تازيون خبرون

Daily Archives: September 25, 2014

پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ جون ٻه مئچون (اڄ) کيڏيون وينديون

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ هلندڙ 11 هين پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ جون ٻه مئچون (اڄ) جمعي ڏينهن کيڏيون وينديون. جناح اسٽيڊيم اسلام آباد پاڪستان ريلوي جو مقابلو پاڪستان واپڊا سان ٿيندو. جڏهن ته ڪراچي ۾ مسلم ڪلب چمن ۽ بلوچ ڪلب ڪوئيٽا جي ٽيمن وچ ۾ مئچ کيڏي ويندي. ليگ جون مئچون اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ کيڏيون پيون وڃن. خان ريسرچ ليباريٽريز، راولپنڊي جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ليگ ۾ سموري ملڪ مان 12 ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ دفاعي چيمپيئن ڪي آر ايل، ڪراچي اليڪٽرڪ، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي، پي آءِ اي، مسلم ڪلب چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، چمن افغان ايف سي، پاڪستان ريلوي ۽ بلوچ ڪلب ڪوئيٽا شامل آهن. ليگ 10 جنوري تائين جاري رهندي

 

آسٽريليا خلاف سيريز جو حصو بڻجڻ چاهيان پيو؛عمر گل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ساڄي هٿ سان تيز بال اڇلائيندڙ عمر گل چيو آهي ته منهنجو اصل ٽارگيٽ 2015ع وارو ورلڊ ڪپ کيڏڻ آهي. ڀرپور ٽريننگ ڪرڻ کان پوءِ مڪمل فٽ ٿي ويو آهي، ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمر گل چيو ته هڪ مهيني جي ڀرپورٽريننگ ڪري رهيو آهيان جنهن ڪري مڪمل فٽ ۽ ٽيم ۾ کيڏڻ لاءِ دستياب آهيان، عمر گل وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف سيريز جو حصو بڻجڻ چاهيان پيو پر جي مون کي ڊراپ ڪيو ويو ته به خير آهي ڇو ته منهنجو اصل ٽارگيٽ 2015ع وارو ورلڊ ڪپ کيڏڻ آهي، آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ سليڪٽ نه ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان چئي چڪو آهيان ته مان فٽ آهيان پر جيڪڏهن سليڪٽرن مون کي ناهي چونڊيو ته مان ان تي تبصرو نه ڪندس، منهنجي ڪوشش رهندي ته اڳتي مان سليڪٽرن جو ڌيان حاصل ڪيان.

قومي ڪوڏي ڪوڏي ٽيم ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ ڪوريا رواني ٿي وئي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪوڏي ڪوڏي ٽيم ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ خميس ڏينهن ڪوريا رواني ٿي وئي. ايشين گيمز ڪوريا ۾ کيڏي پئي وڃي پاڪستان ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل رانا محمد سرور چيو ته ايشين گيمز ۾ ڪوڏي ڪوڏي جو ايونٽ 28 سيپٽمبر کان 13 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. ايشين گيمز ۾ پاڪستان کي گروپ اي ۾ ڀارت، بنگلاديش ۽ ٿائيلينڊ سان گڏ رکيو ويو آهي. جڏهن ته گروپ بي ۾ ايران، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا جون ٽيمون شامل آهن. هن چيو ته اڄ ڪلهه ايشين گيمز جي تياري لاءِ 20 رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ جاري آهي.

 

اعلان فقط اعلان ئي رهيا!!عبدالله چانهيون

سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ ڏڪار مٿان ڏڪار مارو ماڻهو بيحال ڪاري ڏڪار جي ڪري چوپايو مال مري رهيو آهي، پر ڏڪار سٽيل ماڻهن جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اين جي اوز ۽ چونڊيل نمائندن سوڌو هينئر تائين ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار متاثر ماڻهن لاءِ جيڪو امدادي سامان اماڻيو هو اهو به حقدارن تائين پهچڻ بدران سرڪاري عملدارن کائي هضم ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري ماڻهو پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن ته ٻئي پاسي انهن جو مال به بک ۽ اڃ وگهي پاهه ٿي رهيو آهي، هڪ طرف اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي ته ٻئي پاسي وڌيڪ ڏکوئيندڙ حقيقت اها آهي ته جيڪو ٿورو گهڻو امدادي سامان متاثر ماڻهن لاءِ  اماڻيو ويو هو اهو به ڪامورن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مارو ماڻهو ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن، ملڪي تاريخ  ۾ پهريون ڀيرو اڇڙو ٿر جو دورو ڪندڙ وڏي وزير قائم علي شاهه پاران اڇڙي ٿر واسين لاءِ  امداد جو اعلان ڪيو هو ته ڏڪار سٽيلن لاءِ هڪ ڪروڙ امداد پاڻي ۽ بجلي مهيا ڪئي ويندي علائقي کي سولر سسٽم تحت بجلي، پائيپ لائين مان پاڻي اسڪولن جون عمارتون ۽ اسپتالون ڏنيون وينديون، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ٻيڻا پگهار ڏنا ويندا، متاثرن کي انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ رقم کان ٽيڻ تي وڌيڪ رقم ۽ 6 مهينن تائين 78 هزار خاندانن کي روڪ امداد ڏني ويندي، وڏي وزير جو اهو اعلان صرف اعلان رهجي ويو، ان امداد جي آسري مارو ماڻهو آسمان ۾ اکيون وجهي ويٺل آهن ۽ تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻ هوند ڪري مريض به مونجهاري ۾ ورتل آهن ته ٻئي پاسي مال جو چارو به ختم ٿي چڪو آهي، اها سموري صورتحال ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، هڪ طرف سرڪاري ڪامورا خانا پوري ڪري ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران پنهنجا بئنڪ بيلنس ڀري رهيا آهن ته ٻئي پاسي عوام جي ڀلائي جون دعوائون ڪندڙ سماجي تنظيمون به هن معاملي ۾ لڳاتار ڪن لاٽار ۽ غير ذميواري  اختيار ڪنديون پيون اچن اهي اين جي اوز جيڪي عوام جي پريشانين ۽ اهڙين آفتن تي پلجنديون آهن، شايد انهن کي مٿان کان ڪي سڻڀا پراجيڪٽ مليا آهن، جنهن ڪري اهي علائقي ۾سرگرم نه آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي سماجي خدمت جو دارومدار مٿان کان ملندڙ پراجيڪٽس تي هوندو آهي، هن وقت اها به شڪايت سامهون اچي رهي آهي ته متاثر علائقن جي ماڻهن کان سياسي بدلو وٺڻ لاءِ هن ڏکئي وقت ۾ سندن واهر ڪرڻ کان  لنوايو پيو وڃي ۽ سانگهڙ  ضلعي جو اڇڙو ٿر مسلم ليگ فنڪشنل جو هجڻ ڪري ته پ پ پ وارا متاثرن جي مدد ڪرڻ کان لنوائين پيا، ان ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت آهي، ان جو به جائزو وٺڻ گهرجي پر جيڪڏهن ائين آهي ته اهو انتهائي افسوسناڪ رويو آهي ڇاڪاڻ ته آفتن جي زماني ۾ سرڪار ۽ مقامي انتظاميه کي سياسي وفادرين کان مٿانهون ٿي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي پر هتي سدائين نوڪرين کان وٺي امداد تائين هر معاملي ۾ پنهنجن نوازڻ واري روش پئي رهي آهي ۽ جن علائقن جا ماڻهو حڪمران پارٽين کي ووٽ نه ڏيندا آهن، انهن سان ڏکين توڙي عام حالتن ۾ ائين ئي ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان قائم وفاقي توڙي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽين جو به هن صورتحال ۾ اهو ئي ساڳيو اکيون ٻوٽڻ وارو رويو آهي. جيتوڻيڪ هنن ادارن جي اها پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هو آفتزده علائقن جي نشاندهي ڪن ۽ سرڪار کي انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان هڪ گائيڊ لائين مهيا ڪن، جنهن تي هلندي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي صحيح نموني مدد ٿي سگهي پر هي علائقو حڪمرانن جي بي ڌياني جي ور چڙهي ويل آهي، اڇڙو ٿر ۾ برسات وسي پوي ته اتان جا ماروئڙا خوشحالي واري زندگي بسر ڪري سگهن ٿا، پر قدرت جي ڪمال سان برسات نٿي پوي ته  ڏٿ ڏوٿيئڙا ڏڪر  جي ور چڙهي وڃن ٿا پوءِ انهن غريب ماروئڙن جو ڪهڙو حال هوندو، جن جو سڄو گذر انهن ڪارن ڪڪرن جي گونجڻ سان هوندو آهي، هو انهي برسات جي پاڻي تي سڄو سال پيا گذارو  ڪندا آهن، هنن مارو ماڻهن جي سورن جو سج الائي ڪڏهن لهندو ۽ هي مظلوم عوام سک جو ساهه کڻندو، نالي ماتر حڪمرانن هن ديس کي دهشت جي وستي بڻائي ڇڏيو آهي. ڄڻ ملڪ مڙئي منصور لڳو پيو آهي، ڇو ته ڪن کي بک ۽ اڃ بهاني ماريو ٿو وڃي ته ڪن کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي باهه ڏئي ساڙيو ٿو وڃي، اڄڪلهه اڇڙي ٿر جي ڳالهه عام جام هلي رهي آهي، اڇڙو ٿر جيڪو سانگهڙ ضلعي کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جون سرحدون انڊيا جي بارڊر سان ملن ٿيون، جيڪو هتان جي حڪمرانن جي نظر ۾ اڇڙو ٿر سڄو ئي سون آهي، جت ڪوئلي کان وٺي گئس ۽ تيل جهڙي معدنيات اڇڙي ٿر جي علائقن مان جام ملي ٿي. اڇڙو  ٿر کي هتان جي حڪمرانن عرب جي شڪارين لاءِ شڪار گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي هتي سالون سال اچي اڇڙي ٿر ۾ رهندا آهن، اهي عرب شڪاري تلور پکي جو شڪار شوق سان ڪندا آهن، اڇڙو ٿر جي ناياب نسل جي پکين ۾ تلور ڪارڙو تتر اڇڙو تتر جانورن ۾ هرڻ ڦاڙهو وغيره هتان جو حڪمرانن ۽ ڪامورن جي شڪار گاهن جو مرڪز بڻيل آهن، جيڪي پنهنجي زندگي ۾ شوق شڪار ڪندا آهن، پر پوءِ به اڇڙو ٿر حڪمرانن جي بي ڌياني جي ور چڙهيل آهي، هميشه سنڌ اندر وڏن واويلن کانپوءِ هتان جا حڪمران جاڳندا آهن، هاڻي به توهان ڏٺو ته جڏهن سچ لکڻ وارن بنا فرق جي اڇڙي  ٿر وارن جا اهي سڀ اهنج ملڪي ميڊيا تي ظاهر ڪيا، تڏهن ئي هتان جا حڪمران اگهور ننڊ مان جاڳي پيا، جڏهن سون جي تعداد ۾معصوم ٻارڙا بزرگ عورتون بک وگهي مري رهيا آهن، پر حڪومت جا اهي اعلان اعلان ئي آهن، عملي ڪم هنن حڪمرانن ڪڏهن نه ڪيو آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏڪار زده ٿرپارڪر ۽ اڇڙو ٿر جي رهواسين لاءِ هنگامي بنيادن تي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي، سستي اگهه تي ڪڻڪ چوپائي مال لاءِ چارو  ڊاڪٽرن جون گشتي ٽيمون جوڙي ڳوٺن ۾ موڪليون وڃن، جيئن مارو ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن.

***************************

عطيه فيضي: هڪ ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي:زاهده حنا

                         مان Developing Countries Research Centre جي ٿورائتي آهيان، جو اُنهن مون کي نائين پئبلو نرودا ميموريل ليڪچر ڏيڻ جي عزت بخشي.

                         اسين ڏکڻ ايشيا جي رهڻ وارن جي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پئبلو نرودا جيڪو ويهين صديءَ جو هڪ عظيم شاعر ۽ بيچين روح هو، اُهو ٻه ڀيرا هندستان آيو ۽ هُن اسان جي تاريخي ۽ تهذيبي شهر دهلي ۾ وقت گذاريو. ”پئبلو نرودا ميمورائزر“ ۾ هُن هندستان ۽ دهليءَ جو خاص طور سان ذڪر ڪيو آهي.

                         پئبلو نرودا لاطني آمريڪا جي اُنهن شاعرن مان آهي، جن دنيا جي پيڙهيل انسانن جي لاءِ آواز اُٿاريو، اُهي مرد، عورتن ۽ ٻار آزاد هُجن يا غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا هُجن، هُن جي شاعري جي اها ئي سگهه هُئي، جنهن کي تسليم ڪندي هُن کي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو.

                         مون کي جڏهن پئبلو نرودا ميموريل ليڪچر ڏيڻ جي لاءِ دعوت ملي ته مُنهنجي ذهن ۾ هندستان جي اُن عورت جي تصوير اُڀري آئي، جيڪا هڪ آزاد ۽ بيچين روح رکندي هُئي، جنهن جو نالو عطيه فيضي هو. هوءَ اوڻيهين صديءَ ۾ پيدا ٿي، جنهن جو ذهن جديد هو ۽ جنهن ويهين صديءَ جي مسلم هندستان سماج جي رجعت پرست ۽ قدامت پسند روايتن کي چئلينج ڪيو. هُن مسلمان عورتن کي پردو ڇڏي ڏيڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيو. ائين هوءَ پاڻ اڳ ئي ڪري چُڪي هُئي. هُن جو خيال هو ته سماج ۾ اهڙي نموني بدلاءُ اچي سگهي ٿو ۽ هي عورتون هندستان جي ترقي ۾ پنهنجو حصو ڳڻائي سگهن ٿيون. پئبلو نرودا پنهنجو ساروڻيون لکندي هڪ حصي جو نالو I went out to look for the fallen رکيو آهي. عطيه فيضيءَ به ائين ئي ڪيو. هُن پنهنجي پوري ڪوشش سان هندستان مسلمان عورتن کي اُڀارڻ جو ڪم ڪيو. پر جڏهن عطيه هن دنيا مان رخصت ٿي وئي ته اُها هڪ اهڙي عورت بڻجي چُڪي هُئي، جنهن کي وساريو ويو ۽ جنهن کي ماڻهو اهميت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هُئا.

اڄ مان اُن عورت جي ڳالهه ڪنديس، جيڪا پنهنجي وقت جي اهم عورت هُئي ۽ جنهن اُن وقت جي هندستان جي مسلمان عورتن جي تعليم لاءِ آواز اُٿاريو. هُن اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ پردو ڇڏيو ۽ عورتن جي برابري وارن حقن ۽ برابر موقعن جي ڳالهه ڪئي. هُن جو نالو وٺڻ سواءِ هندستان ۾ مسلمان عورتن جي بيداري جي ڳالهه نامڪمل رهندي، پر هاڻ اسان وٽ هُن جو نالو تمام گهٽ ورتو وڃي ٿو.

اسين جنهن عطيه کي ڄاڻون ٿا، اُها 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي هُئي. پيءُ تمام گهڻو مالدار واپاري ۽ سلطنت عثمانيه ۽ يمن ۾ هندستان جو سفير هو. چيو وڃي ٿو ته اوڻيهه ٻوليون روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. هُن پنهنجي نياڻين جي پُٽن جيئن پرورش ڪئي. تڏهن ئي هُن جي ٽنهي ڌيئن زهره، نازلي ۽ عطيه اوڻيهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پردو ترڪ ڪيو. هُن جي خاندان جون ڇوڪريون 1880ع کان انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون هيون.

عطيه فيضي جي ناني دُرت الولي هڪ پڙهيل لکيل عورت هُئي. اُن جي والده امير النساء بيگم هڪ ناول ”نادر بيان“ لکيو، جيڪو پهرين جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهريان شايع ٿيو. عطيه اُها پهرين مسلمان ڇوڪري هُئي، جنهن کي سرڪاري وظيفه مليو ته اُها لنڊن وڃي تعليم حاصل ڪري. 1906ع جو اهوئي سفر هو، جنهن جو روزنامچو عطيه فيضي پابندي سان لکيو ۽ لاهور کان ڇپجڻ واري ”تهذيب نسوان“ ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيو. 1921ع ۾ هي روزنامچو جنهن کي سفرنامو به چئي سگهجي ٿو، ”زمانه تحصيل“ جي عنوان سان مطبع مفيد عام آگره ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو. 2010ع ۾ ”اداره يادگار غالب“ اُن کي ٻيهر شايع ڪيو ۽ اُن جو انگريزي ترجمو ۽ عطيه جي زندگي جو احوال آڪسفورڊ پريس انڊيا ڇپايو آهي. هي ڪم بوسٽن يونيورسٽي ۾ فارسي جي سينئر ليڪچرار ڊاڪٽر سنيل شرما ۽ S.Lambert Hurley گڏجي ڪم ڪيو. اُن ڪتاب جو نالو Atiya’s Journey : A Muslim Woman from Colonial Bombay to Edwardian Briton آهي.

عطيه فيضي جنهن تي علامه شبلي نعماني جي ڪري مشهور ٿيڻ جو الزام هنيو ويندو آهي، اُن جي باري ۾ اهو لکڻ جي توفيق ڪنهن به ٿي ته اها عطيه ئي هُئي، جنهن بيگم ڀوپال کان سفارش ڪرائي ”سيرت النبي“ جي اشاعت جي لاءِ خاصي رقم جو اهتمام ڪيو هو ۽ هيءَ اُهائي هُئي، جنهن جي باري ۾ مولانا سندس ڀيڻ هر هائينس جنجيره نازلي بيگم کي هڪ خط ۾ لکيو ”توهان ۽ عطيه جهڙي اردو لکي سگهو ٿيون، ڪاش اسان جي صوبي ۾ به ڪا عورت ائين لکي سگهي“ ڪڏهن شبلي پنهنجي خطن ۾ اُنهن کي فارسي پڙهائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو، ڪڏهن اُنهن کي پارسي ۽ هندو عورتن جيان ليڪچر ڏيڻ تي همٿائي ٿو ۽ حد ته اها آهي ته موسيقي سان عطيه جي محبت ڏسي اُن کي منشي نول ڪشور جو ڇپايل ڪتاب ”قانون موسيقي“ موڪلي ڏي ٿو. ڪڏهن پنهنجي ڪنهن ڪتاب کي عطيه جي نالي منسوب ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو، موسيقي جي حوالي سان هڪ خطي ۾ لکي ٿو ته ”گرامون فون ۾ پياري صاحب جا جيڪي گانا بند آهن، اُنهن کي ٻُڌو، پليٽن تي گانن جا نالا به هوندا آهن، جيئن دادرا ۽ ٻيا راڳ. هڪ خط ۾ شبلي لکي ٿو، ”منهنجي ڌيءَ تنهنجو خط پڙهي سخت حيرت زده ٿيندي آهي ته اهڙي قابليت جون عورتون به ٿينديون آهن. مون اُن جو به اهوئي جواب ڏنو ته هوءَ عورت ڪٿي آهي. مطلب ته شبلي جيڪو هُن سان علمي ۽ ادبي سطح تي خط و ڪتابت ڪندو هو، اُن جي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري هُن کي عورت تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو.

شبلي، عطيه کان ويهه سال وڏو هو، پر پنهنجي کيس ٽيهه سالن واري تصوير اُماڻي ڏيندو آهي، جنهن جي عطيه پنهنجي مشهور مصور مُڙس رحمين کان هڪ پورٽريٽ ٺهرايو. فرانس ۾ 1913ع ۾ هڪ نمائش ٿي، جنهن ۾ اُهو پورٽريٽ رکيو ويو هو. رحمين جي اُن پورٽريٽ کي ڪجهه فرانسيسي قدردان مهانگي مُلهه تي خريدڻ چاهيو، پر اُن لاءِ عطيه راضي نه ٿي.

اقبال سان لنڊن ۾ عطيه جي پهرين ملاقات اهڙي نموني ٿئي ٿي جو اُها اپريل 1907ع ۾ بيگم ۽ سيد علي بلگرامي جي طرف کان هُن کي ڪيمبرج اچڻ جي دعوت ڏيڻ آئي هُئي ۽ اُن سان خاص طور تي ملڻ چاهيو پئي. عطيه لکي ٿي ته ”اُن کان پهريان مون اقبال متعلق گهڻو ڪجهه ٻڌو هو“ جڏهن ته اُن ملاقات ۾ اقبال، عطيه کي اهو چوي ٿو ته، ”تون پنهنجي سفرنامي سبب لنڊن ۽ هندستان ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي چُڪي آهين.“ اهو اشارو ”تهذيب نسوان“ ۾ شايع ٿيڻ واري روزنامچي جي طرف هو. اُن کان پوءِ خطن ۽ ملاقاتن ۾ ڪڏهن هُن کي فارسي نظم موڪلي اُن تي تنقيدي راءِ طلب ڪري ٿو، ڪڏهن پنهنجي اردو ڪتاب ”علم الاقتصاد“ پيش ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ ڪڏهن چاهي ٿو ته اُها ڪلياتِ بابا فغاني ضرور پڙهي. عطيه پروفيسر آرنلڊ يعني اقبال جي اُستاد جي دعوت تي مختلف محفلن ۾ شريڪ ٿئي ٿي، جنهن ۾ اقبال به موجود آهي ۽ جتي فلسفي جي جرمن ۽ عربي ڪتابن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ٿئي ٿو.

عطيه ۽ اقبال جي علمي بحثن، ذاتي نوعيت جي خطن، گهريلو زندگي جي تلخين جو اقبال جي طرف کان اظهار، خودڪشيءَ جي خواهش جي باري ۾ عطيه کي لکڻ، اُها معاملا آهن، جن سان اقبال جا خط پُر آهن. پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن تي عطيه جا هي جملا ناگوار گُذريا، جن ۾ هُن لکيو هو ته ”اقبال جيئن ته مان هُن کي يورپ ۾ ڄاڻندي هُئس، هندستاني (واپس اچڻ کان پوءِ) اُئين نه هو. جن کي هُن سان شروعاتي ڏينهن ۾ ملڻ جو موقعو نصيب نه ٿيو (اُهي) اُن ذهانت جي معيار جو اندازو نٿا لڳائي سگهن، جنهن جي نمود جي هُن ۾ خداداد صلاحيت هُئي. هندستان ۾ هُن جي چمڪ ڌمڪ ڪجلائي وئي ۽ وقت سان گڏوگڏ اها ڪجلاهٽ اُن جي سڄي شعور ۾ سرايت ڪري وئي.“ اوهان ئي ٻُڌايو ته مفڪر پاڪستان ۽ عليه الرحمته جي طاق تي رکيل علامه اقبال جي شان ۾ ڪنهن عورت جي هيءَ گستاخي ڪهڙي نموني برداشت ۽ معاف ڪري سگهجي ٿي. برابري جي سطح تي بحث ڪرڻ واري اهڙي عورت کي نظرانداز ڪري طاق نسيان تي رکي ڇڏڻ ئي مسئلي جو حل آهي.

عطيه 1907ع ۾ يورپ کان واپس هندستان آئي ته هُن ننڍي عُمر جي شادي ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان زبردست مهم هلائي. ٻئي طرف هُن جي دلچسپي هدنستان جي ڪلاسيڪي موسيقي سان وڌندي وئي. 1913ع ۾ هُن جو ڪتاب The Music of India جو پهريون ايڊيشن شايع ٿيو. 1925ع ۾ شايع ٿيڻ واري ايڊيشن ۾ عطيه جي هڪ نادر تصوير پنڊت ڀٽڪنڊي سان گڏ آهي. ريگي نالڊميسي ۽ جميلي ميسي پنهنجي ڪتاب The Music of India ۾ عطيه فيضي ۽ اُن جي 1913ع جي ڪتاب جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هُن لکيو آهي ته عطيه يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هندستاني موسيقي تي ليڪچر ڏنا. هُن تامل موسيقي ۾ به گهڻي دلچسپي ورتي ۽ مهاراجا گائيڪوارڊ جي درٻار ۾ تامل موسيقي جا ڪيترائي مظاهرا ڏٺا. اُن کان پوءِ عطيه هزهائينس کان درخواست ڪئي ته هو موسيقي جي قديم تامل مجموعي کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ جو حڪم ڏي. هُن پنڊت ڀٽڪنڊي جي سربراهي ۾ دهلي جو ڀٽڪنڊي ڪاليج آف ميوزڪ قائم ڪيو. اسين اورنگزيب عالمگيري جي پيروي ڪريون ٿا، جنهن موسيقي جي فن کي دفن ڪيو هو، اسان هن پاڪ سرزمين تي موسيقي جو اُهو حشر ڪيو آهي جو رقص ۽ موسيقي جا استاد، طبله ۽ سرانگي نواز، حد ته اها آهي ته سارنگي ٺاهڻ وارا به هن سرزمين تان ڇڏي هليا ويا. اسان کي عطيه فيضي جي موسيقي جي ڪتابن جي باري ۾ ڪجهه معلوم ناهي، عام طور تي اهوئي چيو ويندو آهي ته موسيقي تي هُن ڪتاب لکيا آهن اُهي هاڻ ناياب آهن. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڄمون يونيورسٽي ۾ موسيقي جو ايم اي نصاب 2011 to 2013 جو ڪورس 551 سڏجي ٿو ۽ جيڪو Music from Vedic Period to Present and Regional Folk Music چورائي ٿو، اُن ۾ جن ڪتابن پڙهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي، اُنهن ۾ عطيه فيضي جو The Music of India ترتيب ۾ سڀني کان پهريان آهي. هندستان، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ هر ٻئي چوٿين سال اُن جو ايڊيشن مٿان ايڊيشن ڇپجي ٿو

شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ پيش ايندڙ واقعا

شهدادپور لڳ ڳوٺ عنايت بخاري ۾ شادي جي ڪاڄ ۾ فائرنگ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شادي جي ڪاڄ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري خبر يقينن افسوسناڪ آهي، پر ان نوعيت جا واقعا هن وقت ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام رواجي آهن ۽ قانون جا رکوالا به ان قسم جي فائرنگ خلاف  ان  وقت تائين ڪو به قدم نٿا کڻن جيستائين ڪو ماڻهو اجل جو شڪار يا زخمي نٿو ٿئي. حالانڪه ان نوعيت جي فائرنگ دوران سڀ کان اڳ ان اسلحي جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، جيڪو استعمال ٿئي ٿو ته اهو جائز آهي يا ناجائز؟ ان نوعيت جي واقعن جي بيخ ڪني نه ٿيڻ ۽ واسطيدار ٿاڻن تي موجود عملي جي مجرمانه غفلت سبب گوليون هلائڻ هاڻي هڪ شوق  ٿيندو پيو وڃي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ صوبي جا وڏا شهر اڌ رات کانپوءِ  گولين جي ڌماڪن سان گونجڻ لڳندا آهن، اهي گوليون ڪنهن شادي جي تقريب ۾ نه هلايون وينديون آهن، بلڪه هٿيارن جي نمائش  جو باقاعده اهتمام هوندو آهي، رات جو 12 کان پوءِ گولين وسڻ جو آواز هزارين شهري  ٻڌندا آهن ۽ جيڪي کليل هوا ۾ پنهنجي کڏن تي ستل هوندا آهن اهي هيسيل رهندا آهن ته متان ڪا گولي کين نقصان نه پهچائي، اهو به مشاهدو آهي ته ان نوعيت جي فائرنگ جي زد ۾ اچي کليل فضا ۾ ستل بيگناهه شهري اجل جو  شڪار ۽ زخمي به ٿيا آهن، پر انهن بابت واسطيدار  ٿاڻا اتفاقي حادثي جو ڪيس درج ڪري بري الذمه بڻجي ويندا آهن، ڪجهه نشرياتي ادارن وري ان ڇڙواڳ فائرنگ کي ”انڌي گولي“ جو نالو ڏئي  هڪ نئين منفي اصطلاح متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو مطلب اهو ثابت ڪرڻ هوندو آهي ته ”شوقينن فائرنگ ڪئي،  ڪير ۽ ڇو ان جي زد ۾ آيو، ان سان ڪو مطلب نه آهي“. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان قسم جي فائرنگ ڪندڙ ته انڌا بڻجي ويندا آهن، هٿيارن  مان نڪرندڙ گولي به انڌي هوندي آهي، پر واسطيدار ٿاڻن تي ويٺل قانون جا رکوالا  ته اکين وارا هوندا آهن، اهي ڇو نٿا ان قسم جي لاقانونيت روڪين؟ ان صورتحال جي پس منظر ۾ اسان سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي حيدرآباد شهر جي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته شادين جي تقريبن سميت هر قسم جي فائرنگ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ موثر اپاءَ ورتا وڃن ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي شڪنجي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ ان قسم جي فائرنگ جا واقعا سنڌ ۾ موجود مختلف طبقن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ وارن عوامل سبب ڪنهن وڏي ممڻ مچڻ جو سبب به بڻجي سگهن ٿا، جنهن کان بچڻ جي اشد ضرورت آهي