تازيون خبرون

Daily Archives: October 2, 2014

توانائي جي جاري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي: نواز شريف

pm_ongoingpowerprojectاسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ توانائي جي جاري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي جي جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي بابت جائزو ورتو ويو وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري توانائي منصوبن ۽ ايندڙ مهينن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي توانائي جي جاري منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان سڄي عمل ۾ شفافيت جي معيار کي برقرار رکيو وڃي وزيراعظم چيو ته عوام کي بجلي جي فراهم يقيني بڻائڻ تي گهڻي توجهه ڏني وڃي.

 

مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون، انتطام اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏCM [PHOTOي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊن جو بندوبست اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ئي ڪرڻو آهي، اسين ان لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، غريب هارين کي 20 سالن لاءِ ليز تي زمينون ڏنيون وينديون، ڌرڻن جا ملڪ ۽ جمهوريت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ٻوڏن، برساتن ۽ ڏڪار سبب بحرانن جو منهن ڏسڻو پيو پر مخالفن مان ڪنهن به سنڌ جي ماڻهن جي دادرسي نه ڪئي، اها فقط پاڪستان پيپلزپارٽي هئي جنهن ماڻهن جي هن مشڪل گهڙي ۾ مدد ڪئي. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن شام جو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ش/هنشاهه جي رهائشگاه تي سينيئر صحافين ۽ ايڊيٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي بيروزگار نوجوانن کي روزگار، فني تربيت، هارين کي زمينون ڏيڻ ۽ غريبن جي مالي مدد فراهم ڪرڻ جي پروگرامن تي عمل ڪري غريبن جي وسيلن ۾ اضافو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي گذريل حڪومتي دور ۾ 3 لک نوجوانن کي سڌو روزگار ۽ هڪ لک 80 هزار بيروزگار نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪرڻ کان علاوه نوجوانن کي پاڪستان ايئرفورس ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻه وڏا تربيتي ادارا هڪ نوابشاهه ۽ ٻيو پنوعاقل ۾ قائم ڪيا، ائين نوجوان فوج ۾ روزگار جا موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماڻهو روزگار جي معاملي ۾ فقط پيپلزپارٽي مان ئي اميد رکن ٿا. هن چيو ته بيروزگاري ۽ غربت سنڌ جو وڏو مسئلو آهي ۽ پي پي پي جي حڪومت غربت گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن. هن چيو ته هاڻ اسين گڊو کان شاهه بندر تائين سنڌ جي ڪچي جي علائقي جي سرڪاري زمين غريب هارين کي 20 سالن لاءِ ليز تي ڏيڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل اي – 140 تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي پر اليڪشن جو بندوبست اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهربل سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ تڪبندي به شامل آهي. هن چيو ته اهو ڪم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ وفاق جو آهي ته هو ڪڏهن اليڪشن ڪرائن ٿا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ٿر ۾ ڏڪار کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ گذريل 3 سالن کان ماڻهن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي جڏهن ته ٿر جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ پڻ اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻوڏن، برساتن ۽ ڏڪار جهڙين قدرتي آفتن دوران مخالفن مان ڪنهن عوام جي دادرسي نه ڪئي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو جلسو ٿيندو، جيڪو ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. وڏي وزير ڌرڻن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڌرڻا هڻڻ جي اصل مقصدن جي ڌرڻا هڻندڙ پارٽين ۽ ليڊرن کي ئي خبر هوندي، جيستائين ڌرڻن جو تعلق آهي ته ان سان ملڪ ۽ جمهوريت تي هاڪاري اثر نه پيا پون .

 

وزير اعظم نااهلي ڪيس: درخواست گذار جي ڳالهه مڃي ته پارليامينٽ نااهل ٿي ويندي: سپريم ڪورٽ

Pakistan Ends Emergency Ruleاسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته درخواست گذار جي ”صادق ۽ امين“ واري ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي ويندي، جڏهن ته درخواست گذار چيو آهي ته چاهي منهنجا ٽڪڙا به ڪيا وڃن تب مان درخواست واپس نه وٺندس، فاضل بئنچ رمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم جي نااهلي لاءِ پٽيشن آندي وئي، ڳالهه عدالت اچي وئي آهي، هاڻ اها کلندي، سڀ ايندا، بيان ڏيندا ۽ جرح ٿيندي، صحابن سڳورن بعد ته ڪو صادق ۽ امين نه آهي، درخواست گذار جي ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي وڃي، وزيراعظم تي قسم جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي ته ڪاروائي ٿيندي، ڀڃڪڙي ثابت ڪرڻ لاءِ آرمي چيف کي حلفيه بيان ڏيڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف کي درخواست ڪئي هئي يا نه، ان جو جواب صرف آرمي چيف ئي ڏئي سگهي ٿو، هاڻ اسان ان درخواست کي واپس وٺڻ جي به اجازت نه ڏينداسين. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس دوست محمد درخواست گذار جي وڪيل طاهر نواز سنڌو کان پڇو ڇا اوهان آرمي چيف کي بطور شاهد يا ان جو بيان حلفي پيش ڪري سگهو ٿا، اهو معاملو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ هو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڇا ڳالهيون ٿيون، اهو ڪو نٿو ڄاڻي، جسٽس دوست محمد چيو ته صحابن سڳورن بعد ته هاڻ ڪو صادق ۽ امين ناهي، اوهان کي ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي وڃي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اوهان اخباري بيان پڙهي پٽيشن کڻي آيا، ڳالهه هاڻ اڳتي ويندي، سڀ ايندا، بيان ڏيندا ۽ جرح ٿيندي، درخواست گذار چيو ته ڳالهه ايتري حد تائين نه ويندي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته ڳالهه ته اڳتي ويندي حقيقتن کي ڏسڻو آهي. وزيراعظم آرمي چيف کي درخواست ڪئي هئي يا نه، ان جو جواب صرف آرمي چيف ئي ڏئي سگهي ٿو، قوم کي اوهان جو ٿورائتو هئڻ گهرجي جو اوهان ان معاملي کي عدالت کڻي آيا، ڳالهه هاڻ کلندي، اهو به پتو لڳڻ گهرجي ته عمران خان ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته وزيراعظم جي نااهلي جي درخواست پراڻي آئين جي روشني ۾ تيار ٿي، درخواست گذار اپيل ڪئي ته آرٽيڪل 2 6 ۽ 3 6 جي لاڳو متعلق سوچڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جيڪڏهن نااهلي جون شقون لاڳو نٿيون ٿين ته قسم جي ڀڃڪڙي تي نواز شريف خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جسٽس دوست محمد چيو ته ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي ته ڪاروائي ٿيندي، ڀڃڪڙي ثابت ڪرڻ لاءِ آرمي چيف کي حلفيه بيان ڏيڻو پوندو. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته هاڻ اسان ان درخواست کي واپس وٺڻ جي به اجازت نه ڏينداسين. درخواست گذار جو چوڻ هو ته منهنجا ٽڪڙا به ٿي وڃن تڏهن به مان درخواست واپس نه وٺندس، ڪيس جي ٻڌڻي 5 1 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

پشاور، مسافر ڪوچ ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، 8 سخت زخمي

NNI02-45پشاور (م.ڊ) پشاور لڳ علائقي بازيد خيل جي اسٽيفن چوڪ تي مسافر ڪوچ ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، 8 سخت زخمي، اسپتال منتقل. تفصيل موجب بازيد خيل ۾ اسٽيفن چوڪ تي مسافر ڪوچ ۾ سيلينڊر ڦاٽڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي بعد مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 1 1 سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته هاءِ ايس ڪوچ به مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايو جتي عورت سميت وڌيڪ/3 ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي ساهه ڏئي ويٺا. اسپتال ذريعن موجب زخمين ۾ ڪجهه جي حالت نازڪ آهي، مسافر ڪوچ ۾ ٿيل ان ڌماڪي بابت اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اهو دهشتگردي جو نتيجو آهي يا گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سان ٿيو آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن جي جاچ جاري آهي.

 

وائيس ايڊمرل ذڪاءُ اشرف کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي، پاڪ نيوي جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد (بيورو) صدر مملinp 02-57ڪت ممنون حسين وزيراعظم نواز شريف جي ايڊوائيس تي وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏئي پاڪ نيوي جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، موجودهه نيول چيف ايڊمرل آصف سنڌيلا 7 آڪٽوبر تي ريٽائر ٿي ويندو. تفصيل موجب خميس ڏينهن وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏئي پاڪ هوائي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف جي ايڊوائيس تي صدر ممنون حسين سندس مقرري ڪئي، صدر ممنون حسين جي موڪليل چئن ڄڻن جي لسٽ ۾ وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله جو نالو سڀ کان مٿي هو. لسٽ ۾ موڪليل نالن ۾ وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کان علاوه وائيس ايڊمرل حشام بن صديق جيڪو ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف جي عهدي تي مقرر آهي، وائيس ايڊمرل ظفر محمود عباسي جيڪو ڪمانڊر پاڪستان ايليٽ جي عهدي تي مقرر آهي ۽ وائيس ايڊمرل سيد عارف الحسيني جيڪو ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي عهدي تي مقرر آهي جا نالا شامل هئا.

 

ٻارن ۽ مائرن جا قاتل ؛ فيصل باري

هيومن ڊيولپمينٽ رپورٽ 2014 مطابق، جتي سريلنڪا ۾ پيدا ٿيڻ وارن هر 1000 ٻارن جي مقابلي ۾ 8 ٻارن جو موت ٿيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ اهو تناسب 69 آهي. جيڪڏهن اسين اندازي مطابق پنهنجي آباديءَ ۾ سالياني اضافي جي شرح کي ساليانو 2 سيڪڙو به رکون ته 18 ڪروڙ جي هن مُلڪ ۾ هر سال 36 لک ٻارن جي پيدائش ٿئي ٿي ۽ اُن مان تقريبن ٻه لک 40 هزار ٻار پيدا ٿيندي ئي يا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.سادن لفظن ۾ چئجي ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جي مقابلي ۾ 61 وڌيڪ ٻارن جو موت ٿئي ٿو. اها حقيقت آهي ته سريلنڪا في ڪس 9 هزار 2 سؤ 50 ڊالر سالياني آمدنيءَ سان گڏ پاڪستان کان گهڻو اڳتي آهي، جتي في ڪس آمدني صرف 4652 ڊالر آهي. پر اهو مسئلو ٿوري يا گهڻي آمدنيءَ جو ناهي. ويٽنام جي في ڪس آمدني اسان جي تمام گهڻو ويجهو آهي، پر اُتي هڪ هزار ٻارن جي مقابلي ۾ صرف 18 ٻارن جو موت ٿئي ٿو. بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2713 ڊالر آهي، پر اُتي هڪ هزار ٻارن جي مقابلي ۾ صرف 33 ٻارن جو موت ٿئي ٿو. اهو واضح رهي ته انهيءَ سڄي مامري جو تعلق صرف آمدنيءَ سان ناهي.اهو ضرور سچ آهي ته آمدني، انساني ترقي جاچڻ جو هڪ پيمانو آهي، پر آمدني ۽ ترقيءَ ۾ تعلق سادو ۽ سڌو سنئون ناهي. بنگلاديش ۾ انساني ترقيءَ جو پيمانو پاڪستان کان بهتر آهي، ڀلي اُن جي آمدني اسان کان گهٽ آهي، ويٽنام ۾ في ڪس آمدني اسان کان صرف ٿوري گهڻي آهي، پر پوءِ به اُتي انساني ترقيءَ جو معيار اسان کان گهڻو بهتر آهي.پاڪستان جيتري يا اُن کان ٿوري گهٽ وڌ آمدني رکندڙ سڀني قومن ۾ نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح اسان کان گهڻي گهٽ آهي ۽ اُتي ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بهتر ۽ قابل قدر قدم کنيا ويا آهن. مان پاڪستان جي ڀيٽ ڪنهن ترقي يافته ۽ وڌيڪ آمدني رکندڙ مُلڪ سان نٿو ڪيان، نه ته فرق تهائين وڌيڪ واضح هُجي ها ۽ ماڻهو به اهوئي چون ها ته پاڪستان جي اهڙن مُلڪن سان ڀيٽ دُرست ناهي. پر ترقي پذير مُلڪن جي مقابلي ۾ به اسان جي پرفارمنس ڪا گهڻي چڱي ناهي رهي.هر هڪ لک زندهه ڄمندڙ ٻارن جي مقابلي ۾ سريلنڪا ۾ 35 ۽ ويٽنام ۾ 59 مائرون مري وينديون آهن، پر پاڪستان ۾ اهو تعداد 260 آهي. جيڪڏهن انهيءَ حوالي سان حساب لڳائجي ته پاڪستان ۾ ڳورهارين عورتن جي حوالي سان اهو تعداد 10 هزار بيهي ٿو. دهشتگردي ۽ ٻين واقعن ۾ مرندڙن جو تعداد مائرن ۽ ٻارن جي موت جي تعداد جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي، پر پوءِ به اسين ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي وڌيڪ اهميت ناهيون ڏيندا. هر سال جڏهن به پاڪستان ۾ انساني ترقيءَ جي انگن اکرن جي ڳالهه ٿئي ته اسان کي هڪ ڏکائتي تصوير نظر ايندي آهي. اسين اُن کي ڏسندا آهيون، اُن تي راءِ ڏيندا آهيون ۽ اڳيان وڌي ويندا آهيون.اسين هر سال 2 لک ٻارن ۽ 10 هزار مائرن کي بچائي سگهون ٿا. پر اسين ائين پوءِ به نٿا ڪرڻ چاهيون. ان باري ۾ ڪيتريون ئي تحقيقي شاهديون موجود آهن ته صاف پاڻي، صفائي جا سُٺا انتظام، پيدائش کان اڳ ۾ يا ترت پوءِ جي توجه، ماءُ ۽ ٻار لاءِ مناسب غذا، ٻارن لاءِ ويڪسينيشن ۽ ڊائريا جي صورت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ سان ماءُ ۽ ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.ها، انهن سهوليتن جي فراهميءَ تي پئسا لڳندا آهن. پر گهڻي آمدني انهن سهوليتن جي فراهميءَ جي گارنٽي نٿي ڏئي. ڪيترائي مُلڪ گهٽ آمدني هوندي به انهن سهوليتن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي رهيا آهن، جنهن ۾ واضح مثال ويٽنام جو آهي. ته اصل سوال پاليسي ۽ پاليسي سازن متعلق آهي. ڇا رياست جي ترجيحن ۾ اها ڳالهه شامل آهي يا نه؟ ڇا غريبن جي ڪا اهميت آهي يا نه؟ ۽ پاڪستان ۾ ان ڳالهه جو سڌو جواب اِهو آهي ته اُنهن جي ڪا اهميت ناهي. ائين لڳي ٿو ته ڪجهه مُلڪ پنهنجي شهرين جي ضرورتن جي باري ۾ ٻين ملڪن کان بهتر عمل ڪندا آهن.اُهي مُلڪ جن تعليم، سوشل ويلفيئر، پاڻي، صفائي، بنيادي صحت ۽ پبلڪ هيلٿ شعبن تي ڌيان ڏنو آهي، اُهي ڀلي ئي گهڻي ترقي ڪندڙ مُلڪ هجن يا نه، پر اُهي انساني ترقيءَ جي پئماني تي سُٺو پرفارم ڪندا آهن. اهڙي نموني وڌيڪ ترقي ڪندڙ سڀني مُلڪن تيز ترقي ناهي ڪئي، ۽ اُن جو ڪارڻ اِهو آهي ته پاليسين جو محور عوام ناهي. گهڻي ڀاڱي مُلڪن ۾ اڪثريت غريبن جي آهي ۽ اُنهن جي ڪا اهميت آهي يا نه پر اهو هڪ اهم سوال آهي.سيوريج ۽ ڪچري کي جائتو ڪرڻ، اڃا تائين وڏن شهرن ۾ به سهي نموني ناهي ٿي سگهيو. شهرن جي وچ ۾ موجود هڪ گهڻي مهانگي هائوسنگ ڪالوني هاڻ سيوريج خالي پلاٽن ۾ ڇڏي ڏيندي آهي. ڇو ته اُها لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي وڇايل سيوريج لائين سان ڳنڍيل ناهي.ڪيترائي ڳوٺ هاڻ باقاعده ڪچري جي ڍيرن جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. جيڪي پلاسٽڪ ۽ اُن قسم جو ٻيو ڪچرو، جيڪو قدرتي طور تي ختم نٿو ٿي سگهي، ڏهاڪن کان جمع ٿيندو رهي ٿو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سيوريج جو ڪو تصور موجود ناهي.اڃا تائين ته اهي ڪجهه معيار آهن، جن تي پاڪستان پوئتي آهي، اسين بالغن کي صحت جي خدمتن جي بهتر فراهمي نه هُجڻ جي نتيجن تي به ڳالهه ڪري سگهون ٿا، يا نقص سان ٿيندڙ پيدائش جي باري ۾ به، هر معيار تي جواب هڪ جهڙو ئي ايندو.هاڻ وقت آهي ته حڪومت کي موٽر وي جي مقابلي ۾ پاڻي ۽ صفائي، انڊر پاسز جي مقابلي ۾ غريبن جي لاءِ اسپتالون ۽ ميٽرو بسن جي مقابلي ۾ اسڪول جوڙڻ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.

هڪ نئين جهان جي اُميد ؛ جئه پرڪاش موراڻي

عوام جي نالي ۾ ”قائد عوام“ جي جوڙيل پارٽي هاڻي عوامي آهي به يا نه؟ اهو اڄ جي سياسي نصاب جو سڀ کان وڌيڪ مارڪن وارو ۽ لازمي سوال آهي. ملڪ جي سياسي اُفق تي جيڪي سياسي تارا ٽمٽمائيندا رهيا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ روشن ستارن جي اڪثريت انهيءَ عوامي پارٽي جي همسفر رهي. اڄ به اليڪشن ۾ سيٽن جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي اچڻ بعد هن پارٽيءَ سان اڃا تائين ماڻهن جي اُميدن جو سڳو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سلهاڙيل آهي. سنڌ سان سنڌ راڻي جي پارٽي جي سڱ جي ڳالهه ئي نه ڪريو پر ٻين صوبن ۾ به ظاهري طور تي ”ختم شد“ ٿي ويل هِن پارٽيءَ جون پاڙون اڃا به ڪٿي ڪٿي غريبن جي دلين ۾ سندن دعائن جي ريج سان سايون آهن ۽ ڪنهن وقت به گونچ ڪڍي اهي نوان سلا اُڀاري سگهن ٿيون، جن کي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳندي. اُميدن تي دنيا قائم هوندي آهي پر انهن کي قائم رکڻ لاءِ رڳو سکڻن نعرن، جيئي جيئي جي ورجاءُ ۽ ٺلهن دلاسن ۾ ڪم هلڻ واري رُت ڪڏهوڪي گذري ويئي. هاڻي جيڪڏهن ڪم هلندو ته به ڪارڪردگيءَ سان.

شهيد ڀُٽي کانپوءِ ماڻهن سوچيو هو ته بينظير جا حوصلا ڇڄي پوندا، ڪارڪن ۽ گڙنگ اڳوڻ سندس ڪنٽرول ۾ نه رهندا ۽ پيپلز پارٽي وکري ويندي، رهندو نانءُ الله جو. پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. شهيد ڀُٽي جي سياسي سُتي شهيد راڻيءَ جي رڳن ۾ رت سان گڏ پئي ڊوڙي، اُن ڪري هن ناتوان نياڻي نه رڳو پيءُ جي وڇوڙي کي برداشت ڪيو پر پاڻ ۽ پنهنجي جيءُ جهُريل امڙ سان گڏ پارٽيءَ کي به سنڀاليو.

ان سانحي کان 20 سال پوءِ پارٽي وري به جڏهن وڏي ڇانوَ وارو وڻ بڻي، ته وري به ان جي وجود تي وار ٿيو ۽ بينظير ڀٽو لياقت باغ ۾ امرتا ماڻي شهيد راڻيءَ جو مرتبو ماڻيو. اهو وار ملڪ جي جمهوريت تي به وار هو پر پوءِ ان وقت اهو ڪريڊٽ ضرور آصف زرداري ڏانهن ويندو ته هن پارٽي ۽ ملڪ کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍيو. آصف زرداري پارٽي کي ته سنڀاليو، حڪومت به ٺاهي ان کي 5 سال هلايو به پر ان هوندي سندس حڪومتي طور طريقن ۽ مفاهمت واري سياست سوين سوال ۽ مڻين مونجهارا پيدا ڪيا. وزيرن، اميرن ۽ پارٽي عهديدارن ڏانهن آڱريون کنيون ويون. اقربا پروري، پنهنجا نوازي، ڪميشن خوري جا ڪئين الزام پارٽي جي مک اڳواڻن تي لڳا. ڪن وضاحتون ڪيون، ڪن نه، ڪن جون وضاحتون مڃيون به ويون، ڪن ته سڀ ڪجهه کائي اوڳرائي ئي نه ڏني، ڪڇڻ ته پري جي ڳالهه رهي. پنج سال پورا ڪرڻ واري رڪارڊ سان گڏ پيپلزپارٽي جي اها حڪومت انيڪ رڪارڊ اهڙا جوڙي وئي جن بابت ايترو ئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته ”بدنام ٿياسين ته ڇا ٿيو نالو ته ٿيو.“

پر چوندا آهن ته ”اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني.“ اڳ ماڻهو چوندا هئا ۽ مخالف چوندا هئا، هاڻي اڳواڻ پاڻ ٿا چون ته ماضي ۾ غلط ٿيو. سنڌ ۾ ڏوڪڙ وٺي نوڪريون ڏنيون ويون، ڪيترن ئي ملازمن جا پگهار روڪيا ويا آهن، ماسترن کي ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي. اڳواڻ هڪ ٻئي تي الزام تراشي پيا ڪن، پنجاب جا ڪيترائي ”ڪُٽي کائو مجنا“ به سڻڀو گرهه نه ملڻ تي پارٽي ڇڏڻ جا سانباها پيا ڪن، ٻيو ته گهوريو پر عمران خان پڻ هاڻي سنڌ فتح ڪرڻ جا اعلان پيو ڪري. انهيءَ صورتحال کي ڏسي بلاول ڀُٽي پاڻ پارٽيءَ جون واڳون سڌيءَ ريت پنهنجي هٿ رکڻ جا سانڀاها ڪيا آهن. اعلان ٿيو آهي ته 18 هين آڪٽوبر تي هُو ڪارساز واري هنڌ، جتي شهيد راڻيءَ جي قافلي تي آپگهاتي حملو ٿيو هو، اتان ئي ساڳئي گاڏي ذريعي ريلي ڪڍي، مزارِ قائد تي جلسي کي خطاب ڪري پنهنجي باقاعده سياسي سفر جي شروعات ڪندو. ان کان اڳ ۾ هُن پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان اڳ ۾ ڪيل غلطين جي معافي طلب ڪئي آهي.

پنهنجي ڪنهن غلطي بدران ٻين جي ڪيل ڪرتوتن جي معافي وٺڻ سان بلاول ڀُٽي جي سياسي قد ۾ اضافو ٿي ويو آهي. معافي جي ڳالهه ڀلي پر رڳو معافي تلافيءَ تي قصو ختم نه ٿيڻ گهرجي. آصف زرداري مختلف سياسي پارٽين سان مفاهمت ڪري اقتدار جا 5 سال پورا ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، ان تي هو جسُ لهڻي پر بلاول کي پارٽي جي اصل اثاثي يعني ڪارڪنن ۽ ملڪ جي اصل اثاثي يعني عوام سان مفاهمت ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته رڳو اقتدار ۾ رهڻ ئي ضروري ناهي هوندو، هڪ سياسي پارٽي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ عوام جي دلين ۾ زنده رهڻ ئي اهم هوندو آهي. اقتدار ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. پياري پاڪستان ۾ ته ڪرسي تي هوندي به ماڻهو اقتدار ۾ ناهن هوندا. اهو آئون نه پر سمورا اقتدار جا مزا ماڻيندڙ سياستدان مختلف وقتن تي چوندا رهندا آهن. اهو ئي شهيد راڻيءَ به چيو ۽ ٻين دؤرن ۾ اسان اکين سان ڏٺو به.

سنڌ جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه ۽ هاڻي ان جي اڪيلي اڪثريتي صوبي جي حيثيت رکي ٿي، ان ۾ عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ نه امن آهي نه امان، ڪو ڏينهن خالي ناهي، جڏهن ڪٿان ڪو اغوا نه ٿو ٿئي ۽ ڪٿي ڪو قتل نٿو ٿئي. حيدرآباد جي ڪا گهٽي، ڪو پاڙو، ڪا شام ڪا رات محفوظ ناهي. ڪو ماڻهو ٻه پئسا کڻي يا ڪو سٺو موبائيل کڻي نڪتو ناهي ڦورو پهتا ناهن. وچ شهر مان ماڻهن جي رش ۾ ماڻهو ڦرجي وڃن، مارجيو وڃن، ڪو پڇڻ وارو ناهي، ڪا داد فرياد ناهي. ساڳي حالت ٻين شهرن جي آهي. منشيات فروشن کي علائقا ورهائي ڏنا ويا آهن، ڪجهه شراب سبب 30 کان وڌيڪ انسان ته هن ئي هفتي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن. پوليس پنهنجو پيٽ ۽ ڪامورن جا ڀڀ ڀرڻ ۾ پوري آهي. ڪير پڇڻ آکڻ وارو ئي ناهي. ٻهراڙين کي ڏسو، روڊ کنڊر لڳا پيا آهن، ٺيڪا ٿين ٿا، پئسا نڪرن ٿا، ڪاغذن جا پيٽ ڀرجن ٿا ۽ سياستدانن جا کيسا. اڌوراڻيون اسڪيمون اوهان کي انتظامي نااهل ۽ سياسي نابالغي جا چٽا ثبوت ڏيڻ لاءِ هر ڳوٺ، هر شهر، هر واهڻ ۽ هر وستي ۾ هزارن جي تعداد ۾ هڪيون حاضر هونديون، پاڻ وڃي مشاهدو ڪريو. نوڪريون هڪڙيون ملن ڪونه ۽ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ملن ته انهن جو مُلهه مهانگو، لکن کان گهٽ ڪا ٻولي نٿي لڳي، لک ڏيئي جيڪو پروانو ملي ٿو، اهو به ڪا پڪ ناهي، خبر ناهي ته ڪجهه مهينن کانپوءِ لک وٺندڙ وڃي سکيا ٿيندا ۽ ان نوڪريءَ کي انهيءَ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ غير قانوني چئي وري ڪنهن ٻئي ٻولي لاءِ پيش ڪندا ته ڇا ٿيندو؟

چونڊيل نمائندن پنهنجي تڪن کان منهن موڙي ۽ عوام کان ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي. انهن جي جيڪا علامتي آمد پنهنجي حويلي/بنگلي يا فارم هائوس تي ٿيندي آهي، اتي ساڻن ملڻ انتهائي محال هوندو آهي. ڪجهه جي حضوري ڪندڙ ڇاڙتا هر وقت چونڊيل نمائندن کي گهيري، انهن کي عوام ۽ ووٽرن کان پري رکڻ جو ڪم خير خوبيءَ سان سرانجام ڏيندا رهندا آهن. اها حالت هر طرف آهي ۽ ان تي بلاول ڀُٽي کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڌر هن وقت اقتدار ۾ پ پ جي ڀائيوار آهي. هن دفعي انهن جي مهم سڌي سنئين ۽ زور شور سان هلندڙ آهي. سياست ڪيتري به ڪٺور ڇو نه هجي پر ڌرتي سڀ کان اتم آهي. رڳو اسيمبلي جي ايوان ۾ سنڌ ورهائڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪري، نعرو هڻڻ سان سنڌ بچائي نه سگهبي. قول ۽ فعل هن وقت هر ماڻهوءَ جي آڏو وائکو آهي. پيپلزپارٽي جي سرواڻي جو تاج پنهنجي سر تي سجائيندڙ بلاول ڀُٽي کي هاڻي سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ ان فرق جي وڇوٽي کي گهٽائڻو پوندو. ائين ناهي ته ماڻهو پ پ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پ پ هاڻي عوام کي ۽ ڪارڪنن کي پنهنجو ڪري. پنهنجي ڪارڪردگي تي ٻيهر نظر ڪري، غلطين جي ورجاءُ کان پاسو ڪري. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ هڪ نئين اعتماد ۽ ماڻهن سان محبت جي جذبي کي ساڻ کڻي اڳتي هلي. پراڻي قيادت اکين تي پر اُهي جن لاءِ ماڻهن سان ملڻ مهڻو هجي ۽ ڪارڪن جو ڪم ڪڙو لڳي، انهن کي ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪُنڊ ۾ سجائي رکڻ جي ضرورت آهي. اهي جن جو دامن صاف آهي، جن جي ڪردار تي بدعنوانين جا ڪارا ڇنڊا ناهن ۽ جيڪي ماڻهن جا ماڻهو آهن، انهن کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي.

بلاول نوجوان آهي، شهيد راڻيءَ جو پٽ ۽ شهيد ڀُٽي جو ڏوهٽو آهي، پڙهيل به آهي ته ڪڙهيل به، سندس رت ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو آهي، ان ڪري اُميد ڪري سگهجي ٿي ته عوامي پارٽي جو هڪ نئون جنم ٿيندو ۽ هائوسن تان فائر ٿيندڙ فيصلا، جيڪي عوام جي اکين ۾ گوليون بڻجي لڳن، ٿيڻ جو سلسلو بند ٿيندو ۽ ڪارڪنن جي اڪثريت جي راءِ سان فيصلا ڪرڻ جي روايت ٻيهر جنم وٺندي.

 

26 جانيون ڳڙڪائيندڙ شراب ۽ انڌي انتظاميه

حيدرآباد ضلعي ۾ 48 ڪلاڪن دوران زهريلو شراب پيئڻ سبب فوتين جو تعداد 26 تائين پهچي ويو. زهريلي شراب پيئڻ سبب لطيف آباد ۾ ٻه ڄڻا فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته بچاءَ بند ڀرسان پالاري ڳوٺ ۾ رامو ڪولهي ۽ نثار شاهه فوت ٿي ويا. جڏهن ته حسين آباد واسي فيصل پڻ فوت ٿيو، حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ رات دير سان وڌيڪ 5 ڄڻا ڪچو شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويا، جن ۾ پوليس اهلڪار عبدالله غوري، ناصر، آفتاب، ٽيڪم داس ۽ اويس شامل آهن. جڏهن ته لطيف آباد ۾ رات دير سان غلام محمد زهريلو ـشراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ عيدن ۽ مڪيش زهريلي شراب سبب پنهنجي حياتي وڃائي، حيدرآباد پوليس 160 ڄڻن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام ۾ پڻ ڪچي شراب سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. حيدرآباد شهر ۾ 48 ڪلاڪن اندر فوتين جو تعداد 13 ۽ تعلقي ٻهراڙي حيدرآباد ۾ فوتين جو انگ 9 تائين پهچي ويو آهي. زهريلي شراب جي خاتمي لاءِ اڃا تائين ڪو به ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين زهريلي شراب پيئڻ سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پوليس طرفان اڳواٽ اپاءُ نه وٺڻ تي پوليس مٿان تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شراب جي بٺين ۽ اڏن کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. حيدرآباد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شراب ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 15 شراب جي بٺين کي ختم ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب ماڻهن فوت ٿيڻ تي خوف ۽ حراس به پکڙجي ويو آهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. تعلقي لطيف آباد نمبر 4 جي بچاءَ بند ويجهو ڳوٺ محراب پالاري ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب رامو ڪولهي ۽ نثار شاهه فوت ٿي ويا. جڏهن ته حيدرآباد جي هاشمي ڪالوني ۾ به زهريلو شراب پيئڻ سبب فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته حسين آباد واري علائقي ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب فيصل فوت ٿي ويو. فوتين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو سندن گهرن جون عورتون ۽ ٻار شراب وڪرو ڪندڙن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي اڀ ڏياريندڙ رڙيون ڪندا رهيا. حسين آباد ۾ فوت ٿيل فيصل جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته فيصل گهرن ۾ رنگ ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو. گذريل ڏينهن ڄامشورو ۾ رنگ ڪرڻ جي حوالي سان مزدوري ڪرڻ ويو هو ۽ منجهند جو 2 وڳي واپس گهر پهتو ته سندس طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي ڀٽائي اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان کانپوءِ هو فوت ٿي ويو. هاشمي ڪالوني ۾ فوت ٿيل فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي جي وارثن به مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي فوت ٿيل ماڻهن جا ذميوار شراب وڪرو ڪندڙ آهن شراب وڪرو ڪندڙن کي پوليس کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جيڪي زهريلو ٺرو وڪرو ڪري پئسا ڪمائين ٿا ۽ پوليس ٺرو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران منٿليون وصول ڪري ٿي حيدرآباد ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين زهريلي شراب پيئڻ سبب فوت ٿيل ماڻهن جي ذميوار شراب وڪرو ڪندڙن ۽ پوليس کي قرار ڏنو آهي. حيدرآباد ضلعي شهرين ۾ ان معاملي تي ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي دڪاندارن توڙي بازارن ۾ موجود ماڻحن وٽ اها ئي راءِ موجود آهي نه جيڪڏهن حيدرآباد ضلعي جو هر پوليس ٿاڻو ايمانداريءَ سان پنهنجي حدن ۾ شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن ها ته اهڙي قسم جي صورتحال سامهون نه اچي ها. شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جن به پوليس ٿاڻن جي حد ۾ منشيات ۽ شراب وڪرو ٿئي ٿو تنهن ايس ايڇ او خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٽنڊوڄام ويجهو ديهه ڪنر ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زهريلي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. ديهه ڪنر جي ڳوٺ دريا خان ناهيون جو رهواسي 35 ساله عديل ناهيون، 30 ساله اسلم ولد خادم ناهيون ۽ ڪوٽ اعجاز ناهيون جو رهواسي 23 ساله پريم ولد رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن زهريلو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ عديل ۽ اسلم ناهيون جي حالت خراب ٿي ويئي. جنهن بعد ٻنهي کي سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو. جتي صبح جو ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته پريم ڪولهي اسپتال پهچڻ کان پهرين ئي فوت ٿي ويو. ڳوٺ دريا خان ناهيون ۾ هڪٻئي پٺيان ٻه لاش پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سوڳ ۾ ڳوٺ جي بازار بند ٿي ويئي. ڳوٺ دريا خان ناهيون ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد ٽي ٿي ويو آهي. دريا خان ناهيون ۾ فوت ٿيندڙ اسلم ناهيون ۽ عديل ناهيون جا هڪ ئي وقت جنازا کنيا ويا ۽ ٻنهي نوجوانن جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. هڪٻئي مٿان ٽن فوتگين سبب ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل هئي، زهريلي شراب وگهي لاڳيتو فوتگين باوجود پوليس زهريلي شراب جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. پوليس صرف ڪجهه ننڍي پيماني تي شراب وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري خانه پوري ڪئي آهي. جڏهن ته زهريلو ڪيميڪل سپلاءِ ڪندڙ موت جي سوداگرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويئي آهي