سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻي وڏن وزيرن مراد علي شاهه ۽ قائم علي شاهه خلاف نيب انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو. نيب راولپنڊي طرفان جعلي اڪائونٽس ڪيس، دادو ۽ ٺٽو شگر ملز جي وڪري وارن معاملن تي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نيب چيئرمين جاويد اقبال سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مراد علي شاهه ۽ قائم علي شاهه انهن ڪيسن ۾ پنهنجا بيان نيب کي رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن ۽ اومني گروپ جي سمورن عهديدارن کان به نيب جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.