد خان هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته پشتو فلمن جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان سان گڏ افغانستان، دبئي، ازبڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. ارشد خان چيو ته 2015ع ۾ معياري پشتو فلمن کي هٿي ملڻ جي اميد آهي.

 

شهروز سبزواري به بالي ووڊ فلم ”لو اسٽوري“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو

ڪراچي(شوبز نيوز): مشهور اداڪار شهروز سبزواري به بالي ووڊ فلم لو اسٽوري ۾ پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندو بالي ووڊ بي ٽائون جي مشهور بنگالي ڊائريڪٽر رنگو بنارجي ۽ پروڊيوسر شامڪ باسو جي فلم لو اسٽوري جي ڪهاڻي ٽن دوستن جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ شهروز سبزواري سان گڏ بالي ووڊ جا 2 اداڪار بيديتا ۽ آرين اداڪاري ڪندي نظر ايندا، فلم جي شوٽنگ لاءِ شهروز سبزواري جنوري جي آخر ۾ ڀارت ويندو جتي فلم جي شوٽنگ ڪلڪتا ۾ شروع ٿيندي، شهروز سبزواري جو انڊين فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان چوڻ هو ته انڊيا ۾ ٽيلينٽ جي تمام گهڻي قدرڪئي وڃي ٿي، بنگالي ڊائريڪٽر منهنجي ڪم تي اعتماد ڪيو آهي منهنجي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ڪم سان ان کي مطمئن ڪريان ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيان.

 

محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جو بائيو مڪينڪ ٽيسٽ اربع تي چنائي ۾ ٿيندو

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ سڀاڻي صبح جو ڀارت روانو ٿيندو جتي اربع تي چنائي ۾ ان جي بالنگ ايڪشن جو بائيو مڪينڪ ٽيسٽ ٿيندو، محمد حفيظ غير رسمي بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ لاءِ ڊاڪٽر سهيل سليم سان گڏ دبئي رستي چنائي لاءِ روانو ٿيندو لاهور ۾ سخت ڪوهير سبب سبب ان جي روانگي جو شيڊول متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن محمد حفيظ پروگرام مطابق اڱاري تي چنائي پهچي ويندو ته اربع تي ان جي بالنگ ايڪشن جي غير رسمي ٽيسٽ ٿيندي محمد حفيظ ۽ بورڊ اختيارين کي اميد آهي ته ايڪشن ري ماڊل ڪرڻ کانپوءِ محمد حفيظ جي ڪليئر ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن، بورڊ آف اسپنر سعيد اجمل جي غير رسمي ٽيسٽ انگلينڊ مان ڪرائي پر رپورٽون اميد مطابق نه اچڻ تي سعيم اجمل ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

 

سريلنڪن بيٽسمين ديمٿ ڪرونارتني جي پهرين ٽيسٽ سنچري رائيگان

ڪرائسٽ(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا بيٽسمين ڊيمٿ ڪرونارتني نيوزيلينڊ خلاف ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهي جيڪا ضايع ٿي وئي. ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڪرونارتني ڪيوي بالرز خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 152 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 17 چوڪا شامل هئا. هيءَ سندس پهرين ٽيسٽ سينچري آهي. ديمٿ جي پهرين ٽيسٽ سينچري ضايع ٿي وئي ۽ ڪيريز سريلنڪن ٽيم کي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.