تازيون خبرون

Daily Archives: November 6, 2014

پاور سيڪٽر کي تيل فراهم ڪندڙ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ڏيوالي ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي، اسلام آباد (م.ڊ) پاور سيڪٽر کي تيل فراهم ڪندڙ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ڏيوالي ٿيڻ جو خدشو، واپڊا، حبڪو ۽ ڪيپڪو جي ذمي پي ايس او جا 0 0 2 ارب رپيا واجب الادا آهن. تفصيل موجب پي ايس او جو سرڪلر ڊيٽ 340 ارب تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب پي ايس او حڪومت کان فوري طور تي 0 5 ارب رپيا گهري ورتا آهن. پي ايس او موجب جيڪڏهن ان کي ادائيگي نه ڪئي وئي ته ليٽر آف ڪريڊٽ ڊيفالٽ ٿي ويندو، جنهن کان بچڻ لاءِ ان کي 9 8 ارب رپين جي ضرورت آهي. دستاويز موجب پي ايس او مقامي ۽ عالمي ريفائنرين جي 0 1 1 ارب رپين جو مقروض آهي جنهن سبب پاور پلانٽس کي تيل فراهمي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو دورانيو 6 1 ڪلاڪن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، پي ايس او جا واپڊا جي ذمي 2 1 1 ارب رپيا واجب الادا آهن، حبڪو 2 6 ارب رپين جو بل ادا ناهي ڪيو، جڏهن ته ڪيپڪو 6 2 ارب رپين جو ڊيفالٽر آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني جي ذمي پي ايس او جا 5 ارب رپيا واجب الادا آهن جڏهن ته پي آءِ اي 1 1 ارب، پاڪستان ريلوي 7 7 ڪروڙ رپين جي ڊيفالٽر آهي.

 

خورشيد شاهه جو سراج الحق سان ٽيليفون رابطو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه سراج الحق سان ٽيليفون تي رابطو ڪري نئين چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ذريعن موجب مخالف ڌر اڳواڻ امير جماعت اسلامي سراج الحق سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي ۾ گڏيل دلچسپيجي معاملن سميت نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي حوالي سان مشاورت ڪئي.

 

برطانوي وزيراعظم گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جي پٽ کي برطانيا ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو

لنڊن (م.ڊ) برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون پنجاب گورنر چوڌري محمد سرور جي پٽ کي برطانيا ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب خميس ڏينهن پنجاب گورنر چوڌري محمد سرور جي پٽ کي مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور جو پٽ انس چوڌري برطانيا ۾ پارليامينٽ ميمبر آهي، انس چوڌري کي شيڊو منسٽر آف اسٽيٽ برطانيا براءِ بين الاقوامي ترقي مقرر ڪيو ويو. گورنر سرور چوڌري جو پٽ انس چوڌري پنهنجي والد جي جاءِ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبر چونڊيو هو. چوڌري سرور به گلاسگو مان ڪئين ڀيرا پارليامينٽ ميمبر چونڊيو پرپوءِ پاڪستاني سياست ۾ اچڻ بعد هن پنهنجي برطانوي شهريت ختم ڪري ڇڏي هئي.

 

مسجد اقصيٰ تي حملو مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي: مولانا فضل الرحمان

ڊيرااسماعيل خان (م.د) جمعيت علماءِ اسلام جو مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان مسجد اقصيٰ کي اسرائيلي جارحيت کي نهايت افسوسناڪ ۽ برداشت کان ٻاهر ڪوٺيندي چيو ته اسان جو شروع کان اهو ئي موقف آهي ته دهشتگرد ملڪ دهشتگرد تنظيمون ۽ دهشتگرد آمريڪا جي ئي پيداوار ۽ ان جي ضرورت آهن ۽ انهن ئي دهشتگردن جي ذريعي هو سڄي دنيا تي پنهنجي جنگ مڙهي عالمي طاقت جي طور تي پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوشان آهي پنهنجي رهائشگاهه تي پارٽي عهديارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته دنيا ۾ جتي به ظلم ٿي رهيو آهي اتي ظالم کي سڌو يا اڻسڌو آمريڪا مدد يا حمايت حاصل آهي اسرائيل کي جارحيت جي کلي ڇوٽ ڏني ويئي آهي ان کي عالمي انصاف جي قانونن ۽ بنيادي انساني حق لتاڙڻ جو لائسنس ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان جي ظلم تي احتجاج ڪندڙن کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو هن چيو ته آمريڪا کي پنهنجي هي روش ختم ڪرڻي پوندي اهڙين پاليسين سان آمريڪي طاقت کي ڪڏهن به طاقت نٿي ٿي سگهي پر ان سان پوري امت مسلمه ۾ آمريڪا جي خلاف نفرت جي اڃا وڌيڪ باهه ڀڙڪي سگهي ٿي.

 

جيا بچن ”هيپي نيو ايئر“ کي واهيات فلم قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار جيا بچن فلم ”هيپي نيو ايئر“ کي واهات فلم قرار ڏنو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪار اڀيشڪ بچن کي ان وقت شديد جهٽڪو لڳو جڏهن سندس ماءُ جيا بچن ممبئي ادبي ميلي ۾ درجن ماڻهن جي سامهون فلم ”هيپي نيو ايئر“ کي بڪواس ۽ واهيات قرا رڏنو. جيا چيو ته مان فلم صرف ان ڪري ڏٺي ته ان فلم ۾ سندس پٽ ڪم ڪيو آهي. جيا چيو ته اڀيشڪ هڪ عظيم اداڪار ٺهي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ڪئميرا جي سامهون خراب حرڪت نه ڪري، ان فلم ۾ اڀيشڪ پنهنجي ڪيريئر جو ڊبل رول ڪيو آهي ۽ فلم ۾ نانگ جي ڊانس جو به مظاهرو ڪيو آهي. جيا وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه فلمن ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي

 

اجي ديوگن فلم ”فتور“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز)اداڪار اجي ديوگن فلم ”فتور“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق فلم ”فتور“ اڀيشڪ ڪپور ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ ڪترينه  ڪپور، اديتيا راءِ ڪپور ۽ ريکا شامل آهن. اها فلم چارلس ڊڪنز جي ڪلاسيڪي ناول ”دي گريٽ ايڪسپيڪشنز“ مان ورتل آهي. ان فلم ۾ اجي کي مختصر ڪرار ڏنو ويو آهي، جيڪو فلم جي آکاڻي ۾ اهم ڪردار آهي. ان فلم جي شوٽنگ ڪشمير ۾ ٿيڻي هئي پر ٻوڏ سبب شوٽنگ ممبئي ۾ شروع ڪئي پئي وڃي.

 

رنوير سنگهه ”باجي رائو مستاني“ لاءِ ڪپڙا پاڻ ڊزائين ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز)رنوير سنگهه فلم ”باجي رائو مستاني“ لاءِ پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڊزائين ڪندو. ذريعن مطابق رنوير سنگهه فلم ۾ ڪپڙن لاءِ ڊزائين  انجومودي سان گڏ ڀارت جي مختلف شهرن جو دؤرو ڪيو آهي هاڻي هو پنهنجا تجربا انجومودي تخليق جي ذريعي دنيا جي سامهون آڻڻ چاهي ٿو.

 

فلم ”هيپي نيو ايئر“ سڄي دنيا ۾ 3 ارب 50 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”هيپي نيو ايئر“ سڄي دنيا ۾ 3 ارب 50 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه رُخ خان ۽ دپيڪا پڊڪون جي اها ٽين ڪامياب فلم آهي. ان فلم ۾ هاڻي تائين سڄي دنيا مان 3 ارب 50 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي. اُتر آمريڪا ۾ به ان فلم کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، جتان فلم 13 ملين ڊالرن جو بزنس ڪيو آهي.

 

وومين ڪرڪيٽ، آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئين ٽي – 20 ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وومينٽ ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ٽي – 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ )اڄ) جمعي ڏينهن ميلبورن ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم آسٽريليا کي ويسٽ انڊيز جي خلاف سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 9 نومبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن جي سيريز 11 نومبر کان شروع ٿيندي.

 

آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻي ٽي – 20 ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي – 20 ميچ (اڄ) جمعي تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي، مهمان  ٽيم ڏکڻ آفريقا کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، پهرين ميچ ۾ پروٽيز 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 9 نومبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي، واضح رهي ته آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن يج سيريز 14 کان 23 نومبر تائين کيڏي ويندي