تازيون خبرون

Daily Archives: October 19, 2014

دپيڪا پڊڪون جي فرنچ ۽ ايراني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون فرنچ ۽ ايراني فلمن ۾ ڪم ڪرن جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي ايئن ته سڀ بالي ووڊ اداڪار هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهي پر دپيڪا جي ته خواهش ئي ڪجهه نرالي آهي جي ها بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون فرنچ ۽ ايراني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي سندس چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ فرنچ سئنيما به بالي ووڊ وانگر خوبصورت آهي مان نٿي سمجهان ته فلم جي ڪاميابي لاءِ سئنيما ايڏي اهميت رکي ٿي جيتري فلم جي اسٽوري ۽ ان جو اسڪرپٽ اهم آهي.

 

راني مکرجي پنهنجي نئين فلم حسينه ۾ دائود ابراهيم جي ڀيڻ جي شڪل ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره راني مکرجي جلد پنهنجي نئين فلم ۾ دائود ابراهيم جي ڀيڻ جي شڪل ۾ نظر ايندي حسينه نالي هن فلم جي شوٽنگ نومبر ۾ شروع ٿيندي جيڪا دائود ابراهيم جي ڀيڻ حسينه جي زندگي تي ٻڌل آهي حسينه پارڪر هلندڙ سال 6 جولاءِ تي روزي جي حالت ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويئي هئي لاڏاڻي کان اڳ فلمساز حسينه پارڪر جي زندگي جي لاحن چاڙهن متعلق معلوم ڪرڻ لءِ ان سان ڪافي وقت گذاريو هدايتڪار اپورا واهه چيو آهي ته راني مکرجي ئي ان ڪردار سان انصاف ڪري سگهي ٿي ان سلسلي ۾ جڏهن اپورا واهه راني سان رابطو ڪيو ته هن فورن فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي جنهن جي عڪسبندي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي.

 

سينئر اداڪاره فرزانه ٿهيم لاهور کان ڪراچي منتقل ٿي وئي

لاهور(شوبز نيوز)پي ٽي وي جي مشهور سينئر اداڪاره فرزانه ٿهيم لاهور کان ڪراچي منتقل ٿي وئي آهي. فرزانه ٿهيم اڄ ڪلهه ڪراچي جي ڪيترن خانگي ٽي وي ڊرامه سيريلز ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فرزانه ٿهيم ٻڌايو ته هتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر پيشوراڻو رويو رکندا آهن ۽ اداڪارن جو قدر ڪندا آهن. ياد رهي ته فرزانه ٿهيم جي وڏي ڀيڻ اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ رهندي آهي

 

اداڪاره ماهه نور ڀارتي فلمن ۾ بولڊ ڪردار سبب اداڪاري کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره ماهه نور ڀارتي فلم ۾ بولڊ ڪردار سبب اداڪاري کان معذرت ڪري ورتي ٻڌايو ويو آهي ته اداڪاره ماهه نور کي ڀارتي فلم ساز رجيش ملهوترا پنهنجي نئين شروع ٿيندڙ فلم ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي هئي جڏهن ته اداڪاره اسڪرپٽ ۾ پنهنجي ڪردار بابت معلوم ڪرڻ کان پوءِ فلم ۾ اداڪاري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي اداڪاره جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مان پاڪستاني ثقافت کان روشناس آهيان ۽ مون کي پنهنجي حدن جو به علم آهي ڀارتي فلمن ۾ بولڊ ڪم ڪري تڪراري نٿي بڻجڻ چاهيان جيڪڏهن سٺي ڪردار وارين فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي ته ضرور ڪنديس

 

آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ 16 ميمبرن تي ٻڌل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف دبئي ۾ 22 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ لاءِ 16ميمبرن تي ٻڌل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي. قومي سليڪشن ڪاميٽي چيف سليڪٽر معين خان جي سربراهي ۾ آسٽريليا خلاف ٿيندڙ چار ڏينهن واري ميچ ۾ رانديگرن جي پرفارمنس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ چيئرمين پي سي بي شهريار جي منظوري سان ٽيم جو اعلان ڪيو آهي. 16 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، اظهر علي، احسان عادل، حارث سهيل، عمران خان، مصباح الحق (ڪپتان)، محمد حفيظ، محمد طلحه، راحت علي، سرفراز احمد، شان مسعود، توفيق عمر، ياسر شاهه، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن. اسڪواڊ ۾ شامل 3 رانديگر ٽيسٽ ڊيبو ڪندا جن ۾ حارث سهيل، ياسر شاهه ۽ عمران خان شامل آهن. پاڪستاني ٽيم ۾ توفيق عمر، محمد حفيظ ۽ ذوالفقار بابر کي ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي. چيف سليڪٽر معين خان چيو ته ڪپتان مصباح الحق ۽ هيڊ ڪوچ وقار يونس جي مشوري سان بهترين رانديگرن تي ٻڌل ٽيم چونڊي وئي آهي

 

 

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ 22 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي

شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل ڪرڪيٽ سيريز جي مئچ 22 اڪٽوبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندي شيڊول موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 22 آڪٽوبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ 30 آڪٽوبر کان ابوظهبي ۾ شروع ٿيندي.

 

بي سي سي آءِ ورڪنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس (سڀاڻي) ٿيندو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ٽيم جي اوچتي ڀارت جي دوري تان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا(بي سي سي آءِ ) ورڪنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس (سڀاڻي) 21 آڪٽوبر تي حيدرآباد (دکن) ۾ طلب ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز ٽيم بورڊ ۽ ويسٽ انڊيز پليئر ايسوسيئيشن سان ادائيگين جي ڍانچي جي حوالي سان جاري تڪرار سبب 17 آڪٽوبر تي ڀارت جي دوري تان دستبرداري جو اعلان ڪيو هو. بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بورڊ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور لاءِ اهو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم جي اوچتي دوري تان دستبردار ٿيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

 

ڀارت جو ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ پنجن سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي غور

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز)بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول فار انڊيا (بي سي سي آءِ) ويسٽ انڊيز ٽيم جي دوري ڀارت کان اوچتو هٿ کڻڻ تي ڳري نقصان جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو ته هو ڪاري آنڌي خلاف ايندڙ 5 سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي غور ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان حتمي فيصلو 21 آڪٽوبر تي بي سي سي آءِ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ڪاري آنڌي جي ٽيم 17 آڪٽوبر تي بورڊ ۽ ويسٽ انڊيز پليئرز ايسوسيئيشن سان گڏ معاونن جي تڪرار سبب ڀارت جي دوري کان انڪار ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊن وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ويسٽ انڊيز ٽيم جو دورو اڌ ۾ ڇڏڻ سبب بورڊ کي وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ بورڊ جي ڪيترن ميمبرن ويسٽ انڊيز کي سخت پيغام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪاري آنڌي خلاف ايندڙ پنجن سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.

 

بلاول ڀُٽو جي سياسي سفر جي شاندار ابتدا : مشتاق احمد

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو، ڪراچي جي تاريخي جلسي سان پنهنجي سياسي سفر جي ابتدا ڪري چُڪو آهي. ايڏي وڏي تاريخي جلسي جِتي بلاول ڀُٽو کي اتساهه ڏنو آهي، اُتي سموري دنيا ۽ پوري مُلڪ ۾ اِهو پيغام پڻ ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي بوتي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سُڃاڻپ، اهڙا وڏا تاريخي جلسا رهيا آهن. تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي جلسن کان وٺي، شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي جلسن تائين. پر شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت سان ڄڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا جلسا به شهيد ٿي چُڪا هئا، اُنهي ساڳئي ڪلچر ۽ روايت کي نئين سر زنده ڪري بلاول ڀُٽي هڪ اهم ابتدا ڪئي آهي. ڇو ته سياست ۾ ”جلسا ڪلچر“ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اُنهن جي ذريعي ئي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي، مُلڪ جي اُها واحد پارٽي آهي، جنهن جا اڳواڻ مُلڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ جلسا ڪري ۽ گڏجاڻيون ڪري مُلڪ جي عوام ۽ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي جي اندر ’جان نثار جيالا‘ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙن جلسن ۽ گڏجاڻين کانپوءِ مقامي اڳواڻن کان پارٽي پاران جيڪو پُڇاڻو ٿيندو هو، انهي پُڇاڻي جي ڪري پارٽي اندر ڪم ڪرڻ وارو جذبو هوندو هو، جيڪو جذبو ڄڻ ته شهيد بينظير ڀُٽو سان گڏ دفن ٿي چُڪو هو.

بلاول ڀُٽو، نوجوان آهي، نوجوانن جو پسنديده اڳواڻ بڻجي سگهي ٿو، انهي لاءِ بلاول ڀُٽي کي سياسي ميدان ۾ نوجوانن جي لاءِ پنهنجو پروگرام واضح ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ سان گڏ نوجوانن کي، نئين قيادت ۽ مُلڪي خدمت وارو جذبو رکندڙن نوجوانن کي همٿائي، اڳيان آڻڻو پوندو.

سياسي ميدان جي اِها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آهن، اُهي ترقي پسند سوچ رکندڙ ناهن، سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي. مُلڪ جي سڀني پارٽين جو ڇيد ڪجي ته خبر پئجي ويندي ته ڪا پارٽي رجعت پسند سوچ جي ملندي ته ڪا پارٽي مذهبي جنونيت سان ڀريل ملندي ته ڪنهن پارٽي جي پويان انتهاپسند بيٺل نظر ايندا ته ڪنهن پارٽي جي اڳواڻن جي سوچ طالبانن واري سوچ آهي، جيڪا سوچ ۽ جيڪي ڳالهيون مُلڪ ۽ عوام جي حق ۾ ڪنهن به ريت ناهن. پاڪستان جي سڀني پارٽين مان پاڪستان پيپلز پارٽي اُها واحد پارٽي آهي، جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي سوچ ۽ نظريي سان سلهاڙيل آهي، ٻنهي شهيدن جي سوچ هر دؤر ۾ جمهوريت مخالف قوتن سان وڙهندي رهي آهي ۽ سوڀ پڻ ماڻيندي رهي آهي.

تنهن ڪري مُلڪ جو باشعور طبقو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي نه رُڳو حمايت ڪري ٿو، پر اُن سان گڏ بيٺو نظر اچي ٿو.

بلاول ڀُٽو جون مختلف وقتن تي ڪيل تقريرون ۽ ٽوئٽ تي موڪليل پيغامن ۾ پڻ اُها ئي سوچ ملي ٿي، جيڪا سوچ مذهبي انتهاپسندي ۽ جمهوريت مخالف قوتن سان ٽڪرائيندي رهي آهي.

تنهن ڪري بلاول ڀُٽي کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي اهڙي نموني ٺاهڻ گهرجي، جيئن اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي ذميواريون ڏنيون وڃن ۽ جمهوريت دوست ڌريون ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙن کي مضبوط ڪري، ڀُٽوز جي سوچ ۽ نظريي کي گهر گهر تائين پُهچائجي. انهيءَ لاءِ تعليمي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جي خاص ضرورت آهي.

بلاول ڀُٽو، جنهن جوش ۽ جذبي سان عملي سياست جي شروعات ڪئي آهي، انهي جوش ۽ جذبي سان جيڪڏهن هُن پنهنجي پارٽي اندر ۽ مُلڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته اهو مُلڪ ۽ عوام جي لاءِ سُٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو.

بلاول ڀُٽي وٽ وسيع خانداني سياسي پسمنظر آهي ۽ بلاول سان گڏ ڀُٽوز جي مضبوط سوچ ۽ نظريو آهي، جيڪو سياسي ميدان ۾ بلاول کي ٿڪجڻ نه ڏيندو ۽ انهي نظريي جا حامي ساڻس سياسي سفر ۾ گڏ هلي پنهنجي نوجوان اڳواڻ جي رهنمائي پڻ ڪندا رهندا. گُذريل ڪيتري ئي وقت کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا خاموشي اختيار ڪئي هئي، اُنهي خاموشي جو سبب سمجهه ۾ اچي پيو ته ان جي پُٺيان به ڪي سبب هُئا ۽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مينهن وسڻ کان پهرين گهُٽ پوسٽ وارو ماحول هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اندر گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ بلاول ڀُٽو تازي هوا جيان آيو آهي ۽ لڳي ٿو ته مينهن وسندو. اِها گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ختم ٿي ويندي ۽ هر شيءِ ڌوپجي ويندي. ڇو ته بلاول ڀُٽو، سياست ۾ اهڙي نموني آيو آهي، جهڙي نموني سندس امڙ شهيد بينظير ڀُٽو، سياسي ميدان ۾ لٿي هُئي، شهيد محترمه بينظير ڀُٽو، ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کانپوءِ سياسي ميدان ۾ آئي هُئي ۽ بلڪل اهڙي ئي نموني بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ بلاول ڀُٽو سياسي ميدان ۾ لٿو آهي، ساڳيو انداز آهي، ساڳيو جوش ۽ جنون آهي، ساڳيو اُتساهه آهي.

بلاول ڀُٽو جو مقابلو، نه نواز شريف سان آهي، نه عمران خان سان آهي ۽ نه ئي مذهبي پارٽين سان آهي، پر بلاول ڀُٽو جو اصل مقابلو جمهوريت مخالف قوتن سان آهي، مذهبي انتهاپسندن سان آهي ۽ رجعت پسند سوچ سان آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت مخالف قوتون، مذهبي انتهاپسند ۽ رجعت پسند سوچ ڏاڍي مضبوط ٿي چُڪي ۽ اُهي قوتون نه رُڳو مضبوط آهن، پر اُنهن جون پاڙون مُلڪ جي هر حصي ۾ پکڙيل آهن. اهڙين قوتن سان ذوالفقار علي ڀُٽو جهيڙيندي شهيد ٿي ويو، پر جُهڪيو نه ۽ ساڳين قوتن سان شهيد بينظير ڀُٽو به دليراڻي انداز ۾ وڙهندي شهيد ٿي وئي. ساڳين قوتن سان بلاول ڀُٽو جو مقابلو آهي، تنهن ڪري اهڙين قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ عام ڳالهه ناهي، اِها ڳالهه بلاول ڀُٽو به خوب سمجهندو هوندو. تنهن ڪري بلاول ڀُٽي کي پنهنجي سياسي دانشمندي سان هڪ اهڙي سياسي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جنهن سان هُو اُنهن کي مات ڏئي سگهي. دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۾ گهيريل پاڪستان جون نظرون پڻ بلاول ڀُٽي ۾ آهن. ڏسڻو اِهو آهي ته بلاول ڀُٽو ڪيئن پاڪستان کي دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۽ جمهوريت مخالف قوتن کان نجات ڏياري ٿو.

 

بلاول جي نانءُ: سرمد منصور

موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل، سنڌ جي راڻي جا ڏهٽا ۽ شهيد راڻيءَ جي جگر جا ٽُڪرا، توکي پنهنجي شاندار سياسي سفر جي شروعات تي ڀليڪار ڪريون ٿا. سياسي رُڃ ۾ تنهنجي آمد مور جي رڙ جيان آهي، تون سينورجي ويل سياست جي تلاءَ ۾ اُهو ڪنول ٿي کڙيو آهين، جنهن کي ڏسندي نراس جا سمورا سپنا ٽُٽي پيا آهن، ماڻهن جي اکين ۾ اُميد جي جوت جلي پئي آهي ۽ اُنهن تنهنجي اکين ۾ ذلفي ۽ بينظير جي تصوير کي ڏسڻ شروع ڪيو آهي. تو مٿي اُن عظيم ڪردار جو نالو رکيو ويو آهي، جنهن کي حق ۽ سچ خاطر گهاڻي ۾ پيسجڻو پيو، جنهن پنهنجي آخري خواهش به اِها ڏيکاري ته کيس پيرن کان گهاڻي ۾ وڌو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٽُٽندڙ عضون جو آواز پنهنجي ڪنن سان ٻُڌي سگهي. مون کي پتو ناهي ته تو مٿي اِهو نالو رکندي تنهنجي وڏڙن ڇا سوچيو هو؟ پر اِها سنڌ جي روايت آهي ته اُهي پنهنجن ٻارن مٿان اهڙن امر ڪردارن جو نالو ان ڪري رکندا آهن ته جيئن اُهي پنهنجي نالي جو ڪو اثر وٺي سگهن. توکي سنڌ ۾ هزارين دودي نالي سان ملندا، پر چنيسر نالو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ملندو، جو ڪا به ماءُ چنيسر جهڙو طعنو سهڻ نه چاهيندي آهي.پيارا بلاول، ڪالهوڪي شاندار جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ جڏهن تو اُن گهنڊيدار وارن واري اُن سنڌ جي امر ڪردار هوش محمد شيديءَ جي مزار مٿان بيهي دُعا لاءِ هٿ مٿي کنيا هُئا ته تنهنجي پارٽي ۽ پارٽيءَ جي سمورن وزيرن لاءِ جيڪو ڪروڌ منهنجي ذهن ۾ گڏ ٿيل هُو، سو اُن ويلي نه ڄاڻ الائي ڪيڏانهن ٽڙي پکڙي ويو ۽ مون کي تو مٿي بي انتها پيار آيو. مون کي اِئين لڳو ته تون پنهنجي امڙ کان ٻه قدم اڳتي نڪري آيو آهين، تنهنجي اُها امڙ، جيڪا اڄ کان ست سال پهريان جلاوطنيءَ ختم ڪري جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز مان لهي رهي هُئي ۽ هُن پنهنجي ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ کان پهريان آسمان ڏانهن مُنهن ڪري دُعا لاءِ ٻُڪ ٺاهيو هو، اُن دُعا جي ٻُڪ ۾ هُن ڇا گهريو هوندو؟ مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو، پر ايتري سا پڪ ضرور اٿم ته هُن هن ڌرتيءَ جي اُنهن ڪروڙين مٿي ۽ پيرين اُگهاڙن جي سُک جي لاءِ دُعا ضرور گُهري هوندي، هُن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ پنهنجي ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ جي شُڪر ادائي ضرور ڪئي هوندي، جو بلاول هيءَ ڌرتي اُنهن وسيع دل رکندڙ ماڻهن جي ڌرتي آهي، جن ڌارين کي به پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري ڇپر ۽ ڇانوَ ڏني، اُنهن کي پناهه ڏني ۽ اُنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي هُجڻ جو احساس ڏياريو، پر اِها اُنهن جي بدقسمتي آهي جو اُهي اُن ڇانوَ ڏيندڙ ڌرتيءَ کي اڄ تائين پنهنجو نه ڪري سگهيا آهن.بلاول، هوش محمد شيديءَ جي مزار تي تنهنجي گهريل دُعا، سنڌ دشمنن کي ضرور نيست ۽ نابود ڪرڻ وارو هٿيار ثابت ٿيندي. گڏوگڏ اِها دُعا اُنهن ماڻهن لاءِ به هڪڙو پيغام آهي، جيڪي سنڌ کي نڌڻڪو سمجهي اُن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ گهرن ٿا. ۽ اُميد ٿي ڪجي ته هوش محمد شيديءَ مٿان تنهنجي گهريل اِها دُعا ڪو سياسي داءُ نه پر تنهنجي اندر جو آواز هوندي.پيارا بلاول، ڪير ڇا به چوي، پر منهنجي دل بار بار اِهو ئي چئي رهي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ لاءِ بلاول بڻجي وريو آهين، تنهنجي زندگيءَ جو مقصد اقتدار جي حاصلات هرگز نه هوندو، بلڪه اُنهن ڪروڙين ماڻهن جي اُميدن جو عڪس بڻجي سياسي جَر مٿي جرڪندين، جن کان، آزاديءَ جي دولاب ۾ رکي، سڃاڻپ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ڦُرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. بلاول، تنهنجو نانو، جنهن ويل ٻانهون کُنجي اسٽيج تي اچي ماڻهن کان وچن وٺندو هو، تڏهن ماڻهو مٿس مرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هُئا ۽ ساڳيو جذبو اڄ کان ست سال اڳ تنهنجي امڙ جي جانثارن اُن ساڳي ڪارساز سانحي وقت ڏيکاريو هو، جنهن جي ياد ۾ ڪالهه تو جلسو ڪوٺايو هو. رُڳو ايترو ئي نه پر تنهنجي امڙ جي شهادت تي سنڌ جا ماڻهو اِئين رُنا هُئا، جيئن ڪو پنهنجي گهر ڀاتيءَ جي وڇوڙي تي روئندو آهي ۽ اِهو پهريون ڀيرو هو جو پوريءَ سنڌ ۾ ٽن ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌيءَ جي گهر ۾ چُلهه ڪونه ٻري هُئي. اهڙو پيار شايد ئي ڪنهن قوم پنهنجي اڳواڻن سان ڪيو هُجي، جهڙو سنڌي قوم تنهنجي نانا ۽ امڙ سان ڪيو آهي. پر افسوس ته تنهنجي پارٽي اُهو واعدو پاڙي نه سگهي، جيڪو هُنن چونڊن وقت پنهنجن ماڻهن سان ڪيو هو. ممڪن آهي ته تنهنجي وزير وڙن کان اُهو واعدو وسري ويو هُجي، پر ماڻهن کي اڄ به ياد آهي، ماڻهو اڄ به تنهنجي امڙ جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ گهرن ٿا، اُنهن جا سينا تيستائين ڪونه ٺرندا، جيستائين اُهي پنهنجي عظيم ليڊر جي قاتلن کي ڦاهيءَ چڙهندي نه ڏسندا. پر لڳي ائين ٿو ته تنهنجي پارٽيءَ ليڊرن هاڻ اُنهن قاتلن کان بدلو وٺڻ وارو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن جهڙوڪر اقتدار جي عيوض اُن عظيم اڳواڻ جو خون بخش ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اِئين آهي ته پوءِ بلاول تون سنڌ جي ماڻهن کي گهڻي وقت تائين گڏ رکي نه سگهندين، تنهن ڪري اُنهن ماڻهن سان توکي اِهو وچڻ ڪرڻو پوندو ته تون پنهنجي ماءُ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ واري واعدي کي پاڙي ڏيکاريندين. ماڻهو تنهنجي نانا جي هن پارٽيءَ سان گذريل 42 سالن کان واڳيل آهن، اُنهن ڪڏهن به اِهو حساب ناهي ڪيو ته سندن محبت جي بدلي هُنن کي ڇا پلئه پيو آهي، نه ئي اڄ هو اهڙي ميار اوهان کي ڏين ٿا، پر اِهو تنهنجو فرض ٿو بڻجي ته تون پنهنجي نانا ۽ پنهنجي امڙ جي ماروئڙن جي خوابن کي ساڀيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرين، جيڪي تنهنجي نانا ۽ تنهنجي امڙ اُنهن جي اکين ۾ پوکيا هُئا.پيارا بلاول، سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڇا آهي؟ تون يقينن اُن کان واقف هوندين، جو ٿورو ئي وقت اڳ ۾ تو ٿر جي اُنهن نٻل ۽ ڪمزور ماروئڙن جي ٻارن کي موت جي مُنهن ۾ ويندي ڏٺو هو، اُهي ماروئڙا جن وٽ غذائي کوٽ هُئي، جيڪي پنهنجي ٻارن جو پيٽ به پوريءَ ريت ڀري نه ٿي سگهيا. اُنهن سان تو جيڪي واعدا ڪيا هُئا، سي ڪنهن حد تائين ته پاڙيا ويا، پر انهن کي مڪمل طور پاڻي نه اچي سگهيو آهي، جو اڄ به اُهي علائقا ڏڪاريل آهن، اُنهن کي تنهنجي توجه جي ڪالهه به ضرورت هُئي اڄ به آهي.پيارا بلاول، توکي سنڌ جي اُن اڀاڳ طرف به ڌيان ڏيڻو پوندو، جنهن ۾ برادريون هڪ ٻئي خلاف هٿيار تاڻيو ويٺيون آهن، ۽ اُنهن برادرين جا اڪثر سردار تنهنجي پارٽيءَ جا سرگرم اڳواڻ آهن. جيڪڏهن تون اُنهن اڳواڻن کي اُهي جهڳڙا ختم ڪرڻ لاءِ پابند بڻائين ته شايد جنگي حالتن ۾ جيئندڙ اُهي برادريون سُک جو ساهه کڻي سگهن ۽ اُنهن جا ننڍڙا ٻارڙا جن جي هٿيارن ۾ ڪتابن بجاءِ هٿيار آهن، اُهي اسڪولن جو رُخ ڪري سگهن. ايترو ئي نه پر بلاول تنهنجي اُن سنڌ ۾ سج لٿي کان پوءِ ماڻهن جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ چُرڻ پُرڻ محال آهي، جو ڏوهاري گور گهمندا وتن ٿا ۽ اُنهن کان ڪو پُڇڻ آکڻ وارو ناهي.۽ اِهو به ته، تنهنجن هنن ماروئڙن جون زندگيون ڏاڍيون تنگ گُذرن ٿيون، اُنهن کي روزگار نٿو ملي، اُنهن کي صحت جون سهوليتون ناهن ۽ اُنهن جي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا سياسي تڪرارن سبب پڪا نٿا ڪيا وڃن، اُهي ورهين کان اُنهن کڏن کوٻن وارن رستن جو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن، اُنهن جي اکين ۾ هاڻ جيڪڏهن اُميدن جا ڪي گونچ پوکڻ به چاهين ته اُنهن مان اِئين هٿ نه ڪڍي وٺجيئن، جيئن تنهنجي موجوده قيادت گذريل دور دوران ڪيو آهي. سو پيارا بلاول، هتي جي ماڻهن تنهنجي نانا ۽ تنهنجي امڙ سان سدائين نڀايو آهي، تنهن ڪري هاڻ تنهنجو وارو آهي ته تون اُنهن سان نه رُڳو نڀائيندين، پر اُنهن کي اِهو ثابت به ڪري ڏيکاريندين ته سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول وري مليو آهي. اسين تنهنجي هن سياسي سفر لاءِ دُعاگو آهيون ۽ اِها به دُعا گهرون ٿا ته تون ڪرپٽ، موقعي پرست، ڦورن، لُٽيرن، قبضي خورن ۽ ٻچاپڙن کان محفوظ رهندين!