تازيون خبرون

Monthly Archives: September 2014

سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، چئني صوبن ۾ هڪ جهڙو نظام چاهيون ٿا: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر اسان چئني صوبن ۾ هڪجهڙو بلدياتي نظام چاهيون ٿا هن چيو ته هاڻي هي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها قدم وڌائي سنڌ حڪومت مناسب نوٽيس تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي 101هين قومي مئنجمينٽ ڪورس ۾ شامل ٿيندڙن جي سوالن جو جواب ڏيندي ڪيو. جيڪو سومر تي ڪراچي جي دوري تي سنڌ حڪومت جي آفيسرن سان ملڻ سنڌ سيڪريٽريٽ آيل هو وڏي وزير دوري تي آيل آفيسرن کي ٻڌايو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن بلدياتي نظام جي حوالي سان قانونسازي جي عدالت ۾ به يقين دهاني ڪرائي ويئي هئي ته سنڌ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ بلڪل تيار آهي ۽ ان حوالي سان تڪبندي به ڪرائي ويئي پر ڪنهن هن معاملي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ تائين ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي. اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ 2010 ۾ منظور ٿيو هو پر بدقسمتي سان اسان کي 2010 ۽ 2011 ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ ۽ برسات جهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اسان کي مجبورن ترقياتي فنڊ جي وڏي حصي کي بحالي جي ڪمن تي خرچ ڪرڻو پيو هن چيو ته 2010 جي ٻوڏ دوران اسان 70 لک ٻوڏ متاثرن جڏهن ته 2011 جي برساتن ۾ 90 لک متاثرن جي مدد ڪئي ۽ انهن جي ٻيهر بحالي ڪرائي. هن چيو ته گذريل سال اسان ٿرپارڪر جي علائقي ۾ ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ اڃا تائين مفت ڪڻڪ ورهائي رهيا آهيون ۽ صرف هلندڙ سال ۾ به 1.2 ارب رپين جي ڪڻڪ مفت ورهائي آهي هن چيو ته انهن قدرتي آفتن جي باوجود سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ اسان 227 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن.

 

عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو قتل ڪيس وزيراعظم، وڏي وزير سميت ۱۱ ڄڻن خلاف داخل

اسلام آباد (بيورو) سيشن جج اسلام آباد جي حڪم تي وزيراعظم، وڏي وزير سميت ۱۱ ڄڻن خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف طرفان سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست تي فيصلي اچڻ بعد وفاقي گادي واري هنڌ جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ وزيراعظم نواز شريف، وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف سميت ۱۱ ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ان ڪيس جي جاچ به عوامي تحريڪ طرفان داخل ڪرايل ڪيس سان گڏ ئي ڪئي ويندي.

 

اشرف غني نئين افغان صدر طور حلف کڻي ورتو، حامد ڪرزئي جو 13 سالن جو دور پڄاڻي تي پهتو

ڪابل (م.ڊ) اشرف غني افغانستان جي صدر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، سومر ڏينهن ڪابل جي صدارتي محل ۾ هڪ تقريب ۾ اشرف غني حلف کڻڻ بعد باضابطه طور افغانستان جو صدر بڻجي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حامد ڪرزئي جي 13 سال دور حڪومت جو پڻ خاتمو اچي ويو آهي، حامد ڪرزئي 2001ع ۾ طالبان جي دور  کان پوءِ افغان صدر جو عهدو سنڀاليو هو،  جنگ سبب تباهه حال افغانستان ۾ پهريون ڀيرو جمهوري انداز ۾ اقتدار جي منتقلي ٿي آهي،  عبدالله عبداللهکان اشرف غني حلف ورتو، حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي صدر ممنون حسين سميت پرڏيهي اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر اوباما جي قونصلر جان بوڊاسٽا جي قيادت ۾ 10 رڪني وفد حلف برداري تقريب ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪئي.

 

چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن ناهي: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق پنهنجو حقيقت نامو انتخابي سڌاري واري ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري چيو آهي ته چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن ناهي. انتخابي سڌاري واري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري اشتياق احمد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2013ع جي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن وڏي محنت ڪئي جنهن سبب چونڊن کي يورپي يونين، جاپان، آمريڪا سميت بين الاقوامي مبصرن شفاف قرار ڏنو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي بريفنگ دوران ڪميٽي جي ميمبرن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي متعلق سوالن جي برسات ڪري ڏني جنهن ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪنهن هڪ ليڊر اهو ناهي چيو ته چونڊون شفاف ٿيون جنهن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري چيو ته اسان سياسي پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪريون پر پلڊاٽ به چونڊن کي شفاف قرار ڏنو آهي پرپوءِ چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن نه آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر سوال ڪيو ته بيلٽ پيپرز جي نمبرنگ ڪٿان ڪرائي وئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ٻڌايو ته نمبرنگ مشين پراڻي آهي جنهن لاءِ انفرادي قوت نه هئي ان لاءِ نمبرنگ لاءِ اردو بازار مان ۸۴ ماڻهن کي رکيو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي فيچر وارا بيلٽ پيپرز پرائيويٽ پرنٽنگ پريس مان نٿا ڇپجي سگهن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جو چوڻ هو ته انتخابي عمل مڪمل فول پروف آهي پر جيڪڏهن ان ۾ ڪو گڙ ٻڙ ڪندو ته ان کي پڪڙيو ويندو.

 

وديا بالن ۽ عمران هاشمي ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪيپ ٽائون ويندا

ممبئي (شوبز نيوزEmraan-Hashmi-and-Vidya-Balan) اداڪارا وديا بالن ۽ اداڪار عمران هاشمي پنهنجي نئين فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪيپ ٽائون ويندا، ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ جون ۾ شروع ٿيڻي هئي پر ڪنهن سبب جي ڪري  آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي هئي، ان فلم جي شوٽنگ جو پهريون شيڊول ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ڀرايو ويندو ۽ ان کان پوءِ فلمي سيٽ دبئي منتقل ٿيندو، فلم جي ڪهاڻي فلمساز مهيش بٽ جي حياتي تي لکيل آهي.

ٿر جي غريب عوام لاءِ امداد گڏ ڪرڻ لاءِ فيشن شو جو اهتمام

ڪراچي (شوبز نيوز) ٿرManish-Malhotra-Stylish-Collection-for-Women-at-London-Fashion-Show-11 جي غريب عوام لاءِ امداد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪپڙن جي مشهور برانڊ هڪ رنگارنگ فيشن شو جو اهتمام ڪيو ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سيفرون نائٽس جي نائي سان هڪ رنگارنگ فيشن شو جو اهتمام ڪيو ويو فيشن شو جو مقصد ٿر جي غريب عوام جي مالي مدد سان گڏوگڏ اتي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ رقم گڏ ڪرڻ هو.

 

اداڪار جارج ڪلوني لبناني عورت سان شادي ڪري ڇڏي

وينس (شوبز نيوGeorge-Clooney-recalls-post-Golden-Globes-prank-on-Tina-Fey-and-Amy-Poehlerز) آمريڪي اداڪار جارج ڪلوني ۽ ان جي لبناني ڄائي زال امل علم دين 27 سيپٽمبر تي اٽلي ۾ شادي ڪري ڇڏي ۽ هني مون لاءِ وينس پهچي ويا آهن ۽ آچر تي ٻنهي وينس جي مشهور ڊگهي واهه گرينڊ ڪئنال ۾ ٻيڙي ۾ويهي تفريحي سان گڏوگڏ پنهنجن مداحن کي به پنهنجو ديدار ڪرايو ان موقعي تي واهه جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن نئين شادي شده جوڙي جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ انهن مٿان گلن جي ورکا ڪئي.

 

لتا منگيشڪر طبيعت خراب هجڻ ڪري پنهنجي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالLata-Mangeshkarي ووڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر طبيعت خراب هجڻ جي ڪري پنهنجي 85هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ليجنڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر جي سالگرهه تقريب جو خصوصي مهمان ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر هو، لتا ٽيليفون ذريعي پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ سچن ٽنڊولڪر کان پارٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي معذرت ڪئي، لتا منگيشڪر بدران سندس ڀيڻ مهمانن جي ميزباني ڪئي، لتا منگيشڪر 1943ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.

چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ لاهور لائنز پنهنجي آخري ۽ اهم ليگ ميچ (اڄ) آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز خلاف کيڏندي

بنگلور (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ لاهور لائنز پنهنجي آخري ۽ اهم ليگ ميچ (اڄ) اڱاري واري ڏينهن آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز خلاف ايم چنا سوا768170-Lions-1411842096-300-640x480مي اسٽيڊيم بنگلور ۾ کيڏندي. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ٿيندي ۽ ميچ پاڪستاني وقت مطابق منجهند 3:30 وڳي شروع ٿيندي. گروپ اي ۾ ڪلڪتانه نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم 3 ميچون کٽي 12 پوائنٽن سان سيمي فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي. انهيءَ گروپ ۾ چنائي سپر ڪنگز پنهنجون سموريون گروپ ميچون کيڏي 10 پوائنٽن سان ٻئي جڏهن ته لاهور لائنز ٽي ميچون کٽي 6 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

 

ايشين گيمز مينز ڪوڏي ڪوڏي پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ بنگلاديش خلاف کيڏندو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ اڄ اڱاري تي وڌيڪ 3 ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل موجب مينز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ شاندار مقابلن جو سلسلو جاري آهي. مينز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ 3 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ۾ ايران ۽ ڏکڻ ڪوريا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته ٽين ميچ جاپان ۽ ملائيشيا وچ ۾ کيڏي ويندي.