تازيون خبرون

ڪنهن جي وڃڻ سان معاملا بيهندا ناهن، آصف زرداري جي واپسي مخالفن جون ننڊون اڏائي ڇڏيون: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته قائداعظم جي قول موجب ملڪ جي ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي. اها ڳالهه هن اڄ پنهنجي ڪابينا سان گڏ پاڪستان اڏيندڙ قائداعظم محمد علي جناح جي 141هين جنم ڏينهن جي موقعي تي مزار قائد تي گل چڙهائي ۽ فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان اڏيندڙ قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي جدوجهد سان پاڪستان جي آزادي جي موومينٽ کي شروع ڪيو ۽ هن اسان کي پاڪستان ٺاهي ڏنو. اسان سڀني جو فرض آهي ته قائداعظم جي سنهري اصولن تي عمل ڪندي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ۽ عوام جي خدمت ڪيون. اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ قائدعوام جي سنهري اصولن تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪيون پيا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چئن مطالبن کي آڏو رکيو آهي جيڪي جائز آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائينداسين. وڌيڪ چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ضرور ڪامياب ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته فقط هڪ آئي جي سنڌ جو مسئلو ڪونهي ٻيا به معاملا آهن. ڪنهن جي به موڪل تي وڃڻ سان ڪم ۾ خلل ناهي پوندو. هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي دهشتگردي جي ڪيس ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته قانوني طور تي مڪاني ادارن کي اختيارات ڏنا ويا آهن. ڪراچي واسين جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ڪوشش آهي ته ڪراچي ۾ امن برقرار هجي. هن وڌيڪ چيو ته ميئر کي اختيار ڏيڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي. ڪوبه سياسي ڳالهه ڪرڻ گهري ٿو ته هن جو حق آهي. وڏي وزير چيو ته اختيارن جي روئڻ بجائي ڪم ڪري ڏيکارين، اسان گڏ آهيون. وڏي وزير چيو ته چيئرمين آصف علي زرداري ڏيڍ سال کانپوءِ ملڪ واپس آيو آهي ۽ مخالف ڌر سندن اچڻ تي پريشان آهي. هن چيو ته 18هين ترميم اسان جي پارٽي جي شريڪ چيئرمين جي وڏي ڪاميابي آهي. هڪ ۽ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انور مجيد جي معاملي کي قانون موجب ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ بغير وزير خارجه جي هلڻ ڪنهن کي نظر نٿو اچي پر آئي جي سنڌ جو موڪل تي وڃڻ سڀني کي نظر ايندو آهي. وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو صدر رهيو آهي. پارليامينٽ سڀني کان وڏو ادارو آهي. پاناماليڪس جي معاملي کي اهو ئي ڏسي. هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري گذريل سال ئي واپس اچي وڃي ها پر صحت ٺيڪ نه هجڻ سبب نه اچي سگهيو. هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 27 ڊسمبر جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي خطاب ڪندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *