تازيون خبرون

Daily Archives: December 23, 2014

پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي: احسن اقبال

پشاور(م.ڊ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته امن ۽ استحڪام کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پشاور سانحي سڄي قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پشاور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ سانحي ڪر کنيو آهي، جنهن تي سڄي دنيا کي افسوس آهي، جڏهن ته انهي سانحي پاڪستان ۾ به سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

 

پيپلز پارٽي هر دور ۾ سنڌي ماڻهن جي اعتماد کي نقصان رسايو آهي: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان(ڊ.ر)  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته حڪمرانن سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي قومي اقتصادي معاشي وسيلن جي ڦر لٽ ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي مويا شهر ۾  جشن لطيف تقريب  ۽ محبت سنڌ بيداري مارچ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽيسنڌي ماڻهن جي اعتماد کي هر دور ۾ نقصان رسائي سندن ڏنل ووٽن جي توهين ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اقتداري سياست کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي قومي وحدت کي نقصان رسايو آهي. ايم ڪيو ايم جو سنڌ ورهائڻ وارو خواب ڪنهن به صورت ۾ پورو ٿي نٿو سگهي، نه وري سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي جي هڪ انچ جو ورهاڱو قبول ڪندو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي عوام پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳ ٿي چڪو آهي. بيداري مارچ سنڌ جي قومي طبقاتي جدوجهد جو تسلسل آهي. سنڌ جي هر ننڊي وڏي شهر ۾ بيداري مارچ ذريعي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌايو وڃي پيو. شاهه لطيف جي سموري شاعري سنڌ سان محبت جو اظهار آهي. جنهن ۾ لطيف پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڌارين جي يلغار کي للڪاريو آهي. اڄ به سنڌ کي لطيف جي شاعري مان پنهنجي قومي طبقاتي جدوجهد جي منزل ويجهو نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته پشاور سانحو دهشت جي انتها آهي. جنهن ۾ معصوم ٻارڙن جو قتل ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪايو ويو آهي. حڪمرانن کي هاڻي مذهب جي نالي ۾ انتهاپسند ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سندن خاتمو آڻڻ جو ڪم سرانجام ڪرڻ لاءِ ڀرپور آپريشن ڪرڻو پوندو ته جئين انتهاپسندي جو مڪمل خاتمو اچي سگهي. هن اهو به واضع ڪيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ڪرائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سنڌي عوام جي هيٺين طبقي جي نمائندي کان خوف زده ٿيل آهي. جنهن جي ڪري مڪاني چونڊن ڪرائڻ ۾ دير ڪئي وڃي پئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي عوامي مقبوليت تيزي سان گهٽجي رهي آهي. سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ شعور اڳتي وڌي رهيو آهي. هاڻي سنڌي عوام پنهنجي حقن لاءِ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪري ته جئين سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندڙ حڪمرانن جو احتساب ٿي سگهي. جشن لطيف ۽  محبت سنڌ بيداري مارچ جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل انور سومرو ، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ،  قادر رانٽو ، ڊاڪٽر مشتاق شورو ، هرچند لال ، سنڌياڻي تحريڪ جي حسينا راهو ، فاطمه هاليپوٽو ، اياز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ لاش هٿ

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ هڪ شخص جو لاش هٿ آيو ۽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ   اڳواڻ  سميت 2 ڄڻا  زخمي ٿي پيا،  سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 سي ۾ شهرين جي تشدد ۾ ڦورو مارجي ويو. اورنگي ٽائون جي ايم پي آر ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ اورنگي ٽائون جي جنرل سيڪريٽري مولانا ملڪ زر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، جن جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو . اورنگي ٽائون واري علائقي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش به هٿ آيو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 سي ۾ شهرين جي تشدد ۾ ڦورو مارجي ويو.

 

مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙن قرآن ناهي پڙهيو: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي وُوڊ اسٽار عام طور تي سوشل ميڊيا تي ٿورا گهڻا پيغام يا فلمن جي مشهوري ڪندو رهندو آهي جڏهن ته پاڪستان جي شهر پشاور ۾ هڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ 130 کان وڌيڪ ٻارڙن جي موت تي ان جا سنجيده خيال سامهون آيا آهن،  هن ان واقعي بابت ٽوئٽر ذريعي چيو ته جهادت جو مطلب ڪوشش آهي، سٺو بڻجڻ جي ڪوشش اڄ جهاد جو سڀ کان ويڪ غلط مطلب ڪڍيو پيو وڃي، ماڻهن فساد کي جهاد بڻائي ڇڏيو عورتون پوري طرح مردن جي برابر آهن ۽ انهن جا به مردن جيترا حق آهن، مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙن قرآن ناهي پڙهيو، سلمان خان ٽوئٽر تي پنهنجا تاثر ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ اردن جي راڻي رانيه جون ڪجهه پوسٽون به ري ٽوئيٽ ڪيون راڻي جي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ويو هو ته آخر ڪيستائين معصوم ٻار انهاپسندي جي قيمت ادا ڪندا رهندا.

 

ايڪشن سان ڀرپور فلم “آمريڪن اسنائپر” جو نئون ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي نالي واري اداڪار بريڊلي ڪوپر جي ايڪشن سان ڀرپور فلم “آمريڪن اسنائپر” جو نئون ٽريلر جاري ڪري ويو آهي، فلم جي ڪهاڻي آمريڪي نيوي سيل ڪرس ڪيل جي چوطرف گهمندي آهي جيڪو جنگي معاهدن تي ڪيترن ئي  دهشتگردن جو خاتمو ڪري چڪو آهي، فلم ۾ اداڪار  بريڊلي ڪوپر مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو، جيڪو نشاني بازي جو ماهر آهي، ، سنسني ۽ حيرت انگيز واقعن سان ڀرپور فلم 16 جنوري تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

هالي ووڊ فلم ”اي لٽل ڪيئوس“ جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز): هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ يافته اداڪاره ڪيٽ ونسليٽ جي نئين رومانٽڪ فلم اي لٽل ڪيئوس جو پهروين ٽريلر جاري ڪيو ويو هدايتڪار ايلن رڪ مين جي ان فلم ۾ ڪيٽ ونسليٽ سان گڏ ايلن رڪ مين، اسٽينلي طوسي، ميٿياس شون آرٽس، اسٽيون ويڊنگٽن  ۽ پولين موران اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن گين ايگن ۽ انڊريا ڪيلڊر ووڊ جي پروڊيوس ڪيل هن فلم جي ڪهاڻي لينڊ اسڪيپ گارڊنرز جي چوڌاري گهمي ٿي جن کي ورسيلز پيلس ۾ فائونٽينس ڊيزائين ڪرن جي ذميواري ڏني ويندي آهي بي بي سي فلمز ۽ لائنز گيٽ جي تعاون سان ٺهندڙ هي رومانٽڪ فلم اي لٽل ڪيئوس فوڪس فيچر تحت ايندڙ سال 27 مارچ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

منهنجي نظر ۾ پرڪشش شخصيت جو مطلب هي آهي ته هو پراعتماد ۽ زندگي مان خوش هجي؛ڪيٽ اوپٽن

نيويارڪ: پرڏيهي خابرو اداري مطابق هي اعزاز پهريان پيپلز ميگزين ايوارڊ دوران ڪيٽ کي ڏنو ويو ڪيٽ اوپٽن آمريڪا جي هڪ مشهور ماڊل آهي جيڪا هاڻ وڏي اسڪرين جو به حصو بڻجي چڪي آهي ۽ هلندڙ سال ان جي پهرين فلم دي ادر وومين رليز ٿي ڪيٽ ان موقعي تي پنهنجن پرستارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته منهنجي نظر ۾ پرڪشش شخصيت جو مطلب هي آهي ته هو پراعتماد ۽ زندگي مان خوش هجي ۽ هو اهڙو فرد هجي جيڪو سخت محنت تي يقين رکي ياد رهي ته گذريل مهيني پيپلز ميگزين ڪرس هيمز ورٿ کي هلندڙ سال لاءِ دنيا جو سڀ کان پرڪشش مرد قرار ڏنوهو ان اعزاز کانپوءِ هو بيڊلي ڪوپر، ريان رينولڊز، بريڊ پٽ، جارج ڪلوني، سين ڪونري، بين ايفلڪ ۽ ميل گبسن جهڙن هالي ووڊ اداڪارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي.

 

پشاور سانحي تي ڪيوي راندير به ڏکايل، پرائيز مني موڪلي آهي: يونس خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته هو جلد پشاور سانحي ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين سان ملاقات ڪندو اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڪيوي ٽيم جا رانديگر به افسوسناڪ سانحي تي ڏکايل هئا ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي يونس خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽرز وانگر پشاور سانحي جو نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي به ڏک ٿيو آهي هن چيو ته ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين ويلم سن پنجن مئچن جي پرائز مني ۽ فاسٽ بالر ايڊملن هڪ مئچ جي پرائز مني انهن جي حوالي ڪئي آهي جيڪا هو جلد پشاور وڃي پاڪ فوج جي حوالي ڪندا.

 

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کي ورلڊ ڪپ 2015 جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کي ورلڊ ڪپ 2015 جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آءِ سي سي سچن ٽنڊوالڪر کي ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ جو سفير مقرر ڪيو جڏهن ته ان کان اڳ بنگلاديش ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي 2011 ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جو سفير به سچن ٽنڊوالڪر هو 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور تي شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ سچن ٽنڊوالڪر سفير طور ٽورنامينٽ جي پرچار ڪندو جڏهن ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ميلي کي سڄي دنيا ۾ ٽيون وڏو ايونٽ تصور ڪيو وڃي ٿو.

 

شاهد آفريدي ملڪ ۽قوم ڪي مفاد ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي: ڪرڪيٽ جا مداح

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ جي مشهور آل رائونڊر شاهد آفريدي طرفان ورلڊ ڪپ کان پوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي اعلان کان پوءِ ڪرڪيٽ جي مداحن رٽائرمينٽ جي فيصلي تي نظر ثاني ان تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. آفريدي جي مداحن جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي جي رٽارئيمنٽ واري فيصلي سان اسان اسان کي مايوسي ٿي آهي ۽ سندس رٽائرمينٽ جو فيصلو صحيح نه آهي ۽ هن کي اڃا وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي. شاهد آفريدي ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ پنهنجي رٽائر مينٽ جو فيصلو واپس وٺي.