تازيون خبرون

ڪوهيڙي سبب گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جو سموريون لائنون ٽرپ، 1750 ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي

اسلام آباد / لا هور / ڪشمور( ويب ڊيسڪ ) ڪوهيڙي سبب گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جون سموريون ٽرانميشن لائنون ٽرپ ڪري ويون آهن ۽ 1750 ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي آهي.  ذريعن موجب ٽرانسميشن لائن ٽرپ ٿيڻ سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد، سکر، رحيم يار خان ۽ جعفر آباد سميت سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ 16 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرانسميشن لائن جي مرمت جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ وڌيڪ ڪجهه ڪلاڪ گهربل آهن.  ٻئي طرف ملڪ جا مختلف علائقا ڪوهيڙي ۽ سموگ جي وڪڙ ۾ آهن جڏهن ته لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ حادثن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب لاهور ايئرپورٽ تي ڪيترين ئي اڏامن جو شيڊول پڻ متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب پرڏيهه مان ايندڙ 4 اڏامون دير جو شڪار ٿيون آهن، جڏهن ته اندروني ملڪ اڏامون به معطل ٿيون آهن.  موٽروي اختيارين ڊرائيورن کي هدايت ڪئي آهي ته گاڏين جي رفتار گهٽ رکي وڃي ۽ فوگ لائٽس جو استعمال ڪيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *