تازيون خبرون

Daily Archives: October 23, 2014

نوان صوبا ته ضرور ٺهندا، سنڌ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ 3 نوان صوبا ٺاهي ڏيکارينداسين: بابر غوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر خان غوري چيو آهي ته جيئڻ مرڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو نوان صوبا ته ضرور ٺهندا سنڌ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ 3 نوان صوبا ٺاهي ڏيکارينداسين خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بابر غوري چيو ته نوان صوبا ٺاهيا وڃنها ته بنگلاديش پاڪستان کان الڳ نه ٿئي ها نوان صوبا ٺهندا ته سنڌ سميت سڄو پاڪستان ترقي ڪندو ۽ سمورن ماڻهن کي حق ملندا هن چيو ته نه صرف ڪراچي پر سنڌ جي هارين کي وڏيرن کان آزادي ڏيارينداسين جذباتي نفرت وارين تقريرن ۽ مرڻ جيئڻ جي ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو نوان صوبا ضرور ٺاهينداسين ۽ پاڪستان ۾ ئي هي صوبا ٺهندا هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ ئي ڪراچي دشمني ٿي آهي ۽ ان جي حڪومت ڪراچي جو گند کڻندڙ گاڏين کي پيٽرول ته نٿا ڏيئي سگهن هي ڪراچي وارن کي ڪهڙا حق ڏيندا بابر غوري چيو ته بلاول ڪهڙي منهن سان ڪراچي جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪڏهن ڪراچي تي مڙجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ جي غريب هارين کي غلامي مان نجات اسان ڏيارينداسين بابر غوري جو چوڻ هو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو متروقه زمين جا مالڪ اسان آهيون ۽ هي حق هر قيمت تي وٺنداسين هن چيو ته هاڻي غريب سنڌي جاڳي پيو آهي سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن صوبن سميت سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا لازمي ٺهندا.

 

رحمان ملڪ جي چوڌري شجاعت سان ملاقات ، موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ق) چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته لنڊن پلان جو ڪوئي وجود نه آهي طاهرالقادري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو اسان جي مشاورت سان ڪيو خميس تي چوڌري شجاعت حسين اسلام آباد ۾ رحمان ملڪ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته سياسي جرڳو اڄ يا سڀاڻي تحريڪ انصاف جي قيادت سان ملاقات ڪندو سياسي جرڳو عمران خان کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندو هن چيو ته حڪومت عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي آزاد ڪري رحمان ملڪ ڀارتي فوج پاران مسلسل سرحدي خلاف ورزي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو هن چيو ته موجوده سياسي حالتون مڊٽرم چونڊن ڏانهن وڌي رهيون آهن جڏهن ته ان حوالي سان پيپلزپارٽي اڳ به واضح ڪري چڪي آهي ته حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا.

 

انقلاب ڌرڻو ختم نه ٿيو آهي، اسان رڳو حڪمت عملي بدلائي آهي: طاهر القادري

ايبٽ آباد(م.د) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته انقلاب ڌرڻو ختم نه ٿيو آهي پر اسان هڪ نئين حڪمت عملي تحت حڪومت خلاف محاذ بدلايو آهي ۽ اسان جي جدوجهد ظلم جي نظام جي خاتمي تائين جاري رهندي خميس ڏينهن ايبٽ آباد ۾ عوامي تحريڪ جي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جڏهن اسلام آباد واري ڌرڻي کي ختم ڪري سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪن ماڻهن تنقيد ڪئي ته انقلاب مارچ ختم ٿي ويو آهي پر جيڪي ماڻهو انقلاب لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن تن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهي تنقيد ڪندڙن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکن هن چيو ته اهو فيصلو ڪمانڊر ڪنڊو آهي ته جنگ دوران ڪهڙي محاذ تي وڃي وڙهجي سو جنگ اڃان ختم نه ٿي آهي ۽ ڏسجي ته اڳيان هلي ڇا ٿو ٿئي هن چيو ته ايبٽ آباد جو جلسو اسان جي نئين حڪمت عملي جي ڪاميابي جو کليو ثبوت آهي هن چيو ته ماڻهو اسان سان راضي ٿين ٿا يا نه تنهن سان ڪو فرق نٿو پوي اسان پنهنجي منزل ڏانهن وڌندا رهنداسين لاهور ۽ فيصل آباد جي جلسن کي ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ۽ ڌرڻي پاڪستان جي سياست کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ مايوس ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي همت ڏياري آهي طاهر القادري چيو ته اسان اسلام آباد مان ڌرڻو ختم ڪري حڪومت سان ڪا ڊيل نه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته اڄ ايبٽ آباد ۾ ايڏو وڏو جلسو نه ڪريون ها اسان تي تنقيد ڪندڙ ٿورو صبر ڪن کين جلدي ئي خبر پئجي ويندي ته اسين ڇا پيا ڪرڻ چاهيون هن چيو ته هاڻ اسان ماڻهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي ۽ هن غير جمهوري ۽ ناڪام حڪومت خلاف نوان نوان محاذ کولي ڪيرائينداسين اسان هڪ پروگرام تحت اسلام آباد آيا هئاسين پر حڪومت ختم ڪري پوءِ واپس موٽنداسين پر الله تعاليٰ ظالمن، جابرن ۽ فرعونن کي مهلت ڏيندو آهي سو ايئن نه ٿي سگهيو پر الله تعاليٰ هاڻ اسان کي ٻيو متبادل ڏنو آهي جنهن ذريعي اسين جلسا جلوس ڪري ماڻهن کي جاڳائيندا رهنداسين هن ٻڌايو ته 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ وڏي عوامي تحريڪ هلائي جنهن ماڻهن ۾ وڏو شعور پيدا ڪيو ۽ هاڻ اسين ماڻهن کي جاڳائي انهن ۾ نئون شعور ڪنداسين هن ٻڌايو ته هن وقت انقلاب مارچ کانپوءِ ماڻهن کي جيڪو نئون شعور مليو آهي تنهن تحت هاڻ انهن پاڻ ۾ همت ساري گو نواز گو جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ماءُ جي پيٽان ڄاول ٻار به گو نواز گو جو نعرو هڻندو، هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسان جي اسلام آباد واري ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا هئا هاڻ آئون پاڻ انهن وٽ هلي ويندس ۽ جيڪڏهن مون کي عوام اڪثريت سان چونڊن ۾ ڪامياب ڪيو ته آئون واعدو ٿو ڪيان ته ايبٽ آباد کي سڀ کان پهريان صوبو ٺاهيندس ۽ پنجاب ۾ نوان صوبا ٺاهيندس، عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته اسان رڳو محرم الحرام جي احترام ۾ وقفو ڪيو آهي ۽ ڪارڪنن کي تياري جو وقت ڏنو آهي ته جيئن اهي نئين سر تازه توانا ٿي جدوجهد ڪن ايندڙ انقلابي ڌرڻو 23 نومبر تي بکر ۾ هنيو ويندو جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن هري پور ۾ انقلابي ڌرڻو هنيو ويندو ان کانپوءِ 5 ڊسمبر تي سرگوڌا، 14 ڊسمبر تي سيالڪوٽ ۽ 21 ڊسمبر تي مانسهرا ۾ ڌرڻو هنيو ويندو جنهن کانپوءِ 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار ٻاهران وڏو ڌرڻو هنيو ويندو جتي فيصلو ٿي ويندو ته انقلاب تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي يا وري ماڻهن اسان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

ايم پي اي ڪوثر پرويزن جوڻيجو جي استعيفيٰ منظور، تڪ تي ٻيهر چونڊ لاءِ شيڊيول جاري

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) پاڪستان اليڪشن ڪميشن پي ايس 76 تان چونڊيل ايم پي اي ڪوثر پروين جوڻيجو جي استعفيٰ منظور ڪندي نئين سِر ضمني چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڏيندي اليڪشن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نامزدگي فارم 27 کان 28 آڪٽوبر تائين ورتا ويندا، 29 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر تائين جانچ پڙتال ڪئي ويندي، 8 نومبر تي اپيلون داخل ڪيون وينديون، 10 نومبر تي اپيلن بابت فائنل فيصلو ٻڌايو ويندو، 11 نومبر تي اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد حتمي فيصلو ٻڌايو ويندو، جڏهن ته 29 نومبر 2014ع پولنگ جو ڏينهن هوندو، پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 76 تي پ پ پ اڳواڻ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو کي ايم پي اي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي بعد پ پ پ اڳواڻ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو جي حامين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.

 

فلم ”ايڪشن جيڪسن” جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ايڪشن جيڪسن” جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو. بالي ووڊ فلم ”ايڪشن جيڪسن” جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار اجي ديوگن ۽ اداڪاره سونا ڪشي شامل آهن، جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. ان پوسٽر ۾ باهه جي منظر ۾ هيلي ڪاپٽر کي اڏندي ڏيکاريو ويو آهي. پوسٽر جي هڪ ڪنڊ تي اجي ديوگن هٿ ۾ بندوق جهليندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ساڻس گڏ ٽئي اداڪارائون سونا ڪشي سنها، مناسوي ممگٽي ۽ يمي گوتم خوبصورت انداز ۾ بيٺل آهن. فلم جو هدايتڪار شاد علي آهي. اها فلم 5 ڊسمبر تي سينيما گرن جي زينت بڻجندي.

 

محرم الحرام دوران پي ٽي وي لاهور سينٽ محفل مشاعرو پيش ڪندو

لاهور (شُوبز نيوز)محرم الحرام دوران پي ٽي وي لاهور سينٽر محفل مشاعرو پيش ڪندو، ان سلسلي ۾ پروڊيوسر سيف الدين پي ٽي وي سينٽر تي نالي وارن شاعرن کي گهرائي رڪارڊنگ ڪئي، شاعرن ۾ ڪرامت بخاري، علي رضا ڪاظمي، فضل حسين، آغا نثار، نجيب احمد، قائم نقوي ۽ ناصر زيدي شرڪت ڪئي

 

نرما کي اسٽيج ڊرامي ”رنگيني“ ۾ ڪم ملي ويو

لاهور (شوبز نيوز)فلم اسٽار نرما کي ڊگهي عرصي کان پوءِ آخرڪار لاهور جي الفلاح ٿيٽر ۾ جاري اسٽيج ڊرامي ”رنگيني“ ۾ ڪم ملي ويو، عيد الاضحيٰ جي ڏينهن شروع ٿيل ڊرامي نرما جو مقابلو اداڪاره خوشبو سان آهي، ٻنهي فنڪارائن ڊانس جي حوالي سان سخت مقابلو ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

خوابن جو شهزادو جلد ملي ويندو: پرينيتي چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته هوءَ پر اميد آهي ته پنهنجي خوابن جي شهزادي سان جلد ملي وٺندي. هن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته هوءَ زندگي ۾ ڪيترن ئي ڇوڪرن سان ملي پر انهن مان کيس ڪو به پسند نه آيو. هن چيو ته مون کي پنهنجي خوابن جي شهزادي جي ڳولا آهي ۽ اميد آهي ته هن سال ئي کيس سندس زندگي جو ساٿي ملي ويندو.

 

پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 16 سالن بعد 400 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 16 سالن بعد 400 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. گرين شرٽس ان کان اڳ 1998ع ۾ پشاور ۾ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ 580 رنسون 9 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي. گرين شرٽس جو آسٽريليا خلاف اڄوڪو اسڪور ٽيسٽ جي هڪ اننگ ۾ ٻيو وڏو اسڪور آهي. دبئي ۾ آسٽريليا خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ بيٽسمينن شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڏيکاريو. پاڪستاني رانديگرن مان 2 ڄڻن سينچريون اسڪور ڪيون جڏهن ته 3 رانديگرن جون ففٽيون ان اسڪور ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم جي شاندار بيٽنگ عيوض پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 454 رنسون ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿي وئي.

 

بنگلاديش ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز)بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر واري ڏينهن شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي، تفصيل مطابق زمبابوي جي ٽيم 3 ٽيسٽ ۽ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش ۾ موجود آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 آڪٽوبر تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ 3 کان 7 نومبر تائين جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 12 کان 16 نومبر تائين چٽاگانگ ۾ کيڏي ويندي.