تازيون خبرون

ڪڪڙ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار، ۳ ڄڻا قتل، هڪ واٽهڙو سخت زخمي

ڪڪڙ(رپورٽر) ڪڪڙ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پاران گڏهه گاڏي سوارن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ۳ ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ واٽهڙو حملي ۾ زخمي ٿي پيا. جوابدار فائرنگ ڪندي فرار ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ٻورڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪوڙو چانڍيو ۾ پيرل چانڍيو ۽ محمد خان چانڍيو جي ڌرين جي وچ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي. ان سلسلي ۾ پيرل چانڍيو جي ڌر جي ماڻهن جيڪي گڏهه گاڏي تي گاهه ڪرڻ لاءِ زمين تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ۱۷ ورهين جو سجاد چانڍيو، ۱۸ ورهين جو جاويد ۽ ۲۰ ورهين جي قربان چانڍيو سوڌو ۳ ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ واٺهڙو حيدر چانڊيو پڻ حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو مارجي ويل ۳ ڄڻا پيرل چانڊئي جا پوٽا آهن ۽ پاڻ ۾ سوٽ پڦاٽ آهن. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٿيل نوجوان ۴ ڪلاڪن تائين زمين تي پيل رهيا ۽ پوليس هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بيٺل نظر پئي آئي، ۴ ڪلاڪ گذرڻ بعد اي ايس پي ڪي اين شاهه ڊاڪٽر محمد سميع ملڪ جي اڳواڻي ۾ ضلعي دادو جي سمورن ٿاڻن جو پوليس موبائلون ۽ ٻن بختربند گاڏين ذريعي ڳوٺ ڪوڙو چانڍيو پهچي مارجي ويل ۳ ڄڻن جي لاش ۽ زخمي ٿيل نوجوان کي تعلقا اسپتال ريفر ڪيو ويو ۽ فوت ٿيلن جا پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن پيرل چانڍيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ۲۰۰ کان ۳۰۰ ايڪڙ زمين آهي، جنهن تي محمد خان چانڍيو ۽ قربان چانڍيو جي ڌر سان ۵ سال پراڻو تڪرار هلندڙ آهي ۽ هو زوري زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ به اسان جا ۳ ماڻهون قتل ڪيا، جنهن خوف سبب اسين ۲ سال اڳ اسين هتان لڏو کڻي ويا هئاسين ۽ هڪ مهينو اڳ اسين واپس پنهنجي ڳوٺ پهتاسين ته جوابدار ٻيهر اسان کي موتمار ۽ لڏو کڻي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. اسين اهڙو اطلاع ٻورڙي پوليس کي ڏنو پر پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي جوابدارن ٻيهر ڪهري ڪارروائي ڪندي منهنجي ۳ پوٽن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اي ايس پي ڪي اين شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس پاران جوبدارن جي گھرن ۾ سرچ آپريشن ڪري سندن گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو نه ئي وري جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *