تازيون خبرون

ڪنهن سان به جنگ ناهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سان به جنگ نه آهي، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سرحدن جي حفاظت ڪنداسين، گذريل 3 سالن دوران ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران سيز فائر جون 945 خلاف ورزيون ٿيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ 46 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 40 ڀارتي فوجي مارجي ويا، سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ 70 هزار 920 کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، سڄي ملڪ ۾ 26 هزارن کان وڌيڪ انٽليجنس آپريشن ۽ ڪومنگ آپريشن سان امن جي صورتحال بهتر ٿي آهي، آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ عارضي طور بي گهر ٿيندڙ اٽڪل 84 سيڪڙو ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي چڪا آهن، اسان کي افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ اسان اهڙي گهڙي ۾ ان سان گڏ آهيون، آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، بلوچستان ۾ امن جي بهتري ٿي آهي ۽ ان صورتحال سان گڏ ترقياتي ڪم به جاري آهن، رينجرز، سنڌ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪراچي جي شهرين جي تعاون سان پنهنجو ڪم جاري رکندا، 15 مارچ کان پاڪستان ۾ مردم شماري ٿي رهي آهي، ان ۾ فوج به ڀرپور مدد ڪندي، 2 لک فوجي حصو وٺندا، حافظ سعيد جي نظربندي جو فيصلو حڪومت جي پاليسي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم کي متحد ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي بيانن کي رد ڪرائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيون ٿيون، ڊان ليڪ معاملي تي انڪوائري ٿي رهي آهي، اڱاري تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ميڊيا جي نمائندن کي آءِ ايس پي آر ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا، بريفنگ جو مقصد توهان کي ملڪ جي سلامتي صورتحال ۽ پاڪستان فوج ان سلسلي ۾ ڪيل آپريشن بابت تازي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، هن چيو ته 2008-09 ۾ دهشتگردن کان ملڪ جو ڪو به حصو محفوظ نه هو، دهشتگرد افغانستان جي سرحد سان جڙيل علائقن ۾ ڪارروايون ڪري رهيا هئا، ان منصوبي تحت اسان دهشتگردن جو بنا فرق خاتمي جو جيڪو عمل 2008 ۾ باجوڙ کان شروع ڪيو هو اهو بعد ۾ مهمد، سوات، ڏکڻ وزيرستان، خيبر، ڪرم، اورڪزئي، کان ٿيندي پنهنجي آخري مرحلي ۾ آپريشن ضرب عضب جي صورت ۾ اتر وزيرستان تائين پهتو، هن چيو ته ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري قرباني گهرندي آهي ۽ سان کي انهن قربانين تي فخر آهي، هن چيو ته قبائلي علائقن جا اهي ڀائر جيڪي آپريشن سبب عارضي طور تي افغانستان هليا ويا هئا اهي حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هن چيو ته ضرب عضب جي ڪاميابي سان پاڪ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، امن جي حوالي سان بلوچستان ۾ بهتري آئي آهي، ايف سي صوبائي ليويز ۽ فوج جي محنت رنگ لاتو آهي، بلوچستان ۾ اٽڪل 3 هزار آپريشن ٿي چڪا آهن، 2016 ۾ امن جي بحالي لاءِ آرمي، ايف سي ۽ پوليس جي 189 جوانن پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪيو، جڏهن ته 376 پاڪستاني شهري شهيد ٿيا، هن چيو ته گذريل 2 سالن ۾ رينجرز جي آپريشن سبب ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، دهشتگردي ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم به جاري آهي، ان سلسلي ۾ رينجرز، پوليس جي گڏيل تعاون سان ڪم جاري رکندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪاميابي ٽنهي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بي مثال تعاون جو نتيجو آهي، هن چيو ته واضح رهي ته اسان جي اها جنگ جاري آهي ۽ اسان کي ان ڪاميابي تي هميشه وارا نتيجا ۽ امن طرف وٺي وڃڻو آهي، هن چيو ته جيستائين عوام اسان سان گڏ آهي اسان ڪنهن به خطري جو ڪاميابي سان مقابلو ڪنداسين، ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اسان ڪنهن سان جنگ نٿا چاهيون ۽ جنگ مسئلي جو حل نه آهي، مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا، هن چيو ته 46 پاڪستان شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ان جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 40 ڀارتي فوجي مارجي چڪا آهن، اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو آهي، ڀارتي آرمي چيف جو ڪولڊ اسٽارٽ ڊاڪٽري بابت تازو بيان اسان جي خدشن جي تصديق ڪئي آهي ان حقيقت سان مڪمل طور تي ڀارت ماضي ۾ انڪاري رهيو آهي، اسان جو موقف هو ڀارت اها صلاحيت حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اراده ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهن ٿا، ڀارتي چيف نه صرف ان صلاحيت جي تصديق ڪئي آهي پر ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري پنهنجا ارادا به ظاهر ڪيا آهن جنهن سان پاڪستان جي ماضي ۾ ڪيل خدشن جي تصديق ٿي آهي، هن چيو ته پاڪ فوج دنيا جي واحد فوج آهي جيڪا محاظن تي ڪاميابي سان قدم اڳتي وڌائي رهي آهي، پاڪستان هنن ڏينهن ۾ بابر ٿري ميزائيل ۽ ابابيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، پاڪستاني فوج ۽ عوام ڀارت جي ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هر طرح جي اڳرائي جو جواب ڏينداسين، افغانستان ۽ پاڪستان ملڪ پاڙيسري آهن، افغانستان جو عوام ۽ فوج به دهشتگردي خلاف ڀرپور جنگ وڙهي آهي، دهشتگردي ملڪ ۽ مذهب کان مٿانهين آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڪجهه قوتن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، پ پ پ جي قيادت وڏي عرصي کان افغانستان ۾ پناهه ورتل آهي، آرمي چيف افغان قيادت سان فون تي ڳالهه ڪري تازن ڌماڪن جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چٽن لفظن ۾ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افعانستان سان گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکي ويندي، آرمي چيف هڪ موثر ٻطرفي سرحد انتظام ۽ انٽيليجنس شيئرنگ جي به تجويز ڏني، اسان کي اميد آهي ته مثبت جواب ڏنو ويندو، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جو هر شهري پنهنجي پنهنجي موقعي جو سپاهي آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ماڻهو بي يقيني  ۽ عدم استحڪام جو تاثر ڏئي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي، ترقي ۽ خوشحالي جهڙن وڏن قومي مقصدن لاءِ متحد رهنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو، هڪ سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته قومي مفاد هر شيءِ تي مقدم آهي، قومي يڪجهتي ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، حافظ سعيد جي نظربندي جي حوالي سان هن چيو ته اهو فيصلو رياستي ادارن جو هو جيڪو قومي مفاد ۾ ڪيو ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تفصيل جاري ڪئي ويندي، هڪ يا 2 ڏينهن انتظار ڪنداسين، هن چيو ته بلا غرض جي گمشدگي سان پاڪ فوج جو ڪو به تعلق نه آهي، اهي پنهنجي گهرن ۾ اچي ويا آهن، انهن جو بيان سڀني جي اڳيان آهي، فوجي عدالتن پنهنجو ڀرپور ڪم ڪيو، مليٽري ڪورٽن بابت فيصلو حڪومت ڪندي، ملڪ ۾ مختلف آپريشن هلي رهيا آهن ۽ آپريشن جي حوالي سان اسٽيٽ جيڪو به فيصلو ڪندي ان حوالي سان ڪيو ويندو، ڪل ڀوشن بابت حڪومت پاڪستان ڀارت سان رابطو ڪيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *