تازيون خبرون

Daily Archives: October 1, 2014

دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀير انٽرنيشنل وومين بلائينڊ ڪرڪيٽ سيريز پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ايندڙ سال کيڏي ويندي

blind-cricket-400اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيشنل وومين بلائينڊ ڪرڪيٽ سيريز پاڪستان ۽ نيپال ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سال نومبر 2015ع جي نومبر ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه اربع ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چرئيمن ۽ نيپال بلائينڊ ڪرڪيٽ جي چيئرمين پون گيمزي جي وچ ۾ ٽيليفون ذريعي طئي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وومين ٽيمن وچ ۾ 5 ئي 20 مئچن جي سيريز کيڏي ويندي ۽ نيپال ٽيم ايندڙ سال نومبر ۾ پاڪستاني وومين ٽيم سان گڏ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان ايندي. ايندڙ سال نيپال سان گڏ سيريز لاءِ قومي باصلاحيت رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو ۽ انهن رانديگرن جي ڪيمپ به ايندڙ سال منعقد ڪئي ويندي.

 

آمريڪا ۾ سجدو ڏيڻ تي رانديگر کي سزا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آمريڪي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن هڪ آمريڪن فٽبال ٽيم ڪينس چيفس سٽي جي رانديگر حسين عبدالله تي ٽچ ڊائون ڪرڻ کان پوءِ سجدو ڪرڻ تي 15 يارڊ جي پينلٽي عائد ڪئي ويئي حسين عبدالله راند جي چوٿين ڪوارٽر ۾ ٽچ ڊائون کان پوءِ سجدو ڪيو هو.

 

راشد لطيف، يونس خان جي حمايت ۾ ڪرڪيٽ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

Rashid-Latif-Younis-Khanڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جو چوڻ آهي ته يونس خان سريلنڪا جي دوري دوران پنهنجي ڀائٽي جي لاڏاڻي سبب وطن واپس آيو هو ان لاءِ آسٽريليا جي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ يونس آٽوميٽڪ چوائس هو سليڪشن ڪميٽي کيس ڊراپ ڪري وڏي ناانصافي ڪئي.

 

پي بي سي سي چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو اعلان عيدالاضحيٰ کان پوءِ ڪندي

اسلام آباد (اسپورٽس ن6-7-2011_16691_lيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل هلندڙ سال ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيندڙ چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو اعلان عيدالاضحيٰ کان پوءِ 13 آڪٽوبر تي ڪندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذريعن اي پي پي کي ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ لاهور ۾ ختم ٿي وئي آهي. جنهن ۾ 32 رانديگر تربيت حاصل ڪري رهيا هئا. تربيتي ڪيمپ مان ورلڊڪپ لاءِ 16 باصلاحيت رانديگرن کي عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ چونڊيو ويندو. جنهن جو باضابطا اعلان 13 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي .

 

تصوير اُها جيڪا دل جي ارمانن  کي  ذرا ذرا  ڪيو ڇڏي..!!!؛ بالم راءِ اوڏ

صبح سوير اخبار کڻندي پهرين نظر هڪ تصوير تي پئي. اوهان سوچيندا هوندو ته آئون اڄ ڪهڙي تصوير جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. اڄ آئون جنهن تصوير ذڪر ڪري رهيو آهيان اها تصوير هر ڏينهن هر اخبار ۾ 5 کان 6 جاين تي لڳل نظر ايندي. جيڪا ڪيترائي گهر اجاڙيو ڇڏي، ڪيتريون ئي زندگيون تباهه ڪريو ڇڏي، ڪيترن ئي دلين جا ارمان چڪنا چور ڪيو ڇڏي، اها تصوير ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪيو ڇڏي. آئون جنهن تصوير جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان اها تصوير هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پريس ڪانفرنس دوران ورتل تصوير آهي. آئون سمجهان ٿو اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه هوندي جيڪا آئون اڄ پنهنجي قلم ذريعي اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. ڳالهه پئي هلي تصوير جي اها تصوير پريمي جوڙي، پيار جي پرڻي ۽ تحفظ جي گهر ڪندي ڪيميرا (Camera) ۾ قيد ڪرائي وڃي ٿي ۽ صبح ٿيندي اها تصوير اخبار جي صورت ۾ هر شخص جي هٿن ۾ نظر ايندي. پيار جو پرڻو ڪندڙ ۽ پريمي جوڙا اڪثر عدالتن ۾ به نظر ايندا. اچو اصل ڳالهه تي ته آئون آخر چوڻ ڇا ٿو چاهيان. آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو جيڪو گهڻي ڀاڱي معاشري ۾ رواج بڻجي ويو آهي. ميڊيا پڻ ان تصوير کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اها تصوير ڪنهن چڻنگ لڳل گهر کي شعلي جيان ڀڙڪائي ان جي ارمانن کي ساڙي خاڪ ڪيو ڇڏي. عدالتن ۾ داخل ٿيندي ڪيترائي پريمي جوڙا نظر ايندا پر انهن جوڙن مان ڇوڪريءَ جي ماءُ، پيءُ ۽ مائٽن کي ڇوڪريءَ جي پيرن تي ڪرندي، ٻانهون ٻڌندي، ٽوپيون، روا لاهي ان جي پيرن تي رکندي، قرآن پاڪ جا واسطا ميڙون منٿون ڪندي نظر ايندا. ۽ ساڳئي وقت ان ڇوڪريءَ سان گڏ ان جي چاهيندڙ جي چهري تي مسڪراهٽ جا انبار نظر ايندا. ۽ ڇوڪريءَ جي چاهيندڙ جا مائٽ پڻ خوش نظر ايندا ته اسان جو پُٽ وڏي پَڳ ٻڌي آيو آهي. ان وقت اُهي سڀ ايڏا ته انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي وڃن ٿا جو هنن کي ڇوڪريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جو دانهن، ڪوُڪن جو ڪو احساس نه هوندو آهي. ان وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اُهي بي اولاد آهن جيڪڏهن انهن کي اولاد هجي ته انهن کي ان ماءُ ۽ پيءُ جي ڏُک جو به احساس هجي. آئون سمجهان ٿو شايد ان ڇوڪري جي والدين کي نياڻي جو اولاد نه هوندو يا وري جيڪڏهن نياڻي جو اولاد هوندو به صحيح ته ان گهر ۾ نياڻي جو قدر نه هوندو. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پُٽ جي اهڙي حرڪت تي خوش نظر ايندا جنهن حرڪت سان هڪ خاندان تباهيءَ جي ڪناري تي پهچيو وڃي. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن اهي نياڻين وارا آهن ته پوءِ ڪنهن ٻئي جي نياڻي جو به قدر ڪرڻ گهرجي انهن کي اهو سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان کان ڪو اسان جو اولاد کسي وٺي ته اسان سان ڪهڙو حال هوندو. نياڻي جي ڄمندي ئي والدين جي خوشين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جنهن جو اندازو اُهي ئي لڳائي سگهن ٿا جن جي گهر ۾ نياڻي جو اولاد هوندو. سڀ ڄاڻين ٿا ته نياڻي پرائو ڌڻ هونديون آهن هڪ ڏينهن انهن کي پنهنجي اباڻي گهر کي الوداع چئي پنهنجي ور سان نئين زندگي جي شروعات ڪرڻي پوندي آهي

اها نياڻي کي به خبر هوندي آهي ته آئون اباڻي گهر ۾ چند سالن جي مهمان آهيان. ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ منهنجا ماءُ پيءُ منهنجي لاءِ مائٽن مان ڪو سُٺو رشتو ڳولي مونکي خوشي خوشي هن گهر مان رخصت ڪندا، اڳتي هلي ايئن ٿيندو به آهي. ماءُ پيءُ جي اهائي خواهش هوندي آهي ته اسان جي نياڻي جو نصيب سُٺو هجي کيس ور اهڙو ملي جيڪو اسان کان وڌيڪ هن جي سار سنڀال لهي، هن جا ناز نخرا سهي ۽ هن کي هميشه پاڻ سان گڏ سُکيو رکي. اهي والدين نياڻي کي هر سُک ڏين ٿا ننڍي کان ننڍي ان جي خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان جو هر نخرو برداشت ڪن ٿا پاڻ ڏينهن جا ڏينهن بُکون ڪاٽي ان نياڻي جون فرمائشون پوريون ڪن ٿا. صرف اهو سوچي ته هو هڪ ڏينهن اسان کي الوادع چئي پنهنجي ور سان نئين زندگي جي شروعات ڪندي. اهائي نازن ۽ نخرن سان پاليل نياڻي جيڪڏهن پنهنجي والدين جي مٿان سڄي عمر نه لهڻ وارو داغ لڳائي ته ان والدين سان ڪهڙو حشر هوندو. ان جو اندازو اُهي ئي لڳائي سگهن ٿا جن سان اهڙي قسم جو ڪو واقعو پيش آيو هوندو. اها نازن نخرن سان پاليل نياڻي ڪنهن غير مرد سان ڀڄي عدالت پهچي پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪري پنهنجي والدين کي معاشري ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو نٿي ڇڏي. اڄ جي دور ۾ پيار صرف نالو رهجي ويو آهي پيار در حقيقت اهو پيار نه  پر نفس جي ڇڪ هوندي آهي. اڄ جي دور ۾ 70% ڇوڪريون نفس جي نشي خاطر پنهنجي انهن ماءُ پيءُ سان بغاوت ڪن ٿيو. اهي ڇوڪريون ان ماءُ پيءُ سان بغاوت ڪن ٿيون جن کين هميشه سُک ڏنا. ڏکن کان پري رکيو.

ڳالهه ٿي کُٽائڻي هلو اڳتي انهن پريمي جوڙن، پيار جي پرڻي ڪندڙن جو آخر نتيجو ڇا ٿو نڪري ڪٿي اُهي ڪارو ڪاري ڪري ماريا وڃن ٿا ته ڪٿي وري ان ڇوڪريءَ سان اڳتي هلي اهڙو حشر ٿئي ٿو جو هو وري پنهنجي ان ماءُ پيءُ کي ياد ڪري ٿي. ان وقت اُهي ماءُ پيءُ ان کي ڀلائي چُڪا هوندا آهن. ۽ ان جو چهرو ڏسڻ پسند نه ڪندا آهن.  نه ان سان ملڻ پسند ڪندا ۽ نه وري ان سان ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪا ڇوڪري نفس جي نشي خاطر پنهنجي جهور پوڙهي پيءُ ۽ مائٽن جي دنيا آڏو پڳ لاهي مٽيءَ ۾ ملائي ته آئون نٿو سمجهان انهيءَ ڇوڪريءَ سان ان جو پيءُ، ماءُ يا وري ڪو ويجهو مائيٽ ڳالهائڻ به پسند ڪري.

************

 

الک نرنجن ’نامعلوم افراد‘ سان هڪ ڏينهن ؛ لياقت علي ٿهيم

موٽر سائيڪل تي ويٺل باريش، مولانا قسم جي ماڻهو، پهرين مونکي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو، سلام ڪري هٿ ملايائين ۽ پوءِ آهستي آواز ۾ رڪجندي رڪجندي چوڻ لڳو؛

                         ڀائي، کڙيَ کڙيَ پيٽرول ختم هوگيا هي… آپ…. ڪچھ پئسي دي سڪتي هين؟

                         مان گھڻي دير کان وٺي بس جي انتظار ۾ بيٺو هوس، پوءِ سوچيم ته پنڌ ڪندو ملير مالٽ تائين پهچان، جتي ڪافي تعداد ۾ بسون گڏ اچي ٿينديون آهن ۽ اتان پوءِ صدر وڃڻ جو رستو ملندو. ملير کان شاهراھ فيصل طرف ويندڙ هي روڊ، صبح کان وٺي بند آهي؛ ڇاڪاڻ ته رات، ايم ڪيو ايم جي گلشن معمار واري آفيس تي ڇاپو لڳو، جنهن بعد خدا جي خلق مٿان منع نامو اچي ويو آهي. هن وقت، شاهراھ فيصل سميت شهر جا اهي سمورا روڊ بند ڪيل آهن، جتان صبح جي مهل گھڻي مان گھڻي آمدرفت ٿئي ٿي. ٻنهي طرفن کان گاڏين ۾ ماڻهو ڦاٿل آهن. ماڻهو هتان کان اڳتي نٿا وڃي سگھن جو واٽ تي نامعلوم افرادن جا گروپ روڊن تي بيٺا آهن. هتان فقط يونيورسٽي روڊ وڃي سگھجي ٿو، جتان نيپا وٽان صدر لاءِ رڪشائون هلن ٿيون.

تيز اُسَ ۽ گھڻي گرمي ۾ مان ڪافي دير تائين پنڌ هلندو آيس. رش تمام گھڻي آهي. ڏاڍي اڃ لڳي آهي ۽ روڊ تي بيپناھ ڌپ آهي، اهڙي جهڙي ڪنهن مئل جانور جي لاش يا ڍونڍ ۾ هوندي آهي. مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس ته اها بانس ڪٿان اچي رهي آهي پر ههڙي هجوم وچ ۾ ڪٿان ڪا وٿي ڪانهي جو نظر اچي ته اها ڌپ ڪٿان اچي رهي آهي.

ملير هالٽ جو هي بس اسٽينڊ، ريل جي پٽڙي جي پرئين ڀر آهي. ريلوي لائين جي اورئين پاسي، اهي ٽائون آهن جتي ضيا دور جي پڇاڙڪن ورهين دوران، ايڪشن سان ڀرپور پٺاڻ مهاجر معرڪا ٿيندا هئا. ڪجھ حلقن موجب، شهر ۾ قتل جي ڪوڏين ٽارگيٽ ڪلرز جي بودباش به هنن ئي ٽائونس ۾ آهي.

هن وقت ملير هالٽ تي بسن، رڪشائن، موٽر سائيڪلن ۽ ڪراچي جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙندڙ انسانن جو عظيم الشان مجمعو موجود آهي.

تنگ چوواٽي، اس، گرمي ۽ رش ۾ ڦاٿل، بي ترس شهر ۽ بيداد ملڪ جي هنن ماڻهن کي، ڪا واھ ڪانه ٿي ملي جو هتان نڪرن.

مونسان گڏ، بس جي انتظار ۾ هڪ پيرسن شخص بيٺو آهي؛ ننڍي سفيد ڏاڙهي، اڇو وڳو، قد ننڍو، جناح ڪيپ پاتل. سندس ڀرسان هڪ نوجوان ڇوڪرو بيٺو آهي، جنهن سان هي جهونو همراھ ڳالهائي رهيو هو.

”اسان اصل ايبٽ آباد جا آهيون. مان اوڻيھ سئو چوونجاھ کان وٺي هتي رهان ٿو. پهرين فيڊرل بي ايريا ۾ رهندو هوس. اتي، علامه شبير احمد عثماني جي نالي تي اسڪول هوندو هو. اتي پنج درجا پڙهيس. منهنجو پيءُ ڏاڏو مسلم ليگي هئا.

”ڀائي آپ خود هي بتائين، پارليامينٽ ڪي ايڪ سيشن پر ڪتنا خرچا هوجاتا هي اور يه لوگ وهان بيٺ ڪي بس ايڪ دوجي ڪي تعريف ڪرتي رهتي هين…اور ڪيا ڪرتي هين..“

بسن ۽ ويگنن ۾ سفر ڪندي، ماڻهو هاڻ هن نوعيت جو بحث ڪن ٿا.

سياسي اڳواڻ ته خوش آهن ته پاڪستان جي پارلياماني قيادت ۾ ٻڌِي آهي ۽ هو جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجا سياسي اختلاف نبيري رهيا آهن پر حقيقتن، عوامي سطح تي هڪ انتهائي خطرناڪ نيريٽو (بحث) جڙون هڻي رهيو آهي ته؛ پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو هڪٻئي جي بدعنوان مالي مفادن جا محافظ آهن. عام سوچ جي ساخت هي بنجي رهي آهي ته سياسي اڳواڻن، ملڪ کي بچائڻ خاطر نه پر ملڪ کي ڦري کائڻ خاطر پاڻ ۾ ڀائيچارو (پارٽنرشپ) ڪئي آهي، جنهن کي هو جمهوريت چون ٿا.

سماج ۾، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ڳالھ ٻولھ جو هڪ عام نمونو، سموري معاشرتي رجحان جو آئينه دار هوندو آهي. معاشري ۾ حاوي (يا وسيع تر ڦهليل)  سوچ جي هڪ مثال طور، مونکي پنهنجي هڪ دفتري واقفڪار، عامر مرتضيٰ جي هڪ ڳالھ ياد اچي وئي.

عامر هڪ سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي. سندس دفتر ۾ اڪمل زيدي صاحب آهي. زيدي صاحب، سماجي ڀلائي کاتي ۾ اي ڊي او آهي. سندس وڏو عيال آهي پر تنهن هوندي به هو هڪ دين دار آفيسر ۽ خدا جو نيڪ ٻانهو آهي ۽ موٽر سائيڪل تي ايندو ويندو آهي. عامر موجب، زيدي صاحب جهڙو صابرين ماڻهو به اڄ کيس چوڻ لڳو ته هاڻ منهنجي دل چوي ٿي ته ڪو وي آئي پي هتان گذري ته انهي جي گاڏي تي پٿرائو ڪريان. هفتو کن اڳ، سخت رش ۾، زيدي صاحب موٽر سائيڪل تي پنهنجي نوجوان نياڻِي سان پورو ڪلاڪ چورنگي تي بيٺو رهيو، ڇاڪاڻ ته اتان ڪو وي آئي پي گذري رهيو هو. پورو ڪلاڪ  هو موٽر سائيڪل تي بيٺو هو ۽ پٺيان سندس نوجوان ڌيءُ ويٺي هئي.

”سر، مان ماڻهن جي اکين ۾ هاڻ خون ڏسان ٿو. جيڪي ڇوڪرا اڳ خيرات پنندا هئا، انهن جي اکين ۾ نظر اچي ٿو ته هاڻ هو ڦري وٺڻ جو سوچي رهيا آهن. اڳي جيڪي ٻار پنندي ڏسندو هوس، اهي هاڻ ڪرائيم ۾ هليا ويا آهن ۽ شهر جا نامي گرامي ڪلرز آهن.“

(سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته ڦُري کائڻ جي مشق وڏي وقت کان وٺي شروع ٿي چڪي آهي ۽ اتي ”فقيرن“ هاڻ پنڻ ڇڏي ڦرڻ شروع ڪيو آهي.)

حالات خراب هين. هي ٽن لفظن وارو جملو، ايترو ئي ايور گرين (سدا بهار) محاورو بنيل آهي جيترو؛ پاڪستان تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي، يا اسلام خطري ۾ آهي يا وري ميري عزيز هم وطنو!

جڏهن شهر ۾ واقعي سياسي ٽينشن تمام گھڻو وڌي ويندو آهي ته ننڍا توڙي وڏا، رنين آهرين يڪ آواز ٿي چوندي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن؛ حالات خراب هوگئي هين… آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، اسڪول ويندڙ ٻار، گھريلو ڪم ڪار ڪندڙ عورتون، ٽيليويزن تي ٻٽيهي وهائيندڙ اينڪر پرسن، ماڊلس، واپاري، گداگر، سڀ هڪڙو ئي جملو چوندي ٻڌندئو؛ حالات خراب هوگئي هين… هي جملو ڪراچي جو قومي ترانو بنجي ويو آهي.

’حالات‘ صحيح نه ٿيا ۽ نه ئي ٿيندا، تنهنڪري پاڪستان تي بلائون نازل ٿينديون رهنديون ۽ هي ملڪ، وارئون سنهي تراڙئون تکي دڳ تي ئي بيٺل رهندو ۽ انهي ڪارڻ، اسلام ته خطري ۾ آهي الائي نه سا خدا کي خبر آهي پر پاڪستان ۾ رهندڙ هر خداترس، باضمير ٻانهي جي جان ۽ مال جو خاتمو، منٽن جو کيل سو ضرور ٿي ويو آهي.

انهي ڳالھ جو احساس، رات جو موٽڻ مهل مونکي پڻ ٿيو.

رات جو گھر موٽڻ وقت، صدر مان جڏهن واپسي لاءِ نڪتس ته ڪلينر چيو ته بس ڊرگ روڊ تائين هلندي، اڳتي نه ويندي جو نامعلوم افراد، روڊ تي بيٺا آهن. رات جو ڪو ساڍي اٺين وڳي بس، ڊرگ روڊ تي پهتي جتي سڀني مسافرن کي هيٺ لهڻ جو چيو ويو. انهن ۾ ٻار، عورتون ۽ پيرسن سڀ شامل هئا. بس مان لهي، سڀڪو ماڻهو، خاموشي سان پنهنجي پنهنجي منزل طرف پيدل روانو ٿي ويو.

شاھراھ فيصل تي، پري کان، لائوڊ اسپيڪر تي، غصي ۾ ڀريل، ڳرن ڪاڪڙن مان نڪتل نعرن جا آواز اچي رهيا هئا ۽ انهن جو اونائڻ/ پڙاڏو، ويران روڊن مٿان واحد انساني آواز آهي. ٻيو چوطرف مردود ماٺ آهي.

هتان فقط هڪ طرف کان ماڻهو گذري رهيا آهن. انهن مان ڪيئي اهڙا آهن جيڪي پنهنجين عورتن يا گھر جيَ پيرسن مردن کي ڳولڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.

ناٿا خان اسٽاپ کان شروع ٿيندي، نامعلوم افراد جا ڪجھ گروھ روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيٺل آهن ۽ صدر کان ايندڙ گاڏين کي پري کان ئي دڙڪا ڏئي متبادل روڊ اختيار ڪرڻ جو اشارو ڪن ٿا. پنڌ هلندڙ سٺ ستر ماڻهو، انهن هدايتن تي عمل ڪندي، روڊ ڇڏي پاسي کان لڳل ڇٻر تي چڙهندي گذرن ٿا.

ٿوري دير هلڻ بعد، اسان جو هي قافلو، روڊ تي ويٺل ماڻهن جي ڀرسان گذريو. هتي روڊ تي شاميانو لڳل آهي ۽ انهي هيٺان ڪي سئو کن ماڻهو ويهي نعرا زني ڪري رهيا آهن. جنهن وقت  اسان روڊ جي ٻنهي پاسن کان ويٺل ماڻهن جي وچان گذرياسين ته انهن اسان جي چهرن ۾ چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، شايد هو ڀرسان لنگهندڙن جي مهانڊن ۾ ڪو ٻهراڙي جو سنڌي ڳولي رهيا هجن (يا شايد ٻيو ڪجھ). اهڙي صورت ۾، دانشمندي جي تقاضا اها آهي ته نامعلوم افراد سان اکيون نه ملائجن ۽ تڪڙو تڪڙو نڪري وڃجي.

هي اسانجن پنهنجن اعمالن جا ڪرم آهن ۽ ڪراچي ۾ رزق لئـه رلندڙ هر عام سنڌي کي اهو سڀ ڪجھ چپ چاپ سهڻو پوي ٿو.

سنڌ؛ اسٽوريز فرام اي لوسٽ هوم لينڊ (سنڌ؛ وڃايل وطن جا فسانا)، بمبئي جي ڪارپوريٽ سوانح نگار، ساز اگروال جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن، ورهاڱي کان اڳ هيرآباد حيدرآباد ۾ رهندڙ پنهنجي ڏاڏي، ڪشن چند بجلاڻي ۽ ٻين مٽن مائٽن جي زندگي جو احوال ڏنو آهي. ڪشن چند بجلاڻي، انهي وقت سنڌ هائي ڪورٽ جو سينئر وڪيل ۽ تمام سکيو ستابو ماڻهو هو. پر پوءِ حالات خراب هوگئي، جنوري 1948 ۾ فساد ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هي ماڻهو سنڌ ڇڏيندا ويا.

ڪشن چند بجلاڻي، جنهن وقت پنهنجو عيال وٺي هير آباد مان نڪتو، تڏهن ساز جي ڏاڏي مطابق؛ ”ٻـه ٻه وڳا ۽ ڏندن جو برش کنيوسين ۽ گھر ڇڏي ٻاهر نڪتاسين. اسان سڀئي هڪٻئي کي هٿ ۾ هٿ ڏئي نڪري رهيا هئاسين، گھٽي ۾، ٻنهي پاسن کان مهاجرن جا ڪٽڪ قطار سان، چپ چاپ ويٺا هئا ۽ اسانکي چتائي پئي ڏٺائون. اهي انتظار ۾ ويٺا هئا ته اسان ڪيڏي مهل ٿا نڪرون…“

ورهاڱي وقت، سنڌ صوبي جي پنجاھ سيڪڙو امووبل پراپرٽي جا مالڪ هندو هئا. اهو سڀ هنن بي لوث قرباني ڏيندڙ فرزندان اسلام کي مليو.

پر جنهن قسم جا شوباز، لليچيَ ٽائيپ ماڻهو اسان جا اڳواڻ بنيل آهن، امڪان هي آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي شايد ٻه وڳا ۽ ڏندڻ کڻڻ جيتري مهلت به ڪانه ملندي.

اڄ پڻ صحيح سالم گھر پهتس. شڪرانو سندس در، وڏا ٿورا الله جا.

ويڪسينن جي اوچتي کوٽ ڇو

سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز انڪشاف ڪيو آهي ته صحت کاتي وٽ ڪتن جي ڏاڙهڻ ۽ نانگ جي ڪکجڻ وارن مريضن کي لڳندڙ اينٽي ريبيز ۽ اينٽي سنيڪ ويڪسينون تقريبن ختم ٿي چڪيون آهن، جيڪاڳالهه نهايت ئي ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي ته فوري طور تي 5 هزار اينٽي سنيڪ فراهم ڪئي وڃي. جڏهن ته سنڌ سرڪار کي به درخواست ڪئي آهي ته اها به 25 هزار اينٽي ريبيز ويڪسين فراهم ڪري. هن ان سلسلي ۾ انگ اکر ڏيندي چيو ته گذريل 6 مهينن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪتن جا ڏاڙهيل 6   هزار 522 جڏهن ته نانگ جا ڪکيل 5 هزار 474 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان وڏو انگ عورتن ۽ ٻارڙن جو هو. جڏهن ته گذريل مهيني دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 7 هزار 108 ڪيس رپورٽ  ٿيا هئا. سنڌ جي صحت کاتي جي ان اهم عملدار جي ان انڪشاف کان پوءِ هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار يا سنڌ سرڪار گهربل ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ معمولي به ڪوتاهي ڪئي ته سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي سگهن ٿا، جيئن ته ڪتن جي ڏاڙهيل ۽ نانگ جي ڪکيل مريضن لاءِ جيڪي ويڪسينون استعمال ٿينديون آهن، اهي صحت کاتي وٽ کڻي اڻ لڀ ٿي چڪيون هجن پر اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته اڄ به اهي ٻئي ويسڪينون اڪثر نجي ميڊيڪل اسٽورن تان آساني سان ملي وينديون. نجي ميڊيڪل اسٽورن وٽ اهي ويڪسينون ڪيئن ٿيون پهچن، تنهن لاءِ به اڪثر ماڻهن وٽ پنهنجا رايا ۽ خيال آهن، سندن چوڻ آهي ته جيڪي ويڪسينون سرڪاري ا سپتالن ۾ اماڻيون وڃن ٿيون، اهي مريضن کي لڳڻ کان اڳ ئي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿي وڃن ٿيون، چيو وڃِي ٿو ته  صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪتي ۽ نانگ کاڌل مريضن جا جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن، انهن انگن اکرن کي جيڪڏهن حقيقي سمجهيو به وڃي، تڏهن به اها ڳالهه وري به مڃڻ ۾ نه ٿي اچي ته سرڪاري اسپتالن  ۾ آندل مريضن کي اها ويڪسين مفت لڳائي وئي هوندي، پر انهن مريضن کي انهن ئي اسٽورن ڏانهن اماڻيو ويو هوندو، جن اسٽورن تي اها ويڪسين وڪرو ڪئي وئي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري اسپتالن وٽ ڪاغذن ۾ ته ويڪسينن وارو اسٽاڪ ختم ٿي چڪو آهي، ليڪن ميڊيڪل اسٽورن تي اها ويڪسين اڄ به موجود آهي. اسان سنڌ سرڪار يا صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتالن کي فراهم ٿيندڙ دوائن بابت ته اها ساراهه ضرور ڪنداسين ته هاڻ سرڪاري اسپتالن مان مريضن کي دوائون ڳچ مقدار ۾ فراهم ٿينديون نظر اچي رهيون آهن ۽ سرڪاري اسپتالن مان مريضن کي دوائون نه ملڻ واري دانهن  به گهڻو ڪري گهٽجي چڪي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهڙين شڪايتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪي دوائون مريضن کي ڏنيون پيون وڃن، اهي دوائون نهايت ئي غير معياري هجڻ ڪري مريضن کي ڪو به فائدو نه ڏيئي رهيون آهن. اڪثر دوائون جعلي ڪمپنين جون تيار ڪيل هونديون آهن، ان ڪري مريضن کي مرض ۾ ڪا به فرحت حاصل نه ٿي ٿيئي ڪجهه حلقن جا الزام آهن ته انهن دوائن جا اڪثر ڪارخانا ٽنڊي آدم ۾ آهن، جيڪي گهرن ۾ قائم آهن، جتي نقلي دوائون تيار  ۽ پيڪ ڪري سرڪاري اسپتالن کي فراهم ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه صحت کاتي جي صوبائي وزير جي نڪ هيٺان تڏهن زور وٺندو آهي، جڏهن صحت کاتو اتحادي پارٽي حوالي ڪيو ويندو  آهي. بهرحال الزامن کي تيستائين حقيقي قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي جيستائين انهن الزامن جي مڪمل جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون نه ٿيون اچن.