تازيون خبرون

Daily Archives: November 19, 2014

وفاق خيبرپختونخواهه حڪومت کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو: عمران خان

پشاور (بيورو) پشاور ۾ هيلٿ ريفارمز جي حوالي سان اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونواه ۾ هن وقت 30لک آئي ڊي پيز موجود آهن جن جي امداد وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي پر وفاقي حڪومت پاران انهيءَ حوالي سان ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي. ايئن لڳي ٿو تهمرڪزي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿي. صوبي کي بجلي، گيس ۽ پاڻي جي مد ۾ رائلٽي نه پئي ڏني وڃي. بجليءَ جو منافعو به اڃا تائين ناهي مليو. خيبرپختونخواهه حڪومت پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪوٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت ڊاڪٽرن جا خدشا ختم ڪندي. داڪٽرن سان ويهي نظام مٽائينداسين. پشاور جي اسپتال ۾ پنج لک مريض روزانو ايندا آهن جن کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پي ٽي آئي چيئرمين جو چوڻ هو ته اي اين پي کي هاڻي ڳالهائڻ نه گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته سندن دور ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي. خيبرپختونواهه حڪومت آزاد احتساب ڪميشن جوڙي جيڪا بنا فرق جي هر هڪ خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته اسان جو مقصد پهريان اسٽرڪچر جوڙڻ آهي اسٽرڪچر جوڙڻ کانپوءِ سسٽم بڻجندو. پل ۽ روڊ بڻائڻ سان نظام نٿو بڻجي سگهي.

 

دهشتگردي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگرديءَ سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو، دهشتگرديءَ بابت عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل سال دهشتگردي جي واقعن ۾ 61 سيڪڙو واڌ ٿي. گلوبل ٽيرير ازم انڊيڪس جي سالياني رپورٽ موجب 2013ع ۾ سڄي دنيا جي هڪ سئو 62 ملڪن ۾ 10 هزار دهشتگرد حملا ٿيا جڏهن ته 60 ملڪن ۾ دهشتگرد واقعن سبب 17 هزار 9 سئو 58 ماڻهو ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شدتپسند حملن ۾ ٿيل 82 سيڪڙو فوتگيون عراق، شامل، افغانستان، پاڪستان ۽ نائيجريا ۾ ٿيون. عالمي اداري جي رپورٽ موجب عراق سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن جي نشاني تي رهيو جتي 3 هزار 6 سئو 26 ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 66 سيڪڙو دهشتگرد حملن ۾ طالبان، دولت اسلاميه، بوڪو حرام ۽ القاعده ملوث هيون. ٻين پنجن ملڪن ۾ ڀارت، صوماليه، فلپائين، يمن ۽ ٿائيلينڊ شامل آهن جتي هڪ کان 2 ڏهائي 3 سيڪڙو ماڻهو دهشتگرديءَ سبب مارجي ويا.

 

شيرين مزاري مذهبي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏئي پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي: پ پ اڳواڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽرن سعيد غني، عاجز ڌامراه، ڊاڪٽر ڪريم خواجه ۽ روبينه خالد پي پي پي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر شيرين مزاري هڪ مذهبي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏئي پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته خود ڊاڪٽر شيرين مزاري ويجهي ماضي ۾ عمران خان جي خلاف سخت تنقيد ڪندي رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليتکان اڳ ۾ ۽ اڄ تائين پنهنجي ڪنهن به الزام جي ترديد نه ڪئي آهي. هنن چيو ته عمران خان کي ٻين جون پٽڪيون لاهڻ جو جنون آهي پر هو پنهنجي گريبان ۾ ڪڏهن نظر نٿو وجهي.

 

ڀارت پاڪستان مخالف افغانستان چاهي ٿو: پرويز مشرف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته نيٽو فوج جي واپسي سان افغانستان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پراڪسي جنگ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا ڪراچي ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جو اثر رسوخ پاڪستان لاءِ خطرناڪ آهي، ڀارت پاڪستان مخالف افغانستان چاهي ٿو، اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت افغانستان ۾ نسلي گروپن جي ڪجهه عنصرن کي استعمال ڪندو ته پاڪستان به اهڙن گروهن جي حمايت ڪندو ۽ اسان لاءِ يقينن نسلي گروهه پختون هوندا ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ پراڪسي جنگ جي شروعات ٿئي پئي ته ان کان پاسو ڪيو وڃي، پرويز مشرف الزام مڙهيندي چيو ته ڀارت ڏکڻ افغانستان ۾ تربيتي ڪيمپن ذريعي بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي، مشرف پنهنجا آفيسر تربيت لاءِ پاڪستان بجاءِ انڊيا موڪلڻ تي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته اهڙين ننڍين ڳالهين اسٽريٽجڪ مسئلا پيدا ڪيا رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته هو پنهنجي فيصلي تي قائم آهي.

 

علي ظفر کي الله فنڪارانه صلاحيتن سان نوازي دنيا ۾ اماڻيو آهي: گووندا

لاهور (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار گووندا چيو آهي ته پاڪستاني اداڪار ۽ فنڪار علي ظفر کي الله فنڪارانه صلاحيتن سان نوازي دنيا ۾ اماڻيو آهي ايڪٽنگ ڊانس مزاح ۽ گائيڪي ۾ هو پنهنجو مثال پاڻ آهي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو لڳو ۽ سالن کان پوءِ مان هڪ اهڙي فنڪار سان مليو آهيان جيڪو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ آهي هو جيترو باصلاحيت فنڪار آهي ايترو ئي باادب به آهي ۽ جيڪي ماڻهو باادب هوندا آهن اهي ئي دنيا ۾ نالو روشن ڪندا آهن اهڙن خيالن جو اظهار گووندا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هن چيو ته علي ظفر بالي ووڊ فلمن ۾ هڪ بهترين اضافو آهي

 

اڀيشڪ هپي نيو ايئر جي سيڪوئل جو خواهشمند

ممبئي (شوبز نيوز) باڪس آفيس تي ٿرٿلو مچائڻ کان پوءِ فلم هيپي نيو ايئر جو اداڪار هاڻي هن ڪاميابي مان وڌيڪ فائدو وٺڻ گهري ٿو اڀيشڪ بچن ته واضح ان خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ته ڊائريڪٽر فرح خان کي ان جو سيڪوئل ٺاهڻ تي غور ڪرڻ گهرجي بالي ووڊ اداڪار چيو ته چاهيان ٿو ته فرح خان هيپي نيوايئر جو سيڪوئل ٺاهي ۽ هن ٽيم کي هڪ دفعو بيهر گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏي

 

رجني ڪانت ۽ سونا ڪشي سنا جي فلم لنگا جو مڪمل ٽريلر رليز

ممبئي (شوبز نيوز) سپر اسٽار رجني ڪانت ٻيهر ايڪشن ۾ نظر ايندو رجني ڪانت ۽ سوناڪشي سنا جي فلم لنگا جو مڪمل ٽريلر رليز  ڪيو ويو آهي بالي ۽ تامل فلم انڊسٽري جو ايڪشن اسٽار رجني ڪانت ۽ باولي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنا جي فلم لنگا جي پهرين جهلڪ کان پوءِ مڪمل ٽريلر جي وڊيو مداحن لاءِ رليز ڪئي ويئي اهي هن ٽريلرز ۾ رجني ڪانت هميشه وانگر ڀرپور ايڪشن ۾ نظر اچي رهيو آهي جنهن جو ايڪنٽنگ جو منفرد انداز ان ٽريلر کي متاثر ڪندڙ بڻائي رهيو آهي.

 

اداڪاره ريما کي آمڪرين ابروڊ ميڊيا ايوارڊ سان نوازيو ويو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاراه ريما جي فلم انڊسٽري ۾ خاص خدمتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان ڪميونٽي لاءِ ڪم ڪرڻ تي آمريڪن ابروڊ ميڊيا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي ان سلسلي ۾ آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آمريڪي ڪميونٽي سان گڏوگڏ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي واضح رهي ته هن کان اڳ گذريل سال ڀارتي اداڪار عامر خان کي سندس ڪارڪردگي تي هي ايوارڊ ڏنو ويو هو ريما پاڪستان جي پهرين عورت اداڪاره ۽ هدايتڪاره آهي جنهن کي هن ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

 

پاڪستان ۾ ٽيم ۽ خاص قدمن ۽ مهمان نوازي تي تجربو ادا ڪيون ٿا: گانگم بالاديوي

اسلام آباد (اسپورٽ نيوز) ڀارتي فٽبال ٽيم جي عورت رانديگر بالا ديوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ جاري ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ زبردست مهمان نوازي ڪئي وئي. ايونٽ ۾ سندس ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي مان خوش آهيان ۽ پاڪستان طرفان اسان جي ٽيم لاءِ خاص قدمن ۽ مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته ڀارت عورت فٽبال رانديگرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا هئا. هن چيو ته پاڪستاني فٽبلا ٽيم جي راند ۾ بهتري آئي آهي. 4 سال اڳ اسان پاڪستان کي 7 مان 8 گول تان شڪست ڏني هئي پر هن چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي راند ۾ بهتري آئي آهي.

 

انڊين پريميئر ليگ ۾ گھوٻين جي جاچ,سري نواسن آجو قرار

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ گھوٻين جي جاچ ڪندڙ هڪ ڪميٽيءَ سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل هڪ تازي رپورٽ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين نارائن سوامي سري نواسن کي آجو قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ 2013ع ۾ آءِ پي ايل ۾ غير قانوني سَٽي بازي جي جاچ کي شفاف بڻائڻ لاءِ بي سي سي آءِ جي سربراهه سري نواسن کي ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪيو هو، اسڪينڊل ۾ سري نواسن جو نياڻو گروناٿ مياپن تي به الزام لڳا هئا، ڪميشن طرفان جمع ڪرايل نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هو سٽي بازي يا فڪسنگ ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي هن جاچ کي روڪڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي، آءِ پي ايل فرنچائز چنائي سپر ڪنگ جي عهديدار مياپن کي گذريل سال ممبئي پوليس مبينا سٽي بازيءَ جي الزام ۾ مئي مهيني ۾ گرفتار ڪيو هو، پر ٻن هفتن کان پوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو هو. ياد رهي ته انڊيا ۾ رڳو گھوڙن جي ڊوڙ تي قانوني سٽي بازي ڪري سگجي ٿي، جولاءِ ۾ آءِ سي سي جو چيئرمين بڻجندڙ سري نوانس کي ڪرڪيٽ جو طاقتور شخصيت سمجھيو ويندو آهي ۽ چنائي سپر ڪنگز ۽انڊيا سيمينٽ سندس ملڪيت آهن.ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 24 نومبر تي ٿيندي، اميد ڪئي پئي وڃي ته نئين رپورٽ بعد سري نوانس هڪ ڀيرو ٻيهر بي سي سي آءِ جو سربراهه بڻجي ويندو.