تازيون خبرون

ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پاڪستان لاءِ ناسور بڻيل آهن: اياز لطيف پليجو

چمبڙ/ٽنڊوالهيار (اين اين آءِ) چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪرپشن، انتهاپسندي، ذوالفقار آباد، زراعت جي تباهي خلاف ۽ شفاف آدمشماري لاءِ مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو، انور سومرو، زينت سمون، عارفه راڄپر، ريحانه سمون، انيس دائودپوٽو، نبي بخش لغاري، نور محمد پنهور، ڌڻي بخش کوسو، مصطفيٰ نظاماڻي، انور نوحاڻي، ايوب لنڊ جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن مارچ ڪيو، ڪيريا شاخ پهچڻ تي اياز لطيف پليجي ۽ مارچ تي شهرين، واپارين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن گل نڇاور ڪري شاندار آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ جشن لطيف جو جلسي عام ڪيو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پاڪستان لاءِ ناسور بڻيل آهن. آپريشن ردالفساد سان گڏ آپريشن ردالڪرپشن شروع ڪيو وڃي. ضياءَالحق ۽ پرويز مشرف عالمي طاقتن جي مفادن لاءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کي مضبوط ڪيو، پ پ ۽ مسلم ليگ عوام دشمن آمريتي پاليسين کي جاري رکيو. عالمي طاقتون هندستان ۽ افغانستان ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيون آهن، ڪرپشن جي خاتمي ۽ امن امان لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪيل ڪوششن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، ڪرپٽ حڪمران ۽ دهشتگردن جا سهولتڪار سي پيڪ منصوبي کي ناڪام بنائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته لطيف انقلاب، تبديلي ۽ جدوجهد جو پيغام ڏنو آهي، ڀٽائي، قلندر، شاهه عنايت ۽ سچل جي سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت نه بادشاهي آهي، عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو ڦريندڙ ڪرپٽ بادشاهه حڪمران هيليڪاپٽر تان لهي ريڊ ڪارپيٽ کانسواءِ زمين تي هلڻ لاءِ تيار ناهن، ڪڏهن دبئي ته ڪڏهن آمريڪا ۾ سنڌ جا اجلاس گهرائي فيصلا مڙهيا وڃن ٿا. 9 سالن کان هلندڙ انڌيرنگري جي ڪري سنڌ جو هر کاتو تباهه آهي. نواز شريف سنڌ کي پ پ جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آهي. نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل نه ٿي رهيو آهي. ردالفساد آپريشن هر قسم جي فساد خلاف ڪيو وڃي، آپريشن رڳو افغانين کي پڪڙڻ تائين محدود ڪرڻ بدران هندستانين، برمين، بنگالين سميت سمورا غير قانوني غير ملڪي گرفتار ڪري واپس موڪليا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته تعليمي نصاب تبديل ڪري تعليم مڪمل مفت ڪئي وڃي. سنڌ ۾ 6 هزار کان وڌيڪ بند پيل اسڪول ۽ ڪاليج کولي يونيورسٽي تائين تعليمي ادارن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي رڳو هوٽلن ۽ بازارن ۾ لهي سيلفيون ڪڍائڻ جو اختيار آهي. شهر گندگيءَ جو ڍير ۽ ڪروڙين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن، اسڪولن ۾ تعليم ناهي، اسپتالون موت جو گهر بنيل آهن. هيپاٽائٽس، ايڊز، ڪينسر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند، سارين، ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن جا هٿرادو اگهه گهٽائي آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومرو چيو ته سي پيڪ سان سنڌ ۾ ترقي ٿي سگهي ٿي پر بادشاهتي نظام، ڪرپشن، دهشتگردي، اقرباپروري ۽ انتهاپسندي سي پيڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پ پ حڪمرانن سڀني وڏيرن ۽ مخالفن کي مينيج ڪري ورتو آهي پر قومي عوامي تحريڪ ڪرپشن، انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويهندي ۽ هر ڪارڪن ان جو مقابلو ڪندو. ان موقعي تي زينت سمون، عارفه راڄپر، ريحانه سمون، انيس دائودپوٽو، نبي بخش لغاري، مصطفيٰ نظاماڻي، انور نوحاڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *