تازيون خبرون

Daily Archives: November 7, 2014

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن سبب 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قائدآباد جي علائقي مسلم آباد ڪالوني ۾ گهر اندر 40 سالن جي گوهر تاجا زال شيراز کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي، مقتولا جو لاش اسپتال نيو ويو. ان ڏس ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتولا کي سندس ناٺي رئيس قتل ڪيو آهي، مقتولا جي ڌيءَ صوبيه جي ڪجهه عرصو اڳ شادي هئي پر زال مڙس وچ ۾ جهيڙو رهندو هو جنهنڪري صوبيه ناراضٿي پنهنجي ماءُ جي گهر هلندي ويندي هئي ۽ هن وقت به ماءُ وٽ ترسيل هئي ۽ مڙس جي پرچائڻ تي به واپس گهر نه موٽي رهي هئي، کيس سندس ماءُ اجازت نه ٿئي ڏني، جنهنڪري جوابدار رئيس پنهنجي سس کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. هوڏانهن نيو ڪراچي جي علائقي پاور هائوس چورنگي ويجهو سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ 18 سالن جو اڻسڃاتل نوجوان قتل ٿي ويو. پوليس موجب پاور هائوس چورنگي تي نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ عامر خان ڊيوٽي ڪري رهيو هو ۽ مقتول گهٽي ۾ ڪنهن سان ملڻ لاءِ آيل هو، انهيءَ دوران سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. شڪ آهي ته گارڊ مقتول کي سڃاڻيندو هو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ ايڌي سرد خاني نيو ويو. هوڏانهن ابراهيم حيدري جي علائقي اڪبر ڳوٺ ۾ سمنڊ ڪناري تان 35 سالن جي اڻسڃاتل عورت جو پرتشدد گوليون لڳل لاش هٿ آيو. پوليس موجب مقتولا کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري لاش هتي اڇلايو ويو سندس سڃاڻپ نه ٿي آهي.

 

وفاقي حڪومت،ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت،ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن بابت قانون واري وزارت مسودو تيار ڪري ورتو آهي. مسودي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حساس هنڌن تي عام ماڻهن ۽ احتجاج ڪندڙن جي داخلا تي پابندي هوندي. مسودي موجب انتهائيحساس علائقن ۾ جلوس، مظاهرا ۽ ڌرڻا نه ٿا هڻي سگهجن. متن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ريڊ زون ۾ ڊي چوڪ ۽ شاهراهه دستور تي موجود عمارتون به شامل آهن. مسودي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ 5 کان 10 هزار رپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

 

ڏوڪري لڳ تحريڪ انصاف جي گڏجاڻي، سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي آهي: نادر اڪمل لغاري/شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لاڙڪاڻي واري جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ جي رهائشگاهه علي آباد ۾ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ڏوڪري ، باقراڻي تعلقن جي معززين چڱن مڙسن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ جي صدر نادر اڪبر لغاري، مرڪزي اڳواڻ حفيظ الدين، آغا مسعود،  حاجي شفقت حسين انڙ، اڳوڻو ضلعي ناظم محمد بخش آريجو، اسٽيل ميل جو اڳوڻو ايم ڊي سيد قوت علي شاهه، ذيب خان انڙ ۽ ٻين معززين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ صدر نادر اڪبر لغاري چيو ته عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ تبديليءَ جو آغاز آهي، عمران خان سنڌ مان محرومي جو احساس ختم ڪندو، هن چيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، نوجوانن کي روزگار نه هئڻ ڪري نوجوان سخت مايوسي جو شڪار آهن،ذوالفقار ڀٽو ۽ عمران خان جي پاليسي ساڳي عوام دوست واري پاليسي آهي، هن چيو ته انڙ خاندان لاڙڪاڻي جي دل آهي لاڙڪاڻو پي ٽي آءِ جو مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسين ڪالا باغ ڊيم جا مخالف آهيون ۽ اسين سنڌ جي ورهاڱي جا مخالف آهيون هن چيو ته لاڙڪاڻي جا تباهه ٿيل روڊ رستا ۽ گھٽين ۾ گندو پاڻي لاڙڪاڻي جي تباهي جو داستان ٻڌائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اسيمبلي اڳواڻ سيد حفيظ الدين شاهه چيو ته لاڙڪاڻي کي جيترا ڦنڊ مليا اوتري لاڙڪاڻو پيرس بڻجي وڃي ها پر ڪرپشن ڪري لاڙڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو، هن چيو ته حڪومت آئي ته ماضي جي حڪمرانن کان ٽڪي ٽڪي جو حساب وٺنداسين، هن چيو ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي، پي ٽي آءِ سنڌي جي ورهاست جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ چيو ته پ پ پ جي زوال جي شروعات لاڙڪاڻي کان شروع ٿي چڪو آهي عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو تاريخ تبديل ڪندو هن چيو ته عوام پ پ مان مايوس آهي ۽ عوام تبديلي جي صورت ۾ عمران خان جي قيادت ۾ متحرڪ آهي، تقريب کي اڳوڻو ضلعي ناظم محمد بخش آريجو سيد قوت علي شاهه،زيب خان انڙ،نعيم شاهه راشدي، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ايجوڪيشن ورڪس دادو جي ڪرپشن، 10 سالن کان درسگاهن جي مرمت لاءِ آيل لکين رپيا هڙپ، استادن ۽ شهرين جو احتجاج

دادو(رپورٽ: اصغر ملاح) ورڪس اينڊ سروس جي ماتحت ايجوڪيشن ورڪس جي انجينئير ايس ڊي اوز من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي ڇڏيا غير معياري ناقص مٽيريل جي کولي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن درسگاهن کي به نه بخشو ڏهن سالن کان ڪرپٽ ۽ راشي ڪامورن پاران اسڪولن جي بلڊنگن جي مرمت لاءِ آيل مبينا لکين روپيا ڪمِيشن وصولي ۾ ڳڙڪائي ويا ايجڪيشن ورڪس اينڊ سروس کاتي پاران 46 لکن جو منظور ٿيل گورمينٽ پرائمري اسڪول وزيرآباد جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ڪم جي سست رفتاري ۽ ڪامورن جي ڪرپشن خلاف استادن ۽ شهرين سخت احتجاج ڪندي تعميراتي ڪم جلد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اسڪول جو ٺيڪو پي ايس ايف جي حيدرآباد جي صدر نظير سيال کي مليل آهي: شهري/استاد

دادو: استادن شهرين محمد نواز جمالي قربان علي لاکو محمد بشير قريشي نصير محمد لنڊ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته گورمينٽ پرائمري اسڪول وزيرآباد 6 ڪمرن جو ڊبل اسٽوري اسڪول جو ٺيڪو پي ايس ايف جي حيدرآباد جي صدر نظير سيال جو آهي جنهن جو تعميراتي ڪم ٺيڪيدار رفيق احمد ميراڻي ڪيو آهي ٺيڪيدار جي سست رفتاري لاپرواهي ناقص مٽيريل جي استعمال سبب ڊي پي سي کان مٿي ڪم نه ٿو هلايو وڃي جنهن ڪري اسين واسطيدار عملدار استاد والدين سخت پريشاني جو شڪار آهيون هنن الزام هڻندي دانهيو تعمير ٿيل ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو آهي،جڏهن ته پهريان گند ڪچرو وجهي مٿان مٽي جو تهه ڀرايو ويو آهي.

 بلڊنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص مٽيريل جي جاچ ڪرائي ڪرپٽن ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي اسڪول کوليو ويندو: چتاءُ

دادو: شهرين ۽ استادن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ۾ ناقص مٽيريل جي جائچ ڪرائي اسڪول جو ڪم جلدي هلائي گلن جهڙي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهي کان بچايو وڃي شاگردن شاگردياڻين والدين استادن مان بي چئني ختم ڪري ايجوڪيشن ورڪس اينڊ سروس جي مقرر ٿيل ڪامورن ۽ ايس ڊي او نثار احمد ميمڻ ٽينڊر ڪلارڪ منظور خاصخيلي ڪلارڪ غلام محمد کوسو ۽ ٻين خلاف جانچ ڪرائي ڪميشن عيواض ورتل پيئسا واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صوورت اسڪول جا شاگرد شاگردياڻين وٺي احتجاج ڪري دادو پريس اڳيان ٻارن کي پڙهائيندايسن.

سي بي آءِ کي جيان خان جي ڳجهي موت بابت ٻن سي ڊيز سميت اهم ثبوت ملي ويا، جاچ کي نئون رُخ ملي سگهي ٿو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره جيا خان جي ڳجهي موت بابت نوان ثبوت ملي ويا جيڪي ڪهاڻيءَ کي نئون رُخ ڏئي سگهن ٿا. ذريعن موجب ڀارت جي سينٽرل بورڊ آف انويسٽيگيشن جيا خان بابت ٻه سي ڊيز ۽ ٻيا ثبوت مليا آهن جيڪي جيا خان جي ڳجهي آپگهات بابت نوان راز کولي سگهن ٿا. 25 سالن جي جيا خان 2007ع ۾ بالي ووڊ ۾ امتياڀ بچن سان گڏ ڪم ڪندي فلم ۾ قدم رکيو هو. هوءَ آمريڪي شهري هئي، جون 2013ع تي هو پنهنجي فليٽ ۾ مسئل حالت ۾ ملي. جڏهن ته سندس آپگهات بابت هڪ خط سندس ڪمري مان مليو، جيا جي ماءُ مطابق خط جيا جو لکيل نه هو. سي بي آءِ گذريل سال آگسٽ ۾ ان ڳالهه جي جاچ شروع ڪئي ته جيا خان جو موت آپگهات هو يا قتل. سي بي آءِ جي ذريعن مطابق ان جي باري ۾ اهم ثبوت مليا آهن جن ۾ ٻه سي ڊيز شامل آهن. سي ڊيز کي سينٽرل فورنزڪ ليبارٽري موڪليو ويو آهي جيا جي والده مطابق سندس ڌيءُ جو پسٽ مارٽم پڻ اصل ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ صحيح طريقي سان نه ڪيو ويو هو.

 

منهنجيون سڀ ڪاميابيون خدا جي ذات بعد منهنجي والده جي ڪري آهن؛ ساره رضا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي ساره رضا خان چيو آهي ته منهنجيون سڀ ڪاميابيون خدا جي ذات بعد منهنجي والده جي ڪري آهن، اڄ مون کي جيڪا عزت ۽ مقام مليو آهي ان تي سندس ٿورا ٿي مڃان، ساره خان چيو ته پاڻ کي خوش قسمت ٿي سمجھان جو ننڍي عمر ۾ اها عزت ۽ مشهوري نصيب ٿي آهي، جنهن لاءِ ماڻهو سالن کان خواهش ڪندا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي محبت رڳو پنهنجي ماءُ ۽ پاڪستان سان آهي، هن وڌيڪ چيو ته موسيقيءَ جي واڌاري ۾ حڪومت سان پرائيويٽ سيڪٽر کي ملي ڪم ڪرڻ گھرجي.

 

فلم انڊسٽري 2015ع ۾ تيزي سان ترقي ڪندي: شهزاد رفيق

لاهور (شوبز نيوز) هدايتڪار شهزاد رفيق چيو آهي ته 2015ع ۾ فلم انڊسٽري تيزي سان ترقي ڪندي ۽ انڊسٽري تي جلد سٺو وقت ايندو، هن چيو ته ڀارتي فلمن جي نمائش سبب سئنيمائن جي رونقن ۾ اضافو ٿيو آهي پر اسان جون مقامي فلمون به تيزي سان ڪامياب ٿي رهيون آهن، شهزاد رفيق ٻڌايو ته ايندڙ سال هو هڪ نئين عالمي معيار جي فلم ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

 

ڊزني انٽرٽينمينٽ ”ٽوائي اسٽوري فور“ ٺاهڻ جو اعلان

لاس اينجلس(شوبز نيوز) ڊزني انٽرٽيمنٽ فلم ”ٽوائي اسٽور فور“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊزني مطابق ٽوائي اسٽوري فور جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، جلد ئي ان کي مڪمل ڪيو ويندو. اها فلم جون 2017ع ۾ رليز ڪئي ويندي. والٽ ڊرزني جي سي اي او باب ايگر ٻُڌايو ته ٽوائي اسٽوري جو اصل خالق ان سلسلي جي چوٿين فلم لاءِ واپس اچي رهيو آهي. ٽوائي اسٽوري جي پهرئين فلم 1995ع ۾ رليز ڪئي وئي اهي. باب ايگر ٽوائي اسٽوري جي ٻن فلمن جي هدايت ڏني آهي.

 

پاڪستان پريمئر فٽ بال ليگ ۾ مسلم ڪلب چمن ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائيز وچ ۾ مئچ (اڄ) کيڏي ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)ملڪ ۾ جاري 11هين پاڪستان پريمئر فٽ بال ليگ ۾ مسلم ڪلب چمن ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائيز ڪمپني جي ٽيمن وچ ۾ ميچ (اڄ) ڇنڇر تي فيصل فٽ بال گرائونڊ لاهور ۾ کيڏي ويندي ، ليگ ۾ سموري ملڪ مان 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ دفاعي چيمپين ڪي آر ايل، ڪراچي اليڪٽرڪ، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان آرمي، پي آءِ اي، مسلم ڪلب چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، چمن افعان ايف سي، پاڪستان ريلوي ۽ بلوچ ڪلب ڪوئيٽا شامل آهن.

 

ريجس چيڪوا جي بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي پهرين سينچري

کلنا (اسپورٽس نيوز)زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ريجس چيڪوا بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪئي، اها سندس ڪيريئر جي پهرين سينچري آهي، کلنا ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن زمبابوي بيٽسمين ريجس چيڪوا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي، هن 6 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ کان پوءِ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، چيڪوا 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.