تازيون خبرون

گذريل ٻن چئن سالن دوران عدالتي نظام جي بهتريءَ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو: چيف جسٽس سجاد علي شاهه

سکر (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته گذريل ٻن چئن سالن دوران عدالتي نظام جي بهتريءَ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ۽ شفافيت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اِهو ئي سبب آهي جو 30 ججن کي ڪرپشن الزامن هيٺ نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو ۽ هاڻي 22 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جي خالي پوسٽن لاءِ ٿيل انٽرويوز ۾ وڪيلن مان رُڳو 10 جج چونڊجي سگهيا آهن، گنجائش وڌيڪ هوندي به اسان ميرٽ تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ۽ اهو طئي ڪيو ته جايون ڀلي خالي رهن پر نااهل ماڻهو ناهن وٺڻا. خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ 32.361 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيل جڊيشل ڪامپليڪس ۽ تعلقه بار لائبريريءَ جي افتتاح کانپوءِ بار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جج بار مان ئي ايندا آهن، بار مضبوط ۽ ان جا نمائندا لائق هوندا ته ججن جو معيار پاڻ ئي بهتر ٿي ويندو. هن چيو ته وڪالت جو پيشو انتهائي معزز تسليم ڪيو ويندو آهي ۽ اهي قانون جا رکوالا آهن، قانون جي رکوالن کي سڀ کان وڌيڪ قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ سان گڏوگڏ شروعاتي پنجن سالن ۾ بار کان وڌيڪ لائبررين کي آباد رکڻو آهي، جنهن سان نوجوان پنهنجي ۽ ملڪ جي بهتريءَ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته گذريل ڀيري ٿيل جڊيشل مئجسٽريٽس جي مقرريءَ ۾ خيرپور ضلعو سرفهرست رهيو، پر محنت ۽ تعليم جي ڪا حد ناهي جيتري تعليم ۽ محنت هجي اها هميشه گهٽ ئي محسوس ٿيندي آهي اسان ٻيهر جڊيشل مئجسٽريٽس جي مقرريءَ جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته هن ڀيري به خيرپور ضلعو نمايان رهندو. هن چيو ته ڪرپشن اها نه آهي ته جج پئسا نه وٺي ۽ وڪيل پنهنجي اسيل کي وڪڻي نه ڇڏي، اصل ايمانداري ۽ محنت اها آهي ته جج الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي پوري محنت ۽ ايمانداري سان وڌ کان وڌ ڪيسن جا فيصلا ڪري ۽ وڪيل پوري محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجي اصيل جو ڪيس عدالت ۾ پيش ڪري. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان عدالتي نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون ۽ 30 ججن کي ڪرپشن الزامن هيٺ نوڪرين مان فارغ ڪيو، جڏهن ته بنيادي ڍانچي جي مضبوطي ۽ عدالتن جي عمارتن تي خاص ڌيان ڏنو ۽ اسان بيشمار ججن جي مقرري ڪئي، پر ايترين مقررين باوجود ميڊيا ۾ تاثر اچي رهيو آهي ته موجوده جڊيشل سسٽم عوام جي اميدن تي پورو نه ٿو لهي، اهو لمحه فڪريه نه رُڳو ججن پر وڪيلن لاءِ پڻ آهي، منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ حل اهو آهي ته بار وڌيڪ محنت ڪري، ڇاڪاڻ ته جج ان ئي بار مان ايندا آهن. ٻيو حل اهو آهي ته جج وڌيڪ محنت ڪن ۽ اهو نه سمجهن ته اسين بس جج جي ڪرسيءَ تي اچي ويا آهيون ۽ ترقي ٿيندي رهندي ۽ اسانکي وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ ۽ محنت جو ڪو فائدو ناهي. آئون ٻڌائڻ ٿو گهران ته اسان قانون ۾ تبديلي آڻيندي ترقيءَ کي لازم قرار ڏنو آهي ته هڪ ڪيڊر مان ٻئي ڪيڊر ۾ ترقيءَ لاءِ ڪنهن به جج کي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي غور ئي نه ڪندي جيسيتائين اُهي ڇهن مهينن جي ٽريننگ ۽ مخصوص امتحان پاس نه ڪن. جسٽس سجاد علي شاهه تعلقه بار ٺري ميرواهه لاءِ ضروري فرنيچر ۽ هڪ لک رپين جا ڪتاب فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هڪ مهيني اندر ٺري ميرواهه ۾ آئڊنٽيفڪيشن برانچ قائم ڪئي ويندي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ فيض گنج ڪورٽ جي عمارت ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جتي به هڪ عدالت هوندي اتي پنهنجي عمارت هوندي. هن چيو ته هن وقت تائين ميرپور ماٿيلو ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقن ۾ ڊائريڪٽ جيورسڊڪشن پاور ڏنا ويا آهن، ٺري ميرواهه ۾ به اهڙا پاور ڏيڻ لاءِ درخواست ملڻ تي سفارش ڪئي ويندي. اِن کان اڳ ٺري ميرواه تعلقه بار جي صدر آفتاب شر آجياڻي خطاب ۾ بار بلڊنگ جي تعمير ۽ ٻين سهولتن جو مطالبو ڪيو ۽ مهمانن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس عبدالرسول ميمڻ، جسٽس صادق حسين ڀٽي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ، جسٽس فهيم احمد صديقي، جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس احمد علي شيخ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور سيد غلام شاهه، رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ غلام مصطفيٰ ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد سليم راجپوت، ايس ايس پي اظفر مهيسر، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لياقت شر، سپريم ڪورٽ بار جو نائب صدر شبير شر، شفقت مهيسر، قربان ملاڻو، نثار ڀنڀرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڪيل برادريءَ پاران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين معزز ججن کي سوکڙيون پڻ ڏنيون ويون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *