تازيون خبرون

ڪميشن وٽ بيلٽ پيپر ڇپائي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جو طريقيڪار ناهي: ڊي جي اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) 3 1 0 2 ع جي عام چونڊن ۾ مبينا چونڊ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جوڊيشل انڪوائري ڪميشن جي 3 2 هين اجلاس ۾ ڪيترن ئي صوبائي تڪن جي فارم 5 1  جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو، ڊائريڪٽر جنرل اليڪشن ڪميشن شير افگن ڪميشن جي روبرو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اهو صحيح آهي ته سيپٽمبر 2 1 0 2 ع ۾ چونڊن متعلق اي سي پي جون ڪافي گڏجاڻيون ٿيون، سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد وڌيڪ گڏجاڻيون به ٿيون، بيلٽ پيپرز متعلق فهرستون صوبائي اليڪشن ڪمشنر پرنٽنگ پريس موڪلن ٿو. جوڊيشل انڪوائري ڪميشن ۾ اليڪشن ڪميشن ڊي جي شير افگن تي اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف جي وڪيلن جرح ڪئي.وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته شير افگن شاهدن جي جمع ڪرايل فهرست جو آخري شاهد آهي، ڪجهه نون شاهدن کي دستاويزن جي حوالي سان گهرائڻ چاهيان ٿو، شير افگن جوڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ بطور ڊي جي مقرر آهيان، 3 1 0 2 ع ۾ عام چونڊن جي موقعي تي به انهيءَ عهدي تي هيس، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جرح ڪندي سوال ڪيو ته ڇا 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽنگ جي فافن رپورٽ تي جاچ ڪرائي، جنهن تي شيرافگن جواب ڏنو ته رپورٽ ۾ هو ته 9 4  پولنگ اسٽيشنز تي 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ وڌا ويا، رٽرننگ آفيسرن کان فارم 4 1  جو رڪارڊ گهريو ويو، رڪارڊ مان پتو پيو ته انهن اسٽيشنز تي 2 4  کان 7 4  سيڪڙو ٽرن آئوٽ هو، ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي 0 0 1  سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ نه هو، چونڊن لاءِ آفيسرن جي 6  ۽ 7  سيپٽمبر 2 1 0 2 ع واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيس، اپريل 3 1 0 2 ع جي رپورٽ به مان ئي جوڙي هئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزادي شاهد تي جرح ڪندي سوال ڪيو ته ڇا اهو صحيح آهي ته 7 1  ڪروڙ 0 2  لک بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا، ان تي شير افگن جواب ڏنو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنرز مون کان حڪم نه وٺندا هئا، صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان هدايتون وينديون هيون، بيلٽ پيپرز متعلق فهرستون صوبائي اليڪشن ڪمشنرز پرنٽنگ پريس موڪلن ٿا، بيلٽ پيپرز جي انگ جو تعين به صوبائي اليڪشن ڪمشنرز ڪن ٿا، جيڪي دستاويز اچن ٿا، مونکي بطور اي سي پي ڊي جي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن هر رٽرننگ آفيسر کان حتمي نتيجا وٺي ٿو. حفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد بيلٽ پيپرز متعلق به گڏجاڻيون ٿيون، جنهن جي جواب ۾ شير افگن چيو ته ان بابت مونکي معلوم نه آهي، اهو صحيح آهي ته سيپٽمبر 2 1 0 2 ع ۾ چونڊن متعلق اي سي پي جي گڏجاڻي ٿي، سيپٽمبر 2 1 0 2 ع بعد وڌيڪ گڏجاڻيون به ٿيون، آر اوز طرفان فارم 7 1 ، 6 1  ورتا وڃن ٿا. حفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن چونڊن جو ايڪشن پلان تبديل ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ شير افگن چيو ته جي نه، چونڊ پلان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن نتيجا وٺڻ لاءِ سينٽر بنايو وڃي ٿو، ڪميشن وٽ بيلٽ پيپر ڇپائي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جو طريقيڪار ناهي، بيلٽ پيپرز جي انگ جي تصديق ۾ ڪميشن سيڪريٽريٽ جو ڪردار نه آهي، خبر ناهي ته چونڊ فهرستن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن ويچاريو يا نه؟ جوڊيشل ڪميشن ۾ ڊپٽي مينيجر پاڪستان سيڪيورٽي پريس محمد شبير کي بطور شاهد گهرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن درخواست ڏئي ڇڏي، وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اين اي 4 5 1  ۾ 0 3  هزار واڌو بيلٽ پيپرز متعلق جرح ڪرڻي آهي، ان تڪ مان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين هارايو هو، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس (اڄ) اڱاري تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *