تازيون خبرون

ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري “آئي سي سي” ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016ع جي عورتن ۽ مردن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو،B گروپ ۾ شامل پاڪستان ۽ ڀارت شامل جيڪي 19 مارچ تي هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇيندا.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميلو 8 مارچ کان لڳندو جيڪو 3 اپريل تائين ڀارت ۾ جاري رهندو.ايونٽ ۾ 10 ملڪن جون ٽيمون شامل ٿي رهيون آهن.ٽورنامينٽ ۾ مردن جون 35 جڏهن ته عورتن جون 23 ميچون ٿينديون،مردن واري 10 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.فروپ” A“ ۾ سريلنڪا،ڏکڻ آفريڪا،ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ سوڌو ڪواليفائينگ مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ  هڪ ٽيم شامل هوندي.جڏهن ته“B“ گروپ ۾ پاڪستان، ڀارت، نيوزي لينڊ، آسٽريليا ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائنگ ڪندڙٽيم کيڏندي.ورلڊ ٽي ٽوئنٽي  ڪپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪواليفائنگ ڪرڻ لاءِ، بنگلاديش، زمبابوي، اومان، اسڪاٽ لينڊ، هانگ ڪانگ، آرلينڊ، هاليند ۽ افغانستان  ۾ مقابلو ٿيندو.جڏهن ته روايتي مخالف ٽيمون پاڪستان ۽ ڀارت ورلڊ ٽي ٽوئنٽي  ڪپ 2016 ع  ۾ 19 مارچ تي ڪولڪتا جي ميدان تي هڪ ٻئي آمهون سامهون ٿينديون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *