تازيون خبرون

Daily Archives: November 26, 2014

وزيراعظم نواز شريف وفاقي وزير زاهد حامد جي استعفيٰ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. خاص عدالت پاران غداري ڪيس ۾ زاهد حامد جو نالو شامل ڪرڻ واري حڪم بعد زاهد حامد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف، زاهد حامد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته زاهد حامد غداري ڪيس ۾ نالو شامل ڪرڻ واري حڪم بعد قانوني مشاورت پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ زاهد حامد، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جو نالو شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

ٿر ۾ ڏڪار، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، انگ 142 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر تان موت جو پاڇو نه ٽريو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو،جنهن بعد 55 ڏينهن دوران خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۽ علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 42 ٿي ويو آهي. مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ پورهيت ڪريم بجير جو تازو ڄاول ٻارڙو علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو. گــُذريل ڏينهن بهٿر ۾ 4 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا هئا. خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۽ علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ سبب گذريل 55 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ هڪ سئو 42 ٿي ويو. سنڌ سرڪار هر نئين ڏينهن ٿر ۾ ڏُڪار متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر روزانو مرندڙ معصوم ٻارڙا حڪومت جي اهڙين دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا آهن.

 

ڌرڻو هڻندڙ اسلام آباد ۾ جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا، ڌرڻو سياست تي يقين نٿا رکون: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ ڌرڻن واري سياست تي يقين نه ٿي رکي. هن چيو ته جمعت علماءِ اسلام هميشه جاگيرداراڻي نظام جي مخالفت ڪئي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسلام هڪ آفاقي نظام آهي، سڄي دنيا ۾ ان جي پرچار ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هو جي يو آءِ جو منشور عوام تائين پهچائڻ چاهين ٿا، ان ڏس ۾ ڪارڪن ڪوششون تيز ڪن.

 

بجلي جو شارٽ فال ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عابد شير علي

لاهور (بيورو) لاهور ۾ پاڻي ۽ بجلي واري  مملڪتي وزير عابد شير علي جي کليل ڪچهري دوران بدنظمي ٿي آهي، واپڊا ملازمن پاران هڪٻئي خلاف احتجاج کانپوءِ عابد شير علي وچ ۾ اچي ملازمن  جو احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. لاهور ۾ ملتان روڊ تي قائم ليسڪو آفيس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جي کليل ڪچهري دوران واپڊا هائيڊرو يونين ۽ پيغام يونين ۾ اسٽيج تي ويهارڻ جي معاملي تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد کليل ڪچهري بدنظمي جي ور چڙهي وئي. واپڊا هائيڊرو يونين ۽ پيغام يونين جي ملازمن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد عابد شير علي ملازمن جو احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته بجلي جو شارٽ فال ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪوتاهي ڪندڙ ليسڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عابد شير علي چيو ته حڪومت بجلي بحران جي خاتمي لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن، واپڊا ملازمن جا مسئلا پڻ حل ڪيا ويندا.

 

زيبا بختيار ”مشن 021“ کانپوءِ ٻي فلم جي تياري شروع ڪري ڇڏي

لاهور(شوبز نيوز): فلم اسٽار زيبا بختيار پنهنجي پهرين فلم ”مشن 021“ جي نمائش کانپوءِ ٻي نئين فلم ٺاهڻ جي تياري شروع ڪئي آهي. زيبا بختيار جو چوڻ آهي ته سٺين فلمن سان ئي فلم انڊسٽريءَ جو زوال ختم ڪري سگهجي ٿو. منهنجي نئين فلم به ڪهاڻيءَ جي حوالي سان منفرد ثابت ٿيندي.۽ ڏسندڙن کي پسند ايندي

 

پي ٽي وي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي: قوي خان

لاهور(شوبز نيوز)پي ٽي وي لاهور جي پهرين ڊائريڪٽر ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس حاصل ڪندڙ سينيئر اداڪار محمد قوي خان چيو پي ٽي وي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. پي ٽي وي لاهور جي 50هين سالگره تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به سرڪاري ادار ۾ 30 کان 35 سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ ملي ويندي آهي مون کي فخر آهي ته 50 سال گذرڻ باوجود اڄ به پي ٽي وي ٻين چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي اڄ به اسان جي لاءِ وڏي ۽ محترم درسگاهه آهي.

 

جراسڪ پارڪ سلسلي جي چوٿين فلم جراسڪ ورلڊ جو پهريون ٽريلر منظر عام تي اچي ويو

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ سائنس فڪشن ايڊونچر فلم جراسڪ پارڪ سلسلي جي چوٿين فلم جراسڪ ورلڊ جو پهريون ٽريلر منظرعام  تي اچي ويو خوف ۽ دهشت جي علامت تصور ٿيندڙ دي ويڪل ڊائنوسارس جي اردگرد گهمندڙ شهر آفاق هالي ووڊ سائنس فڪشن ايڊونچر فلم جراسڪ پارڪ سلسلي جي چوٿين فلم جراسڪ ورلڊ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو هن سنسني خيز فلم کي ڪولن ٽيورو ڊائريڪٽ ڪيو آهي فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪِرس پريٽ، براس ڊلاس هاورڊ، ونسنيٽ ڊي اونوفريو، نِڪ روبن سن، جيڪ جانسن ۽ بالي ووڊ اسٽار عرفان خان شامل آهن. فلم ايندڙ سال 12 جون تي سئنيما گهرن ۾ عام نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ ڪنگ خان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ خان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي سماجي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي ان جي مداحن جي تعداد هڪ ڪروڙ ٿي ويو آهي. بالي ووڊ جي بگ بي ۽ ڪنگ خان هاڻي برابر ٿي ويا آهن  جي ها سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شاهه رخ خان جي مداحن جو تعداد هڪ ڪروڙ ٿي ويو ان کان اڳ ميتاڀ بچن جي مداحن جو تعداد به هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هو. شاهه رخ خان ان موقعي تي خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.

 

قومي جوڊو ٽيم جا 2 رانديگر گرينڊ سليم ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي جوڊو ٽيم جا 2 رانديگر ايندڙ مهيني جاپان ۾ ٿيندڙ گرينڊ سليم ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. پاڪستان جوڊو فيڊريشن جي سيڪريٽري مسعود احمد خان مطابق گرينڊ سليم جاپان جي شهر ٽوڪيو  ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي، جنهن ۾ شاهه حسين شاهه ۽ وجاهت سرور پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته ان ايونٽ ۾ سموري دنيا جا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. اهو ايونٽ سمورن رانديگرن لاءِ اهم آهي ڇو ته اولمپڪس کان اڳ ڪواليفڪيشن رائونڊ آهي. هن چيو ته ٻئي رانديگر باصلاحيت آهن ۽ اُميد آهي ته گرينڊ سليم ۾ قومي رانديگر شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظارو ڪندي رينڪنگ ۾ بهتري آڻيندا.

 

پاڪستان شاهين ٽين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ اڄ ڪيويز سان مقابلو ڪندي

شارجه(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ (اڄ) اربع کان شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان ڪيوز خلاف 0-1 تان سرسي حاصل آهي. گرين ڪيپس ابوظهبي ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ڪيوز کي 248 رنسن جي ڳري مارجن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته دبئي ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڊرا ٿي وئي.