تازيون خبرون

Daily Archives: November 18, 2014

حڪومت سان ڪابه ڊيل ناهي ٿي، پي ٽي وي جي گهٽي به ناهي ڏٺي: طاهر القادري

لنڊن (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ان کي پي ٽي وي تي حملي جي ڪابه خبر نه هئي ۽ اسان جو ڪوبه ڪارڪن پي ٽي وي تي حملي ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي حڪومت سان ڪا ڊيل ٿي آهي طاهر القادري ڪينيڊا کان پاڪستان واپسي جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي اڄ صبح هو لنڊن پهچي ويو آهي جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن به ڪارڪن پي ٽي وي جي ديوار کي هٿ به ناهي لاٿو ۽ نه ئي مون اڄ تائين پي ٽي وي جي گهٽي به ڏٺي ناهي هي حڪومت جي پنهنجي منصوبابندي آهي مون اسلام آباد ۾ ڌرڻي کي خطاب دوران ڪجهه تصويرون ڏيکاريون هيون جن پي ٽي وي تي حملو ڪيو انهن مان اڪثر ماڻهو پي ٽي وي جا پنهنجا ملازم هئا جن جي بعد ۾ خواجه سعد رفيق به تصديق ڪئي هئي، هن چيو ته منهنجي حڪومت سان ڪابه ڊيل ناهي ٿي جيڪڏهن ڊيل ٿي هجي ها ته مون کي اشتهاري قرار نه ڏنو وڃي ها مون کي پرڏيهه وڃڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت نه ٿي روڪي سگهي اسان جو مشن عالمي آهي مان دنيا جي مختلف جاين تي خطاب ڪندو آهيان ۽ هاڻ مان واپس اچي رهيو آهي ڪنهن ۾ همت آهي ته مون کي گرفتار ڪري مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان هن جو چوڻ هو ته اسان جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي اهڙا ڪابه جي آءِ ٽي منظور ناهي جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڪو آفيسر شامل هجي.

 

21 نومبر تي هر صورت ۾ لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندو:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان هر صورت ۾ 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندو پرويز رشيد اڄ ڪلهه جنهن طرح ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان تي حيران آهيان شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ سرڪاري مراعتون نه پيا گهرون جڏهن ته ان ڳاله جو پهريان ئي علم هو ته لاڙڪاڻي جلسي ۾ رڪاوٽون وڌيون وينديون جتي جلسو ڪري رهيا آهيون اتي اين او سي جي ضرورت ناهي، ڊي سي او لاڙڪاڻو منفي پروپئگنڊه نه ڪري هن چيو ته پرويز رشيد اڄ ڪلهه جهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي مون کي ان تي حيراني ٿي رهي آهي جهلم ۾ ڪارڪنن تي فائرنگ حڪومت جي گهٻراهٽ جي نشاني آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي وي تي حملي ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن شامل ناهن خدشو آهي ته سڄو ڊارمو سرڪار پاڻ رچايو هو جڏهن ته اهي اطلاع به ملي رهيا آهن ته پنجاب حڪومت ڪا نئين منصوبابندي ڪري رهي آهي.

 

شيرين مزاري جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيرين مزاري جي ڪيل دعويٰ ڪوڙي آهي ۽ ريلي ۾ زخمي ٿيندڙ ڪارڪن زخمي حالت ۾ جهلم اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ ڪوبه فوت ناهي ٿيو هن چيو ته شيرين مزاري جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي ان کي ذهني معائنو ڪرائڻ گهرجي، شيرين مزاري جي پريس ڪانفرنس ڪنٽينر الزامن جون تسلسل آهي هن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن کان ڪارڪن جي فوت ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ۽ هر طرف لاش ڳولڻ واري سياست ڪري رهي آهي.

 

نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن کي پئسا ڏنا: شيرين مزاري

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ عارف علوي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزير پرويز رشيد عمران خان ۽ تحريڪ انصاف بابت ڪوڙ ڳالهايو ۽ ڪوڙي وڊيو ڏيکاري پرويز رشيد چيو ته ضرب عضب سان عمران خان کي مسئلو ٿيو آهي پر شاهد هو وساري ويٺو آهي ته عمران خان پارليامينٽ ۾ آپريشن جي حمايت ڪئي هئي هن چيو ته عمران خان پي ٽي وي تي حملي جي حمايت نه پر ان جي مذمت ڪئي وئي ڇو ته دهشتگردن جي حمايت ڪرڻ جو ڪلچر تحريڪ ان صاف ۾ ناهي پر مسلم ليگ ن جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن ۽ ان جا اڳواڻ دهشتگردن جي سربراهن سان ملندا رهيا آهن، شيرين مزاري جو چوڻ هو ته نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن کي پئسا ڏنا، انجم عقيل کي ڇڏائڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ٿاڻي تي حملو ڪيو جڏهن ته پرويز رشيد کي ياد هجڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ تي ن ليگ حملو ڪيو هو ان ڪري اسان تي الزام لڳائڻ ۽ سوال ڪرڻ بجاءِ هو ٻڌائي ته انهن جو جواب ڪير ڏيندو هن چيو ته جهلم ۾ مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي حملو ڪرايو جنهن سبب هڪ زخمي فوت ٿي ويو ۽ اسان ان واقعي جو ڪيس شهباز شريف خلاف داخل ڪرائينداسين.

 

سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ نظام کي خطرو ٿي سگهي ٿو:سراج الحق

مردان (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ نظام کي خطرو ٿي سگهي ٿو. مردان ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جلسو ڪرڻ هر شهري جو حق آهي، سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جون ڪوششون جاري رهنديون. هن چيو ته جلسن سان سياسي شعور ۾ اضافو ٿيندو آهي پر هن وقت قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هو 21 نومبر تي لاهور ۾ تحريڪ جي شروعات ڪري رهيا آهن. سراج الحق چيو ته پنهنجي علائقن ۾ واپس اچڻ آءِ ڊي پيز جو حق آهي. هن چيو ته گهرو وزير جي ترديد بعد کين يقين آهي ته پاڪستان ۾ دائش جو ڪو به وجود ناهي.

 

وزير اعظم جلد ٿر لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪندو؛ماروي ميمڻ

ٿرپارڪر (رپورٽر) نون ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جلد ٿر لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪندو. نون ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ ننگرپارڪر پهچي اسپتال سميت ٿر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماروي ميمڻ چيو ته هوءَ وزير اعظم جي هدايت تي ننگر پاڪر پهتي آهي. هن چيو ته ننگر پارڪر جي حالت اها آهي جو اتي ماڻهن کي هن وقت تائين ڪڻڪ نه ملي آهي. نون ليگ اڳواڻ چيو ته وزير اعظم نواز شريف جلد ٿر ڏڪار متاثرن لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪندو.

 

ٿر ۾ ڏڪار متاثر وڌيڪ هڪ ناري ۽ 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي (رپورٽر) ٿر ۾ ڏڪار متاثر وڌيڪ هڪ ناري ۽ ست ٻار فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارڙن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ سڀاڳي مهر جي چئن ڏينهن جي ٻارڙي ۽ هيمن ڀيل جي 5 ڏينهن جي ٻارڙي دم ڏنو. ڏيپلي جي ڳوٺ مورا ڏهي ۾ پنجن ڏينهن جو غفار ۽ 10 ڏينهن جي سيما فوت ٿي ويا. ڇاڇري جي بجير پاڙي ۾ 8 ورهين جو اويس ۽ ڳوٺ نيپو ڪرم ۾  هڪ مهيني جو اياز فوت ٿي ويو. ڳوٺ آدم رند ۾ ۾ ستن ڏينهن جي نينگري ڪرامت ۽ ڳوٺ ٻڳل ۾ ٻن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو. عمرڪوٽ جي ڳوٺ ٻاگهل جي رهواسڻ 17 ورهين جي روبينا سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.  ڊاڪٽرن موجب ڇاڇري جي اسپتال ۾ وڌيڪ 37 ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن ۽ ٽي حيدرآباد منتقل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڇاڇري جي ڳوٺ گوراڙي رند ۾ ق ليگ اڳواڻ حليم عادل شيخ طرفان ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

 

هدايتڪاري ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي: اداڪار سيف علي خان

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره سيف خان چيو آهي ته هدايتڪاري آسان ڪم نه اهي. پنهنجي نئين فلم هيپي اينڊ ينگ جي پرموشن دوران سيف علي خان چيو ته هدايتڪاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪرڻ جي  ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مان اداڪار نه هجان ها ته ضرور ان شعبي ۾ ڪم ڪيا ها ڇاڪاڻ ته اهو هڪ دلچسپ ۽ ڏکيو ڪم اهي. هن چيو ته مان ايڪشن ۽ مزاحيه فلمون ٺاهيان ها. سيف علي خان هيپي اينڊنگ جي باري ۾ چيو ته اها هڪ سٺي فلم آهي. ۽ مداحن کي تمام گهڻي پسند ايندي. ياد رهي ته هيپي اينڊنگ 21 نومبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي

 

ايشوريا راءِ جي ڌيءَ اراڌيا 3 سالن جي ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن ۽ اداڪاره ايشوري اراءِ جي ڌيءَ اراڌيا بچن 3 سالن جي ٿي وئي آهي. ڀارت سڌ سماءَ جي ذريعن موجب گذريل مهيني ايشوريا راءِ پنهنجي  41 هين سالگره ملهائي هئي ان دوران هن چيو هو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي سالگره ملهائڻ جو ارادو رکي ٿي. اراڌيا جا 3 سال پورا ٿيڻ تي اڀيشڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ پنهنجي مداحن جون مبارڪون ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. اراڌيا جي ڏاڏي ميگا اسٽار اميتاب بچن پڻ پنهنجي مداحن کان مبارڪن جا پيغام وصول ڪيا.

 

جان براهام گينڊن جي نسل جي تحفظ لاءِ سي آر ايس مهم جو حصو بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار جان ابراهام ڀارتي رياست آسام ۾ گينڊن جي نسل جي تحفط لاءِ سي آر ايس مهم جو حصو بڻجي ويو. 41 سالن جي جان ابراهام هڪ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته هو آسام ۾ ناياب گينڊن جي نسل کي محدود ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مدد ڪندڙ هڪ اداري جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندو جيڪو ايندڙ سال جنوري ۾ شروع ٿيندو. هن چيو ته گينڊن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ضرور ڪم ڪندو