تازيون خبرون

Daily Archives: December 22, 2014

حيدرآباد لڳ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، 3 ڦورو مارجي ويا، 2 اهلڪار زخمي

حيدرآٻاد(بيورو) حيدرآباد ويجهو هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو دوران فائرنگ ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. ڳجهي اطلاع تي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ دريا خان بيگ مغل تي چڙهائي ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 3 ڏوهارين کي مقابلي بعد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته مبينا مقابلي ۾ 2 اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ معشوق علي، خان محمد سولنگي ۽ ڪرم چانڊيو شامل آهن، زخمي پوليس اهلڪارن ۾ انور علي ۽ عبدالجبار شامل آهن….. پوليس ٽنهي ڏوهارين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار انور علي ۽ عبدالجبار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٽئي ڏوهاري مارجي ويا…

 

مردان جي شادي هال ۾ ستل 5 مزدور ساهه گهٽجڻ سبب فوت

مردان(م.ڊ) مردان جي علائقي شيخ ملتون ۾ ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق شادي هال ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن ٿڌ کان بچڻ لاءِ آئل ٽينڪر ۾ ڪوئلن جي باهه ٻاري پر بدقسمتي سان کين ننڊ وٺيوئي ۽ باهه وسائڻ وسري وئي، نتيجي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 5 ئي ڄڻا فوت ٿي ويا. سمورن فوتن جو تعلق پشاور سان آهي ۽ فوتين ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن

 

دهشتگردي جي خطري سبب لاهور سميت ملڪ جي هوائي اڏن ۽ ايئر بيسز تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ دهشتگردي جي خطري سبب لاهور سميت ملڪ جي هوائي اڏن ۽ ايئر بيسز تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو موڪلون رد ڪري موڪل تي ويل سمورن اهلڪارن ۽ آفيسرن کي واپس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن موجب پشاور سانحي کانپوءِ دهشتگردن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائڻ ۽ دهشتگردن کي ڦاهي تي چاڙهڻ کانپوءِ امڪاني رد عمل کان بچڻ لاءِ لاهور سميت ملڪ جي هوائي اڏن ۽ ايئر بيسز جي سيڪيورٽي لاءِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

 

سنڌ جي پنجن ڊويزنن ۾ 382 قيدي ڦاهي جا منتظر، عورتون به شامل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ):سنڌ جي پنجن ڊويزنن ۾ 382 قيدي ڦاهي جا منتظر، عورتون به شامل، صدر مملڪت وٽ 25 ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 115 اپيلون داخل ٿيل. رپورٽ مطابق سنڌ جي عدالتن مان ڦاهي جي سزا مليل 382 قيدي موجود آهن، جن مطابق 115 سينٽرل جيل ڪراچي (ڪراچي ڊويزن)، حيدرآباد ڊويزن جا 178، سکر جا 73 ۽ لاڙڪاڻو جا 14 قيدي آهن، جن مان ڇهن بهرام خان، شفقت علي، جلال موريجو، عبدالرزاقچصهاڻ، عطاءاللھ ۽ اعظم جون اپيلون رد ٿي چڪيون آهن، انهن مان پهريائين بهرام ۽ شفقت کي ڦاهي ملڻ جا امڪان آهن، جن جي ڪا به سياسي وابستگي ناهي، جڏهن ته 115 هاءِ ڪورٽ ۽ 25 صدر پاڪستان وٽ اپيلون موجود آهن. هوڏانهن پشاور سانحي کانپوءِ ملڪ جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ قتل جي ڪيسن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي رحم جون اپيلون صدر مملڪت پاران رد ڪرڻ واري عمل کان پوءِ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي انتظار ۾ قيد ڪاٽيندڙ محمد اعظم، عطاءاللھ ۽ ٻه مقامي قيدي جلال موريجو ۽ عبدالرزاق چوهاڻ کي 48 ڪلاڪن جي اندر ڦاهي ڏيڻ جا امڪان آهن، جيل انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سکر سينٽرل جيل ۾ 95 خطرناڪ قيدي موجود آهن، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سميت قتل ڪيسن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته عدالت طرفان جن قيدين جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويندا ته ان تي عمل ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت سکر سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدين مان ست جو تعلق لشڪر جهنگوي سپاه صحابو ۽ جنداللھ سان آهي، جڏهن ته ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل جلال الدين موريجو جا 13 ڀيرا بليڪ وارنٽ جاري ٿي ڇڪا آهن، اهڙي ريت لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ 19 قيدي ڦاهي جي انتظار ۾ قيد آهن، جن مان چئن قيدين منور علي ناريجو، محمد امين ڊومڪي، ممتاز علي راجپوت ۽ محمد وارث ميربحر صدر پاڪستان کي رحم جون اپيلون ڪيون آهن، جن تي اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ڪنهن به قيديءَ جو پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق ناهي ۽ قيدين کي مختلف خونن، ڌاڙن، اغوائن سميت ٻين ڪيسن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي ويئي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم پاڪستان پاران ڦاهي جي سزا ڏيڻ واري اعلان بعد لاڙڪاڻو پوليس انتظاميه سينٽرل جيل جي ٻاهران پوليس پيٽرولنگ ۾ اضافو ڪري، سيڪيورٽي سخت ڪئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي جيلن ۾ ٻه قيدياڻيون به ڦاهيءَ ملڻ جون منتظر آهن، انهن مان اسماءُ نواب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد آهي، جنهن پنهنجي چاهيندڙ سان گڏ پنهنجي ماءُ پيءُ کي قتل ڪيو هو، حيدر آباد جيل ۾ به قيد خديجه کي به موت جي سزا مليل آهي.

 

فلم ”پي ڪي“ رليز جي پهرين ڏينهن 25 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”پي ڪي“ پنهنجي رليز جي پهرين ڏينهن 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب هدايتڪار راج ڪمار هيراني جي فلم پهرين ڏينهن 26.63 ڪروڙ

رپين جو بزنس ڪيو. واپاري تجزيو ڪندڙ ڪمال نهتا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته فلم باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

 

بالي ووڊ فلم راءِ جو پهريون ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم راءِ جي ڪهاڻي هڪ چور جي چوڌاري گهمي ٿي راءِ نالي هي چور رنبير ڪپور بڻيو آهي جيڪو پنهنجي هٿ جي صفائي ڏيکارڻ ۾ ماهر آهي، اتي ئي هن کي هڪ ڇوڪري سان محبت ٿي وڃي ٿي فلم ۾ رنبير ڪپور کان علاوه جيڪولين فرنانڊس ۽ راجن رامپال به مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته هي فلم 13 فيبروري تي رليز ٿيندي.

 

سائنس فڪشن اينيميٽيڊ فلم ”پڪسلز“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ جي ڪاميڊي سان ڀرپور نئين سانس فڪشن اينيميٽيڊ فلم پڪسلز جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي هدايتڪ ار ڪرس ڪولمبس جي ان فلم جي ڪهاڻي 1980ع جي ڪلاسڪ آڪيڊ ويڊيو گيمز جي اهڙي خطرناڪ ڪردارن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي آ۾ريڪي شهر نيويارڪ تي حملو ڪن ٿا ۽ پوري شهر کي يرغمال بڻائي تباهي ڦهلائن ٿا ايلن ڪنورٽ، ايڊم سينڊلر ۽ ڪرس ڪولمبس جي گڏيل طور تي پروڊيوس ٿيل فلم جا ڊائيلاگ مشهور هالي ووڊ اداڪار ايڊم سينڊلر، ڪيون جيمز، مشيل موناگهن، جوش گيڊ، ايشلي بينسن ۽ جين ڪروڪسن جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا آهن ڪاميڊي ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم ڪولمبيا پڪچرز تحت ايندڙ سال 24 جولاءِ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

ملڪه ترنم نور جهان جي 14 هين ورسي (سڀاڻي) ملهائي ويندي

حيدرآباد (شوبز نيوز) ملڪ جي مشهور ڳائڻي ملڪه ترنم نورجهان جي 14 هين ورسي (سڀاڻي) اڱاري 23 ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي فلمي مرڪزن کان علاوه مختلف ثقافتي مرڪزن ۾ ملڪه ترنم نور جهان جي ياد ۾ سيمينار ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ شوبز ۽ موسيقي سان واسطو رکندڙ شخصيتون ۽ مرحومه جي ڪٽنب جا ڀاتي شريڪ ٿي سندس لازوال فني خدمتن کي خراج پيش ڪندا. ملڪه ترنم نور جهان 23 ڊسمبر 2000ع تي ڊگهو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. ملڪه ترنم نور جهان فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935ع ۾ رڳو 9 سالن جي عمر ۾ ننڍي کنڊ جي پهرين پنجابي فلم شيلا عرف پنڊ دي ڪڙي ۾ گلوڪاره جي حيثيت سان ۽ چائلڊ اسٽار طور ڪم ڪيو. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ سندس فلم چن وي هئي، جنهن جو فلمساز سندس مڙس شوڪت رضوي هو. 1987ع ۾ نور جهان کي شڪاگو ۾ دل جو دورو پيو، جتي سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. 1997ع ۾ کيس دل جو هڪ ڀيرو ٻيهر دورو پيو، جنهن دوران هوءَ گردن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وئي. ڊگهو وقت زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ ملڪه ترنم نور جهان 23 ڊسمبر 2000ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

 

آءِ سي سي ون ڊي ٽيم ۽ پليئرز رينڪنگ، سيريز ۾ ڪاميابي بعد نيوزيلينڊ پاڪستان کان ڇهين پوزيشن کسي ورتي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي ٽيم ۽ پليئرز جي تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ون ڊي سيريز ۾ 2-3 جي فتح کان پوءِ ڪيويز پاڪستان کان ڇهين پوزيشن کسي ورتي، آسٽريليا پهرين، ڀارت ٻئين ۽ ڏکڻ آفريڪا ٽين نمبر تي آهي. ڪيويز ڪپتان ڪين وليمسن پهريون ڀيرو ٽاپ 10بيٽسمينن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. مصباح الحق پوائنٽس گهٽجڻ بعد 14 هين نمبر تي پهچي ويو. محمد عرفان ۽ شاهد آفريدي جي رينڪنگ ۾ بهتري ٿي آهي. ٽاپ ٽين ۾ پاڪستان جو ڪو بيٽسمين شامل ناهي. جڏهن ته پابندي جو شڪار جادوگر اسپنر سعيد اجمل ٻين نمبر تي موجود اهي. نيوزيلينڊ سان ون ڊي سيريز کان اڳ پاڪستاني ٽيم ڇهين نمبر تي هئي پر سيريز ۾ 2-3 تان شڪست کان پوءِ گرين شرٽس ستين نمبر تي اچي وئي. بيٽنگ جي شعبي م اي بي ڊي وليئرز پهرين، ويرات ڪوهلي ٻين ۽ هاشم آمله ٽين نمبر تي آهي. پاڪستان خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيويز قائد ڪين وليمسن ڪيريئر بيسٽ رينڪنگ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو 3 پوائنتون وڌيڪ حاصل ڪري نائين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق هڪ درجو گهٽجڻ بعد 14 هين نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته محمد حفيظ، عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد به پوئتي ٿي ويا آهن. شاهد آفريدي 13 درجا ترقي سان 44 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالنگ ۾ پابندي جو شڪار سنيل نارائن ۽ سعيد اجمل ترتيبوار پهرين ۽ ٻين نمبر تي آهن. محمد حفيظ 3 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 10 هين نمبر تي پهچي ويو آهي جڏهن ته محمد عرفان 11 ۽ شاهد آفريدي 19 پوائنٽن جي ترقي سان ترتيبوار 16 هين ۽ 18 هين نمبر تي اچي ويا آهن محمد عرفان جي اها ڪيريئر بيسٽ رينڪنگ آهي. آل رائونڊرن ۾ شاهد آفريدي 4 پوائنٽون وڌيڪ حاصل ڪري پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

 

پهرين ملاله يوسف زئي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جو فائينل (سڀاڻي) کيڏيو ويندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پهرين پي سي بي ملاله يوسف زئي قومي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جو فائينل (سڀاڻي) اڱاري تي سائوٿ اينڊ ڪلب گرائونڊ ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. ڪراچي ۽ لاهور جون ٽيمون ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. واضح رهي ته ايونٽ جو فائينل 17 ڊسمبر تي ڪنٽري ڪلب مريدڪي ۾ رٿيل هو پر پشاور سانحي سبب پي سي بي ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي اعلانيل نئين تاريخ موجب ايونٽ جو فائينل (سڀاڻي) کيڏيو ويندو.