تازيون خبرون
بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جون مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون، حڪومت مخالف تحريڪ تي اتفاق - آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف پ پ جو اسپيڪر آفيسر ٻاهران ڌرڻو - بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت ۾ سمورا بيڪار ماڻهو ويٺا آهن: سُپريم ڪورٽ - بلٽ پروف گاڏين جو ڪيس انڪوائري مان انويسٽيگيشن ۾ تبديل - هاڻوڪي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن سبب دنيا پاڪستان کي انتهائي اهم ملڪ جي حيثيت سان ڏسي رهي آهي: عمران خان - شهباز شريف جي خاندان جي مبينا فرنٽ مين مشتاق چيني شريف خاندان لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪري ورتو - وزيراعظم جي خطاب ۾ خلل منهنجي ناڪامي آهي، مخالف ڌر بجيٽ تي سياست ڪري آئين جو رستو پئي روڪي: فردوس عاشق - حڪومتن جي ناقص پاليسي ۽ مبينه ڪرپشن ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو، 100 بجاءِ رڳو 58 ڪروڙ گيلن پاڻي ميسر - ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، اورنگي ٽائون ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد - پاڪستان ۾ رڳو 48 سيڪڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيئارين ٿيون: وفاقي سرڪار جي سهڪار سان ٿيل سروي ۾ انڪشاف

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ، پاڪستان، ڀارت کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا کي به ٽانڊا ڏئي ڇڏيا

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ، پاڪستان، ڀارت کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا کي به ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن. ٻي ون ڊي ميچ ۾ بنگالين پروٽيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چيمپئنز ليگ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي. بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جو ٻيو ميچ ڍاڪا جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويو. ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي صرف 162 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا پاران ڊُپليسس سڀ کان وڌيڪ 41 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بيهر ڊين 36 ۽ هاشم آملا 22 رنسن سان نمايان رهيا. بنگلاديش پاران ناصر حسين ۽ مشفق الرحمان 3_3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته روبيل حسين 2 ۽ محمد الله ۽ مشرفي مرتضيٰ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 163 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم 167 رنسون ٺاهي گھربل ٽارگيٽ صرف 27 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو. بنگلاديش جي بيٽسمين سوميا سرڪار 88 ۽ محمد الله 50  رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ناصر حسين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. بنگلاديش ميچ کٽي ون ڊي سيريز هڪ هڪ ميچ تان برابر ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهريون ون ڊي ميچ کٽي ورتو هو. سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ هاڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. جيڪا به ٽيم ميچ کٽيندي اها سيريز به کٽي ويندي. هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي بنگلاديش جي ٽيم چيمپئنز ليگ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي. جڏهن ته بنگالين جي فتح سان پاڪستان جي چيمپئنز ليگ ۾ شرڪت وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي. بنگلاديش جي ٽيم جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي پاڪستان کي چيمپئنز ليگ ۾ اٺين ٽيم طور شامل ٿيڻ جو موقعو هوندو ان لاءِ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ مقابلو آهي. ايندڙ ميچن ۾ ان جو نتيجو نڪرندو ته چيمپئنز ٽرافي ۾ اٺين ٽيم پاڪستان جي هوندي يا ويسٽ انڊيز جي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *