تازيون خبرون

ڪراچي ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس: پوليو کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ هر سنڌي جو فرض آهي:مراد علي شاهه

ڪراچي( اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليو سندس حڪومت لاءِ وڏو چئليج بڻجي ويو آهي پر مان ان چئلينج کي قبول ڪيان ٿو ۽ انشاءَالله جلد صوبي مان پوليو جو خاتمو ٿي ويندو. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوليو بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صوبائي پوليو ڪوآرڊينيٽر شهناز وزير علي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، پنجن ئي ڊويزنن جي ڪمشنرن، سي اِي او پي پي ايڇ آءِ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ فياض جتوئي، وفاقي حڪومت، ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ فياض جتوئيءَ ٻڌايو ته 2016ع دوران سڄي پاڪستان ۾ 19 پوليو جا ڪيس سامهون آيا، انهن مان 8 سنڌ، 8 خيبرپختون خواهه، 2 فاٽا ۽ 1 بلوچستان ۾ جڏهن ته پنجاب ۾ ڪوبه ڪيس ظاهر نه ٿيو. سنڌ ۾ سامهون ايندڙ ڪيسن مان 7 ٻهراڙين وارن علائقن ۽ هڪ ڪيس ڪراچي شهر ۾ ظاهر ٿيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2015ع ۾ پوليو جا 54 ڪيس سامهون آيا هئا، جن مان سنڌ ۾ 12، خيبرپختون خواهه ۾ 17، فاٽا ۾ 16، بلوچستان ۾ 7 ۽ پنجاب ۾ 2 ڪيس شامل آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته اها ڳالهه ڏکوئيندڙ آهي ته پنجاب، بلوچستان، فاٽا ۽ خيبرپختون خواهه ۾ ته بهتري ٿي آهي پر سنڌ صوبي جي ڪارڪردگي اطمينان ڏيندڙ نه آهي، ان مان ظاهر ٿئي پيو ته هتي مسئلا آهن جن جو اسان کي تدارڪ ڪرڻو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر ۽ ڊسمبر 2016ع جي آخر ۾ مهم هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ڪراچي جو هدف 2.2 ملين  ٻار مقرر ڪيو ويو هو ۽ صوبي جي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ 6.1 ملين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻا هئا. ڪراچي شهر ۾ 2.2 ملين مان 2.6 سيڪڙو ٻار موجود نه هئا ۽ 1.7 سيڪڙو ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ويو. ان تي وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اها ضلعي انتظاميا جي ذميواري آهي ته اهي سئو سيڪڙو ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي ذميواريءَ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اسان سڀني کي پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان اونرشپ وٺڻي پوندي، نه ته صوبو سدائين پوئتي رهندو ۽ مان ان ڳالهه جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندس. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته ڪي ايم سي جو اسٽاف به پوليو ۽ اي پي آءِ جي صحت جي حوالي سان سرگرمين ۾ سهڪار ڪري. اجلاس ۾ اهو به واضح طور ٻڌايو ويو ته لانڍيءَ جي يوسي 1 ۽ 2، سائيٽ ايريا جي يوسي 9، بلديا جي يوسي 2 هاءِ الرٽ آهن، ان سان گڏوگڏ يوسي 4 گڏاپ ۾ جنت گُل اسپتال غيرفعال آهي، ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هُو ڪي ايم سي انتظاميا سان ڳالهائي ۽ انهن کي هدايت ڪري ته اهي مناسب طريقي سان شرڪت کي يقيني بڻائين نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سجاول اسپتال ۾ ڪوبه ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسر نه آهي ۽ گذريل جمعي واري ڏينهن  ڊي ايڇ اوز مٽياري ۽ ڄامشورو ۾ مقرر ڪيا ويا ۽ ڪجهه ڊي ايڇ اوز رٽائرمينٽ جي ويجهو آهن ۽ گهوٽڪي ۽ قمبر جي آفيسرن وٽ اضافي چارج آهن، ان تي وڏي وزير صوبائي صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو ترجيحي بنيادن تي ضلعي صحت آفيسرن جي خالي آسامين کي ڀري ۽ جيڪي رٽائر ٿيڻ وارا آهن انهن جو به وقت تي متبادل بندوبست ڪيو وڃي ۽ ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسرن کان اضافي چارجز واپس ورتيون وڃن ۽ اتي صحيح آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته رڳو 2200 (ٻه هزار ٻه سئو) آئس لائينڊ ريفريجريٽرز (آءِ ايل آر) آهن ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري پوليو ويڪسين خراب ۽ غيرموئثر ٿي ويندي آهي. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سولر سسٽم تي هلندڙ آءِ ايل آر خريد ڪري. هن چيو ته مان ان ڳالهه جو انتظار نه ٿو ڪري سگهان ته ڊونر ايجنسيون آءِ ايل آر موڪلن ڇاڪاڻ ته پوليو هڪ سنجيده مامرو آهي انڪري اسان کي ڪولنگ سسٽم خريد ڪرڻ گھرجي. وڏي وزير صوبائي صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته اهي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي فعال ڪن ۽ انهن جون خدمتون صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيون وڃن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته اهي احتجاج تي آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي گذريل چئن مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ويون. ان تي وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي پگهارون ڏنيون وڃن. هوڏانهن وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ مان اچي رهيو هو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز پرل ڪانٽينينٽل هوٽل وٽ احتجاج ڪري رهيون هيون. وڏي وزير انهن کي ٻڌايو ته سندن پگهارون جاري ڪيون ويون آهن، ان تي ليڊي هيلٿ ورڪرز مطمئن نه ٿيون ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير انهن مان 9 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هُو اڳ ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پگهارن ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي ۽ سندن باقي رهيل مسئلن، گاڏين جي مرمت، پئٽرول جي فراهمي، پگهارن جي وقت تي ادائگي جا معاملا پڻ حل ڪيا ويندا. هن سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ملاقات ڪري ۽ انهن جا مطالبا ٽن ڏينهن ۾ حل ڪيا وڃن

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *