تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

گهوٽڪي ۾ ديوار ڪرڻ ۽ ڄامشورو ۾ روڊ حادثي سبب 3 پورهيتن سميت 5 ڄڻا فوت، 6 ڄڻا زخمي

ڄامشورو/گهوٽڪي(م.ڊ) گهوٽڪي باءِ پاس لڳ هڪ رائيس مل ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان اوچتو ديوار ڪري ڊهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڌڪوٽ واسي 30 ورهين جو مينگل پٽ عبدالجبار کوسو ۽ شڪيل احمد پٽ فقير محمد چاچڙ ڳوٺ صيفل چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته وقار پٽ خان محمد چاچڙ،صدورو عرف محمد سليمان پٽ پهلوان چاچڙ ۽ گوهر پٽ بهادر پهوڙ ڪارو گهٽ واسي سخت زخمي ٿي پيا آهن، اطلاع تي گهوٽڪي جي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سرڪاري اسپتال پهچايو. ٻي طرف ڄامشورو: مانجهند ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو چنگچي کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي، تفصيل مطابق مانجهند ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪوچ سامهون ايندڙ چنگچي مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار نوجوان غلام نبي کوسو ۽ مسمات گڏي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال نيو ويو. جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *