تازيون خبرون
ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل - ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري - پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو - پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ - مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان - اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري - عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه - مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد - سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي - مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

27 ڊسمبر کانپوءِ سياسي ماحول گرمائي ڇڏبو، نواز شريف وڃڻ جي تياري ڪري: پيپلزپارٽي

ڪراچي(م.ڊ) صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي پيپلزپارٽي اصلي شينهن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، هي ته نقلي شينهن آهن. نواز شريف ملڪ ۾ واپس پيپلزپارٽي جي ڪري آيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 23 ڊسمبر جي منجھند تي ڪراچي ايئرپورٽ پهچندو، جتي پارٽي پاران سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي. اسين 27 ڊسمبر کانپوءِ قيادت جي اڳواڻي ۾ تحريڪ هلائي سياسي ماحول گرمائي ڇڏينداسين. هن چيو تهجيڪي ماڻهو چون ٿا ته پ پ ختم ٿيڻ جي ويجھي آهي تحريڪ دوران پ پ جي جيالن جو ميڙ گڏ ڪري انهن ڳالهين کي رد ڪري ڇڏينداسين. نثار کهڙي وزير اعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته هاڻي نواز شريف وڃڻ جي تياري ڪري وٺي، سندس حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، نواز شريف کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته پ پ جي ڪري ئي هو ڏيهه واپس آيو، سندس ڏيهه واپسي اسان جي پارٽي جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته آصف زرداري نواز شريف جيان آمر سان معاهدو ڪري ملڪ مان ٻاهر ناهي ويو. هو 23 ڊسمبر تي عزت واري طريقي سان واپس اچي ويندو. 37

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *