تازيون خبرون

پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي: ورلڊ بئنڪ

ڪراچي (م.ڊ) ورلڊ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جو عرصو مڪمل ٿيڻ باوجود ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، نشاندهي ڪيل ڪمزوريون ختم ڪري 2047ع تائين صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي چيو ويو

ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارن تي موت جو رقص جاري، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارن تي موت جو رقص جاري آهي،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا،مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا آھن،جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 53 ۽ هلندڙ سال 389 ٿي

ٽائيگر گهڻو آرام سان هلڻ وارو ماڻهو آهي: ڊيشا پٽاني

ممبئي (شوبز نيوز) ڊيشا پٽاني ۽ ٽائيگر شروف باليووڊ انڊسٽري سڀ کان وڌيڪ خبرن ۾ رهندڙ جوڙين مان هڪ آهن، ٻئي اداڪار پنهنجي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36 لاڳاپن بابت گهڻي عرصي تائين نه ڳالهائڻ کانپوءِ هاڻ آهستي آهستي ان بابت وضاحت ڪندي نظر اچي رهيا آهن. ڊيشاتازي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ٽائيگر گهڻو

ايشان کٽر فلم“ ڌڙڪ” ۾ جوهر ڏيکارينديو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار ايشان کٽر ۽ جهانوي ڪپور پهريون ڀيرو باليووڊ فلم “ڌڙڪ” ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر آيا هئا، اها جهانوي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 41 ڪپور جي پهرين ۽ ايشان کٽر جي ٻي فلم هئي، ٻنهي نه رڳو پردي تي ڪمال جي ڪيمسٽري ڏيکاري پري حقيقي زندگي ۾ به هو

حارث سهيل ون ڊي ڪرڪيٽ جو رانديگر ئي ناهي: عبدالرزاق

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق حارث سهيل جي ٽيم ۾ سليڪشن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته حارث سهيل جي جڳهه تي ٽيم ۾ شعيب ملڪ کي کيڏايو وڃي. هن چيو ته حارث سهيل ون ڊي ڪرڪيٽ جو رانديگر ئي ناهي مون کي خبر نٿي پوي ته

خبردار آئون ميڊيم نه پر فاسٽ بالر آهيان: آندر رسل

ناٽنگهم ( اسپورٽس نيوز ) عالمي ڪپ 2019ع ۾ ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ بهترين اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽرينٽ/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01 برج ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان هارايو هيو جنهن ۾ ويسٽ انڊين بالر آندر رسل شروعات ۾ ئي ٻه وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾

معيشت لاءِ گڏ ويهڻ جي آڇ، حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل پئي ڪري: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪپتان جي حڪومت نيب جي چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي موجوده حڪومت کي ڪڍڻ جي لاءِ سياسي طاقتن کي آگاهه ڪرڻو پوندو سياسي طاقتون نه اينديون ته ٻيو ڪوئي ايندو. اسان جيل وڃي

حيدرآباد لڳ ٻه ٽرينون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، 3 فوت، ڪيترائي زخمي، انگ وڌڻ جو خدشو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي ڀرسان مڪي شاهه ڦاٽڪ وٽ 2 ريل گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. حيدرآباد اسٽيشن جي سپريٽنڊنٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس پنهنجي ئي پٽڙي تي پهرين کان بيٺل

ملڪ جو پوليس نظام ناڪام قرار، سنڌ سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ مڪمل طور تي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ بجيٽ جو هڪ پئسو به صوبي ۾ خرچ نه ٿيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي برو حال ڪري ڇڏيو

اسد عمر کنڊ تي ٽيڪس جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڀاڻ تي 400 روپيا گهٽائڻ جو طالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي خزاني واري وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر واهپي واري شين جي قيمتن تي لڳل ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ پينشن 10 کان 15 سيڪڙو جو وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي (ن) ليگ جي حڪومت معيشت جي مهلڪ بيماري ڇڏي ويئي