تازيون خبرون

1965ع جي شهيدن کي خراج تحسين پيش، ملڪ جو دفاع پنهنجي رت سان ڪنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي/اسلام آباد/ڪراچي/لاهور(م.ڊ) سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،  1965ع واري جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ غازين کي سلام پيش ڪيو ويو، 1965ع جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خاص تقريبون منعقد ڪري وطن جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو،  پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ يوم دفاع ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر طرف پاڪستان زنده آباد جي نعرن جي گونج، 1965ع واري جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ خاص تقريبون منعقد ڪيون ويون.. تقريبن ۾ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪري وطن جي حفاظت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو، مختلف شهرن ۾ فوجي ڇانوڻين توڙي يونٽن ۾ جنگي سامان جي نمائش به لڳائي وئي، جتي عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڏي انگ ۾ شهري پهتا . ٻئي طرف ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز تبديل ڪيا ويا، ميجر شبير شريف شهيد سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي به حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون،  قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب ٿي، ايئر فورس جي جوانن گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون.. تقريب جو خاص مهمان ايئر وائيس مارشل عمران خالد، ايئر آفيسر پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۽ ٻيا هئا. لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي به گارڊز جي تبديلي واري تقريب ٿي، رينجرز جي جوانن گارڊز طور ذميواريون سنڀالي ورتيون. اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف گهرڀاتين سميت لاهور ۾ نشانِ حيدر ميجر شبير شريف شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته شهيدن جو خون اسان مٿان قرض آهي، جيڪي قومون شهيدن کي وساري ڇڏينديون آهن، اهي اڳتي ناهن وڌي سگهنديون، جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هيو ته تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي حاضرين، شهيدن جي وارثن ۽ غازين جو ٿورائتو آهيان، آرمي چيف چيو ته ياد رکو ته پاڪ فوج دهشتگردن کي ختم ڪري سگهي ٿي پر دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته وطن جو هر فرد ردالفساد جو سپاهي هجي، اسان جي دين ۾ حڪم آهي ته جهاد رياست جي ذميداري آهي ۽ اهو حق رياست وٽ ئي رهڻ گهرجي، اسان کي قومي جهنڊي جي سائي ۽ اڇي رنگ ٻنهي تي فخر آهي، هن چيو ته قومي اتحاد اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي، آرمي چيف چيو ته اسان نه چاهينداسين ته ڪو به رنگ، نسل، زبان ۽ قوميت جي بنياد تي ويڇا وجهي، هن چيو ته اسان جا دشمن ڪو به حربو استعمال ڪن پر اسان هميشه متحد رهنداسين، آرمي چيف چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع پنهنجي رت سان ڪنداسين، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پاڪستاني اها قوم آهن، جن 40 سالن جي بدامني باوجود حالتن کي منهن ڏنو، آرمي چيف چيو ته قومي اتحاد اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي، يقين ڏياريان ٿو ته رت جي حرمت جو مان رکنداسين، ويجهي ماضي ۾ گهڻو نقصان کڻي ورتو، وطن جي بنيادن ۾ لکين شهيدن جو خون شامل آهي، اسان جو دشمن ڄاڻي وٺي ته اسان ڪٽجي مري وٺنداسين پر هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪنداسين، هاڻي دنيا کي چوان ٿو ته ورلڊ ڊو مور، هن چيو ته عالمي طاقتون هٿ مضبوط نه ٿيون ڪري سگهن ته پنهنجي ناڪامين جو ذميدار به نه قرار ڏين، بلوچستان جي غيرت مند عوام تي فخر آهي دهشتگردن، عليحدگي پسندن کي رد ڪري ڇڏيو، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جو سرمايو ۽ امن جي ضمانت آهي، آرمي چيف چيو ته دشمن ڪو به حربو آزمائي وٺن اسان هميشه متحد رهنداسين، هن چيو ته اسان کان وڌيڪ وسيلن وارا ملڪ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي چڪا آهن، اسان جنگ خلاف ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا، لائن آف ڪنٽرول تي هٿين خالي ڪشميرين کي نشانو بڻائڻ جو عمل بند ڪيو وڃي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ ڪردار ادا ناهي ڪيو، پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ تائين جنگ جاري رهندي، عالمي طاقتون جيڪڏهن اسان جو ساٿ نه ٿيون ڏئي سگهن ته اسان تي الزام به نه مڙهين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته الله نه ڪري پاڪستان ناڪام ٿيو ته خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو، پاڪستان ذميدار ملڪ آهي، افغانستان کي پنهنجي بساط کان وڌيڪ سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان دشمن جي تدبيرن تي به نظر رکيون ويٺا آهيون، دشمن بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿو، بلوچستان کي انهيءَ ريت رت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيئن ان جي پٽن ڏنو آهي، اسان جنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف آهيون، ڀارت کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته والاريل ڪشمير جي جدوجهد درانداز جي محتاج ناهي، ڪشميرين جي حمايت کان اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، هن چيو ته آمريڪا کان امداد نه عزت سان گڏ لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، ادارا مضبوط هوندا ته پاڪستان مضبوط ٿيندو، آرمي چيف چيو ته ايندڙ نسلن جو اسان تي قرض آهي ته اسان انهن کي دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏيون، اسان امداد نه عزت ۽ اعتماد چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت جو سرچشمو اسان جا نوجوان آهن، فوج قوم جي سهڪار ۽ حمايت کانسواءِ ڪجهه به ناهي، هن چيو ته قوم جو سهڪار ۽ مدد رهي ته تمام جلد دهشتگردي کي پاڙئون پٽي اڇلائينداسين، يقين رکو پاڪ فوج هر مشڪل وقت ۾ اوهان سان گڏ آهي.هوڏانهن صدر ۽ وزيراعظم 1965 واري جنگ ۾ ملڪ لاءِ جان ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 6 سيپٽمبر يادگار ڏينهن آهي، پاڪستانين بي مثال قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو، ملڪ جي دفاع لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو ويندو… صدر ممنون حسين يوم دفاع تي پنهنجي پيغام چيو آهي ته 6 سيپٽمبر يادگار ڏينهن آهي، پاڪستانين بي مثال قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان هڪ بهادر قوم آهي، جيڪا پنهنجي ملڪ لاءِ قربانيون ڏيڻ ڄاڻي ٿي، 65 واري جنگ ان جو ثبوت آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دشمن ڄاڻن ٿا ته پاڪستان کي کليل جارحيت جو نشانو نٿو بڻائي سگهجي، اسان جي معيشت جو شمار دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ ٿي رهيو آهي، آپريشن ضرب عضب، رد الفساد ۽ خيبر 4 دشمنن جي چيلهه ٽوڙي. يوم دفاعِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته بهادري ۽ استقلال جو جذبو قومن کي ڪامياب ڪندو آهي، پاڪستاني قوم ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ اڄ جو پاڪستان 1965ع جي ڀيٽ ۾ گهڻو مضبوط آهي، وزير اعظم چيو ته اڄ اسان هڪ ايٽمي قوت آهيون ۽ اسان جون فوجون پهرين کان وڌيڪ تربيت يافته ۽ چوڪس آهن، قوم جي جذبي حب الوطني ۾ اڄ تائين ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي نئين نسل وڌيڪ پرجوش آهي، فوجون ۽ عوام ۾ وحدت فڪر عمل آهي ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ1965 واري جذبي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم سان دشمن جو مقابلو ڪيو، دشمن مذهب، رنگ نسل يا علائقي سڃاڻپ جي نالي تي اسان جي وحدت کي نقصان پهچايو.اڄ جو پاڪستان 1965 جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط آهي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن عزم وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، اندرين ۽ ٻاهرين خطرن خلاف وڌيڪ متحد ٿيڻو پوندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪي سلامي ۽ دفاع لاءِ پاڪ فوج ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪري ملڪ ۾ امن قائم ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *