تازيون خبرون
شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار، نيب ۽ نيازي تماشو لڳائي رهيو آهي: ن ليگ - ن ليگ جي خواهش پوري ٿي، شاهد خاقان چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي: فردوس عاشق - ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي: عمران خان - سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي پيون ٿين: مرتضيٰ وهاب - حڪومت گرفتارين ذريعي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري - پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون: مريم نواز جو انٽرويو - ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب فنڊ قائم ڪيو آھي: وڏو وزير - شاهد خاقان کي گرفتاري جي خبر هئي، ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون؛ شيخ رشيد - جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي ٽيم جو ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ - نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين: احسن اقبال/مريم اورنگزيب

ڪوهلي جي ناقص ڪارگردگي تي مداح آپگھات ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي جي گھٽ اسڪور تي آئوٽ ٿيڻ تي دلبرداشته هڪ ڀارتي مداح پاڻ کي باهه ڏئي آپگھات ڪري ورتو. ڪيپ ٽائون ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ويرات ڪوهلي رڳو پنج اسڪور ٺاهي پويلين روانو ٿيو ته مڌيا پرديش جي رهواسي 63 ورهين جي اڳوڻي ريلوي ملازم بابو لال بيروا پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. مقامي پوليس آفيشل هندوستان ٽائمز کي ٻُڌايو ته بابو لال اڳاري جي صبح زخم نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. پوليس آفيشل موجب جمعي تي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ڏسندڙ بابو لال ڪوهلي جي آئوٽ ٿيڻ تي دلبرداشته ٿي پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي. بابو لال جون رڙيون ٻُڌي گھر وارن فوري طور کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، تنهن هوندي مريض زخم نه سهندي فوت ٿي ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *