تازيون خبرون

Daily Archives: September 23, 2014

پوري قوم دهشتگردي خلاف پاڪ فوج سان گڏ آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) ميان محمد نواز شريف پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ پنهنجي آخري انجام تائين جاري رهندي، دهشتگردي ختم ڪري ساهه پٽينداسين. اڱاري تي فورسز جي قافلي تي ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي وزيراعظم چيو ته ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ذيان تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. وزير اعظم چيو ته دهشتگردن کي ڪيفرڪردار تي پهچائينداسين، دهشتگردي جي ڪارروائين سان قوم جو عزم ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، پوري قوم دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، قوم دهشتگرن جي مقصدن کي ناڪام بڻائيندي.

 

گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي تي اتفاق ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن شام جو سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ جاري صورتحال، ترقياتي معاملن، امن امان قائم رکڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي کنيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر ۽ وڏي وزير صوبي ۾ سڀني طبقن ۾ ڀائيچاري کي زور وٺائڻ،گڏيل حڪمت عملي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن امن امان جي قيام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، پيشيور ڏوهاري عناصر خلاف بنافرق ۽ دٻاءُ جي ڪاررواي ۽ ڪيسن کي تيزيءَ سان حل ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو.  ٻنهي اڳواڻن عيدالاضحيٰ کان اڳ ۽ ان بعد صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ فعال ۽ انٽيليجنس رابطن کي اثرائتو رکڻ تي زور ڀريندي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته حساس هنڌن تي نگراني وارين ڪيميرائن وسيلي نگراني ۽ گشت ۾ اضافو ڪري امن امان کي يقيني بڻايو وڃي. گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ واپاري ۽ سماجي سرگرمين جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ترقياتي رٿائن کي مقرر وقت تي مڪمل ۽ عوام کي سفري سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائي وڃي شهر ۾ صفائي مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شاهراهن جي آسپاس قائم حددخليون ختم ڪري ڪراچي شهر جي خوبصورتي کي وڌيڪ نکاريو وڃي. هنن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان جو قيام، روزگار جي وسيع موقعن جي فراهمي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي. حڪومت پنهنجي محدود وسيلن ۾ رهندي عوام کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪندي ان ڏس ۾ سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هنن چيو ته  ڪراچي ۾ فرقيواراڻي سازش کي عالم سڳورن جي سهڪار سان ناڪام بڻائينداسين. هنن چيو ته ميڊيا عوام ۾ شعور بيدار ڪيو آهي، هاڻ ڪنهن به سازش کي عوام آساني سان سمجهي وڃي ٿو، عوام کي پنهنجي آسپاس موجود هر شخص تي ڪرڙي نظر رکڻي پوندي ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي يا فرد جي موجودگي جو اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنو وڃي ته جئين انهن عنصرن کي چٿيو وڃي.

 

دهشتگرد آئين ۽ قانون کي نٿا مڃن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل حملي دوران مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان همدردي ڪندي چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي رهيا آهن، دهشتگرد ڪنهن آئين ۽ قانون کي نٿا مڃن. وفاقي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اتروزيرستان ۾ پاڪ فوج جو آپريشن جاري آهي، دهشتگرد پنهنجي انجام تي پهچندا. هن چيو ته حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي ذيان تي افسوس آهي، حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون.

 

پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي

راولپنڊي (آءِم.ڊ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پوري ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اڱاري ڏينهن اهو عزم جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين راشد محمود جي سربراهي ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ٽنهي پاڪ فوج جي سربراهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا، پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئر مارشل طاهر رفيق بٽ، دفاع سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ عسڪري حڪام شرڪئي. اجلاس ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻا معاملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ويچاريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن آپريشن ضرب عضب ۾ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ سهڪار ۽ پاڪ فوج طرفان آپريشن ضرب عضب ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪيون ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو ويو. اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۽ ايندڙ چئلينجن سان منهن ڏيڻ متعلق پاڪ فوج جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال متعلق معاملا به بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪ فوج تمام وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ سٽيلن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ هن ملڪ مان اسٽي آرڊر واري ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي. صفائي ۽ قبضن جي خاتمي واري مهيني دوران صفائي سان گڏوگڏ عام ڀلائي واري پلاٽن ۽ خاص ڪري عوامي پارڪن تي غير قانوني قبضن ۽ اڏاوتن کي ڪنهن به صورت  قائم رهڻ نه ڏينداسين. غير قانوني طور تي قبضي واري جاين تي اڏاوت جي اجازت ڏيندڙ آفيسرن کي نه فقط معطل ڪيو ويندو پر انهن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. عوام ۽ ميڊيا ان مهم ۾ اسان جو ساٿ ڏين ۽ قبضو ڪندڙن خلاف ان مهم جو حصو بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري واري ڏينهن ڪراچي جي علائقي شهيد ملت روڊ تي ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ جلال الدين افغاني پارڪ تي قائم غير قانوني فٽنس سينٽر ۽ پارڪ جي ٻئي حصي ۾ ڪنٽين جي نالي تي هلندڙ شيشا پارلر کي ڊاهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير اوچتو پارڪ تي پهچي ڪي ايم سي جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي ڳري مشينري جي مدد سان غير قانوني طور تي قائم فٽنيس سينٽر جي  ڀت کي ڪيرايو جڏهن ته پارڪ اندر قائم شيشا پارلر ۽ اتي موجود شيشو استعمال ٿيندڙن  سامان کي ٻاهر ڪڍي ٽوڙي ڇڏيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سان سنڌ اسيمبلي جا ميمبر نواب تيمور ٽالپور ۽ فياض بٽ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، سنيئر ڊائريڪٽر ڪي ايم سي مسعود عالم، اينٽي انڪروچمينٽ ڊائريڪٽر بلال منظر ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير پارڪ جي ڀر پاسي قائم ناجائز دڪانن ۽ پٿارن کي به پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو جڏهن ته شيشو هلائيندڙ جي وڪيل پاران موقعي تي پيش ڪيل اسٽي آرڊر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ اسيمبلي شيشي جو ڪاروبار غير قانوني قرار ڏنو آهي جڏهن ته پارڪ اندر قائم ڪيل ڪينٽين ۾ شيشو هلائڻ ڪنهن به صورت قانوني ناهي. ان موقعي تي فٽنيس سينٽر جي مالڪ پاران به اجازت نامون ڏيکاريو ويو جيڪو جعلي ثابت ٿيو ، جنهن تي ان جعلي اجازت نامي جاري ڪندڙ ڪي ايم سي عملدار کي صوبائي وزير فوري طور تي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته عدالتن پاران غير قانوني ڪمن تي اسٽي آرڊر جي ڪري سنڌ حڪومت خاص ڪري بلديات کاتو سخت ڏکاين کي منهن ڏئي رهيو آهي . هن چيو ته هاڻ اهڙي قسم جي غير قانوني اسٽي آرڊرن جو ملڪ مان خاتمو ٿيڻ گھرجي ۽ مهنجي معزز عدالتن کي گذارش آهي ته غير قانوني ڪمن تي اسٽي آرڊر ڏيڻ بند ڪن. هن چيو ته ماضي ۾ به پارڪن ۽ رفاحي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا پر هاڻ اسان ان سلسلي کي ڪنهن به صورت هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پارڪ عوامي تفريح جو واحد مرڪز آهن ۽ پارڪن تي قبضا عوام کي تفريح کان محروم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي پاران 22 سيپٽمبر کان شروع ڪيل صفائي ۽ قبضن واري خاتمي واري مهم ۾ روزانا جي بنياد تي پوري صوبي ۾ ڀرپور ڪارروائيون ڪيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ ميڊيا ۽ عوام کي اپيل ٿي ڪجي  ته هو اسان جو ڀرپور ساٿ ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي جو باقي رهيل حصو وفاقي حڪومت پاران  حصي جي رقم اچڻ بعد پورو ڪيو ويندو. هن چيو ته مان ذاتي طور قبضي وارن کي معاوضو ڏيڻ جي خلاف آهيان پر افسوس ته لياري ايڪسپريس وي جي 75 سيڪڙو قبضي وارن کي جيڪڏهن معاضو ڏنو ويو آهي ته باقي 25 سيڪڙو کي به ڏيڻ گھرجي. هن چيو ته قبضا ڪندڙ کي هاڻ ڪنهن به قسم جو معاوضو ڏيڻ جو به خاتمو ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مان ميڊيا ذريعي سڀني غير قانوني طور تي سرڪاري زمينن، رفاحي پلاٽن ۽ پارڪس تي قائم شادي هالن ، فٽنيس سينٽرن سميت ڪنهن به قسم جي قبضي ڪندڙن کي خبردار ڪريان ٿو ته هو پنهنجي سر پاڻ قبضا ختم ڪن ٻي صورت  ۾ انهن خلاف ڪارروائي کي ڪو به روڪي نه سگھندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته صفائي ۽ قبضن جي خاتمي لاءِ خصوصي سيل سيڪريٽري بلديات ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي فون ۽ فيڪس نمبر ۽ اي ميل ايدريس سمورين ننڍين ۽ وڏين اخبارن ۾ شايع ڪيا ويا آهن . هاڻ عوام کي اپيل آهي ته هو ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۽ قبضن جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۽ شڪايتي سيل تي شڪايتون درج ڪرائين ۽ جيڪڏهن ان تي ڪارروائي نه ٿي ته اتان جي لاڳاپيل آفيسر کي معطل ڪيو ويندو.

 

اليڪشن ڪميشن جو انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو

اسلام آ باد (بيورو) اليڪشن ڪميشن جو انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو، اثاثن جي تفصيل تي غلط بياني تي ۳ سال قيد جي سزا، رٽرننگ آ فيسر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت هوندا، اليڪشن ڪميشن انتخابي قانونن ۾ ترميمن جو مسودو انتخابي سڌاري ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو ڪندي تجويزن جو مسودو انتخابي سڌاري واري ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. مسودي جي متن ۾ چيو ويو ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان صدر پاڻ نه ڪري سگهندو، چونڊن جي تاريخ جو  اعلان اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان ڪيو ويندو، رٽرننگ آ فيسر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت هوندا، پولنگ مان 90 ڏينهن پهريان ووٽ جي منتقلي تي پابندي هوندي. قومي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ انتخابي خرچ جي حد 60 لک رپيا هوندي. صوبائي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ انتخابي خرچ جي حد 40 لک رپيا هوندي. اثاثن جي تفصيل تي غلط بياني تي ۳ سال قيد جي سزا ٻڌائي ويندي، اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت 60 ڏينهن لاءِ معطل ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن کي اثاثن جي تفصيل جي جاچ پڙتال جو اختيار هوندو.

 

ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي: اليڪشن ڪميشن لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آ باد (بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق رپورٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو آ هي ته عام چونڊن جي رپورٽ چونڊ سڌاري ڪميٽي کي ڏني وئي، اها ڌانڌلي نه بي ضابطگي چئي سگهجي ٿو، ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي، ماهر ۽ تجربيڪار مثبت انداز ۾ پيش ڪن، ڌانڌلي الزامن بدران انتخابي سڌاري تي ڌيان ڏين، ويب سائيٽ تي پيل رپورٽ سان اسان جو ڪو تعلق ناهي. جاري بيان ۾ اليڪشن ڪميشن ترجمان وڌيڪ چيو آ هي ته ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي، ويب سائيٽ تي پيل رپورٽ سان اسان جو ڪو تعلق نه آ هي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام غلط آ هي، عام چونڊن ۾ ٿيل غلطين کي بي ضابطگي چئي سگهجي ٿو، ڌانڌلي نه. هن چيو ته ويب سائيٽ تي موجودهه رپورٽ عالمي ۽ ملڪي مبصرن جي سفارشن تي ٻڌل آ هي، رپورٽ جاري ڪرڻ جو مقصد عام چونڊن ۾ سامهون آ يل مسئلن جي نشاندهي آ هي، عام چونڊن متعلق حقيقت نامو 29 سيپٽمبر تي پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

سلمان خان هر ڪنهن جي مدد ڪندو آهي: ڪترينا ڪيف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره6943bdb8e36d32f0d69bcf411b42aa7d_1024 ڪترينا ڪيف چيو آهي ته سلمان خان هر ڪنهن جي مدد ڪندو آهي. ميڊيا جي ذريعن موجب ڪترينا ڪيف جيڪا اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم ”بينگ بينگ“ جي مشهوريءَ ۾ مصروف آهي، پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته سلمان خان هڪ سٺو اداڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو انسان پڻ آهي، جيڪو هر ڪنهن جي مصيبت ۾ مدد ڪندو آهي. واضح رهي ته ڪترينا ڪيف فلم ”بينگ بينگ“ ۾ رتڪ روشن سان گڏ نظر ايندي. جيڪا 12 آڪٽوبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي.

 

سونم ڪپور نئين فلم ۾ شهزادي جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي (شو120361727sonamkapoorبز نيوز) اداڪاره سونم ڪپور نئين فلم ۾ شهزادي جو ڪردار ادا ڪندي. بالي ووڊ جي مشهور فلم ”دي پرنس ڊائري“ جو هندي ريميڪ ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ سونم ڪپور کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هالي ووڊ فلم ۾ شهزادي جو ڪردار اداڪاره اين هيٿ وي ادا ڪيو هو.

 

زيبا بختيار جي فلم ”آپريشن 021“ جي نمائش قرباني واري عيد تي ٿيندي

لاهور(شوبز نيوز) فلم اسٽار زيبا بختيار جي ذاتي فلم ”آپzeb0aريشن 021“ جي نمائش قرباني واري عيد تي ٿيندي. ان سلسلي ۾ فلم جي ايڊيٽنگ، ڊبنگ ۽ سنسر پرنٽ ڪڍڻ جون تياريونتيزيءَ سان جاري آهن. فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار شان ادا ڪيو آهي.ان فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ فلمي حلقن جي اڪثريت پراُميد آهي.