تازيون خبرون
بي نامي ملڪيتون ضبط ڪري غريب کي ڏينداسين، ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو: وزير اعظم - دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف - ڳالهين لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر نواز شريف ۽ مان تيار ناهيون: مريم نواز - سينيٽ چيئرمين خلاف رٿ، مخالف ڌر طرفان 60 سينيٽرن جي حمايت جي دعويٰ - عمران خان ۽ ملالا يوسفزئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا شخصيتن ۾ شامل - انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن: فردوس عاشق - فردوس شميم ادارن جو ترجمان نه بڻجي، وعدي موجب نرسن جي مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ وهاب - شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي: عباسي - پرامن ڪارڪنن جون گرفتاريون عمران نيازي جي خوف ۾ مبتلا هجڻ جي علامت آهي: شهباز شريف

ڳڙهي ياسين لڳ هيانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 6 ڀاتي فوت، 4 ڄڻا زخمي

شڪارپور(ڊ.ر) شڪارپور لڳ ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد سون واھ وٽ ڳڙهي ياسين کان رتوديرو ويندڙ ڪار، رتوديرو کان ايندڙ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ڊرائيور عبدالمجيد ڀٽو، ذيشان راجپوت، مسمات انا، معصوم ٻارڙيون حرا، ردا ۽ عائشا موقعي تي ئي فوت ٿي ويون. جڏهن ته ڪار ۾ سوار معصوم ٻارڙي زينب زخمي ٿي پئي. جڏهن ته خوفناڪ ٽڪر کان بعد ٽرالر هوٽل تي چڙهي وئي. جنهن جي ڪري هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب مظفر علي اوڍو، گل اوڍو، عبدالفتاح ڪيهر سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي لاڙڪانا اسپتال داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته واقعي بعد ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٻي طرف فوتين ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 فرد شامل آهن، جنهن ۾ ذيشان راجپوت، مسمات انا، معصوم ٻارڙيون حرا، ردا ۽ عائشا شامل آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ذيشان راجپوت پنهنجي گهر ڳڙهي ياسين کان رتوديرو پنهنجي مائٽن ڏي ڪار ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو، ٻي طرف واقعي علائقي ۾ سوڳ جو ماحول ڇائنجي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *