تازيون خبرون

Daily Archives: September 24, 2014

قوم ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي معاف نه ڪندي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري جي لنڊن ملاقات جو حال سڀني جي اڳيان آهي، پاڪستان رڪاوٽن باوجود ترقي ڏانهن روانو آهي، قوم ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي معاف نه ڪندي، ڌرڻي وارن جي مقصدن کي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزير اعظم واشنگٽن روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لنڊن پلان بري طرح ناڪام ٿي ويو، عوام آڏو ڌرڻي وارن جو پلان سامهون اچي ويو. هن چيو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري جي لنڊن ۾ ملاقات جو حال سڀني جي اڳيان آهي، پاڪستان ترقي ڏانهن گامزن آهي، پاڪستاني عوام ڌرڻائين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان پنهنجي ترقي جا سمورا حدف حاصل ڪندو، پاڪستاني قوم پنهنجي ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ملڪ جي ترقي جي رستي ۾ رنڊڪن جو ذڪر اق عوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪندس اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا وڃڻ جي موقعي تي لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته پاڪستان جي خلاف لنڊن ۾ ويهي ڪجهه سياستدانن سازش ڪئي جيڪا بري طرح ناڪام ٿي ويئي آهي لنڊن پلان جا نقطا ۽ ان جو اصل مقصد هاڻي قوم آڏو ظاهر ٿي ويو آهي  ياد رهي ته وزير اعظم گذريل ڏينهن لنڊن پهتو جتي هن طبي معائنو ڪرايو انهي ڏينهن تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ، آل پاڪستان مسلم ليگ ۽ (ق) ليگ جي ڪارڪنن حسين نواز جي رهائشگاهه ٻاهران ۲ ڪلاڪن تائين وزير اعظم نواز شريف خلاف مظاهرو ڪيو ۽ “گو نواز گو” جي سخت نعريبازي ڪئي وئي. وزير اعظم نواز شريف جي آمريڪا آمد تي به مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

اڳوڻي صدر نون صوبن جي مخالفت ڪري ڇڏي، عمران خان سياسي ميدان ۾ نابالغ آهي : آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پهريان ئي صوبن جا خرچ پورا نٿا ٿين نون صوبن سان رڳو خرچ وڌندا. الطاف ڀائي کي به پرچائي وٺنداسين، ڌرڻن سان جمهوريت نه معيشت کي خطرو آهي. عمران خان سياست جي ميدان ۾ نابالغ آهي هو آخري حد تي هليو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن، نوان صوبا بڻجڻ سان انتظامي خرچ وڌندا. الطاف حسين کي سياست ۾ نئين پراڊڪٽ لانچ ڪرڻ اچي ٿو سندس موڊ چينج ٿيندو رهندو آهي. الطاف حسين جو موڊ تبديل ڪري وٺنداسين اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اُن جو نتيجو کليل دل سان تسليم ڪريون. آصفعلي زرداري چيو ته ڌرڻي کانپوءِ ميان صاحب نه گهرايو پاڻ ويو هوس. جمهوريت جو تحفظ پيپلزپارٽي جي به ذميواري آهي. ڌرڻن سان جمهويت نه پر معيشت کي خطرو آهي. ميمو گيٽ تي جيڪو نوازشريف ڪيو اُهو سندس فعل نه هو. وفاقي حڪومت سان تعاون ڪري رهيا آهيون اُهو پيپلزپارٽي جو فعل آهي. اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان سياست ميدان ۾ نابالغ آهي. هو ايڪسٽريم پوزيشن تي هليو ويو آهي. عمران خان جڏهن اسپتال لاءِ پلاٽ ورتو تڏهن کيس ڇانگا مانگا ڇو ياد نه آيو. آصف علي زرداري چيو ته هو سمجهي ٿو ته ٽيڪنوڪريٽ ملڪي حالتون بهتر نٿا ڪري سگهن.

 

وڏي وزير سان اڳوڻي صوبائي وزير اختر جدون جي ملاقات،

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ٽرانسپورٽ واري اڳوڻي وزير اختر حسين جدون، وزير بادشاهه جدون ۽ لعل بادشاهه جدون وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ آباد پختونن جي مسئلن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جدون برادرز سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستن پيپلز پارٽي ڪراچيءَ کان خيبر تائين سمورين قوميتن جي واحد نمائندا پارٽي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ڪم ڪري رهي آهي، ڪياماڙيءَ جي علائقي ۾ 100 بسترن واري اسپتال ۽ 5 آر او پلانٽ جلد مڪمل ڪيا ويندا ۽ ان آر او پلانٽس کي سولر انرجي تي هلايو ويندو ته جيئن ماڻهو بنا ڪنهن تعطل جي پاڻي حاصل ڪري سگهن. ملاقات ۾ جدون ڀائرن وڏي وزير کي پختونن کي درپيش مسئلن بابت ڄاڻ ڏني. هنن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پختون آبادي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي پارٽي سمجهن ٿا ۽ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

 

گهرو وزير سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽيصورتحال ۽ پاڪ آمريڪا ٻه طرفا ناتن تي ويچاريو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي خطي ۾ امن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان پوري خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ هر طرح جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا هر سطح تي پاڪستان جي مدد ۽ حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي نيڪال تي به ڳالهايو ويو.

 

اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، ۸ ڄڻا مارجي ويا

ميرانشاهه (م.ڊ) آمريڪي جاسوس جهازن جو 47 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، هڪ گهر تي ۴ ميزائيل فائر ڪيا ويا جنهن سان گهر ۾ موجود ٻن غير ملڪين سميت ۸ ڄڻا مارجي ويا، حملي کانپوءِ ڊرون جهازن جون علائقي ۾ هيٺين سطح تي اڏامون، عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. تفصيل موجب اربع تي اتر وزيرستان جي علائقي الواڙه منڊي ۾ ميزائيل حملي ۾ ۸ ڄڻا مارجي ويا. واضح رهي ته آخري ميزائل حملو  به دته خيل جي علائقي ۾ ۶ آگسٽ تي ٿيو هو جنهن ۾ ۷ ڄڻا مارجي ويا هئا. علائقي ۾ مواصلاتي نظام نه هئڻ سبب مارجي ويلن جي تصديق ناهي ٿي سگهي پرپوءِ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ۶ مقامي ۽ ۲ پرڏيهي شامل آهن. مقامي ذريعن موجب ۴ کان ۵ ڊرون جهازن جون علائقي ۾ هيٺانهين سطح تي اڏامون جاري رهيون جنهن سان خوف پکڙجي ويو ۽ مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

 

جديد هٿيارن سان ليس هوائي فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي: ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ

اسلام آباد (بيورو) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ چيو آهي ته جديد جديد هٿيارن سان ليس هوائي فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فضائيه دهشتگردن تي ڪاري ضرب لڳائي رهي آهي، قدرتي آفتن ۾ پاڪ فضائيه اڳتي وڌيڪ خدمتون انجام ڏنيون، ٻوڏ ۽ آپريشن متاثرن جي مدد ۾ پاڪ فضائيه به شريڪ آهي، ڪميشن حاصل ڪندڙ ڪيڊٽس جي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، هوائي طاقت کي مستقبل جي جنگن ۾ اهميت حاصل ٿي رهي آهي، موجوده دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي جديد ٽيڪنالوجي ۾ مهارت ضروري آهي. پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي رسالپور ۾ 132 هين جي ڊي پائليٽ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ چيو ته ڪيڊٽس ايئرفورس اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار جي تربيت حاصل ڪئي، تربيت حاصل ڪندڙن ۾ عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، نائيجيريا، سعودي عرب ۽ زمبابوي جا ڪيڊٽس به شامل آهن. ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ڪيڊٽس جي تربيت پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته موجوده دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارت ضروري آهي، اسان کي  مستقبل ۾ پاڪ فضائيه جي روايتي بهادري ۽ جرئت کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو. طاهر رفيق بٽ چيو ته پاڪ فضائيه جي تاريخ ملڪ جي دفاع ۾ بيمثال قربانين سان ڀريل آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ به پاڪ فضائيه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

ڪاميابي جي گهوڙي تي سوار دپيڪا پڊڪون مشهور اداڪار سلمان خان سان گڏ فلم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو

ممsalman-khan_deepika-padukone___107938بئي (شوبز نيوز) فلمن جي مسلسل ڪاميابي جي گهوڙي تي سوار دپيڪا پڊڪون مشهور اداڪار سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سلمان خان سان ڪم ڪري ڏاڍي خوشي ٿيندي. عامر خان ۽ رتيڪ روشن سان به ڪم ڪرڻ چاهينديس دپيڪا اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم هيپي نيو ايئر جي مشهوري ڪرڻ ۾ مصروف آهي هن فلم ۾ ان سان گڏ شاهه رخ خان آهي شاهه رخ خان سان سندس هي ٽين فلم آهي

 

هالي ووڊ جي نئين فلم جان وڪ 24 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) بدلي ۽ انتقام تي ٻڌل Hollywoodهالي ووڊ جي نئين فلم جان وڪ جو ٽريلر ۽ پوسٽر جاري ٿي ويو آهي ڊيوڊ ليج ۽ شيڊا اسپيل سٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻينشاني باز ماهر شارپ شوٽر جي آس پاس گهمي ٿي جيڪو پنهنجو پروفيشل ڇڏي ڏي ٿو ۽ ان کي مختلف رستي تان هٽائڻ لاءِ مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ان سنسني خيز فلم ۾ مرڪزي ڪردار مشهور ايڪشن هيرو ڪيانوريو ادا ڪيو آهي ايڪشن سان ڀرپور فلم 24 آڪٽوبر تي سئنيما گهرن ۾ لڳائي ويندي

 

دانش تيمور ۽ عائزه خان ٿائيلينڊ ۾ هني مون ملهائڻ کان پوءِ وطن واپس پهچي ويا

اسلام آباد(شوبز نيوز) ٽي وي اداڪار دانشخان ٿائيلينڊWedding-Bells-for-Danish-Taimoor-Aiza-Khan-Date-set ۾ هني مون ملهائڻ کان پوءِ وطن واپس پهچي ويا. دانش ۽ عائزه جي شاديڪجهه مهينا اڳ ٿي هئي. اهي سيپٽمبر جي ٻئين هفتي هني مون ملهائڻ لاءَ ٿائيلينڊ ويا هئا جتان تيمور ۽ عائزه انهن پنهنجن پرستارن لاءِ ڪيتريون ئي تصويرون موڪليون جتي اهي مختلف سياحتي ماڳن تي گهمندي نظر آيا آهن.

 

مولانا طارق جميل مدينه منوره مان فون تي وينا ملڪ جي پٽ جي ڪن ۾ اذان ڏني

لاهور (شوبز نيوز) مشهور عالم دveena-malik-gives-birth-to-boy-abram-pictures-and-photosين مولانا طارق جميل مدينه منوره مان فون تي وينا ملڪ جي پٽ جي ڪن ۾ اذان ڏني وينا ملڪ ورجينا جي هڪ اسپتال ۾ پٽ کي جنم ڏنو وينا ملڪ ۽ اسد خٽڪ جي مدينه منوره ۾ موجود مولانا طارق جميل کي موبائيل ٽيليفون تي ان کان آگاهه ڪيو مولانا طارق جميل ٻنهي کي مبارڪباد ڏني ۽ مدينه منوره مان موبائيل فون تي تازو ڄاول ٻار جي ڪن ۾ اذان ڏني مولانا طارق جميل ئي تازي ڄاول ٻار جو نالو ابرار خان رکيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو