تازيون خبرون

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ بابا لاڊلا ٻن ساٿين سميت مارجي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻيل لياري گينگ وار جو ڪمانڊر نورمحمد عرف بابا لاڍلا پنهنجي ٻن ساٿين سميت لياري ۾ رينجرز جي مقابلي ۾ مارجي ويو مارجي ويل جوابدار جي قبضِ مان هٿيار ۽ دستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن نورمحمد عرف بابا لاڍلا ٽارگيٽ ڪلنگ قتل گينگ ريپ پوليس ۽ رينجرز تي دستي بم حملن ۾ ملوث هو حڪومت ان جي مرڻ جي قيمت 25 لک مقرر ڪئي هئي پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق بابا لاڍلا کي گردن سيني پيٽ ۽ ٽنگن تي 6 گوليون لڳل آهن پاڪستان رينجرز سنڌ پاران جاري ڪيل اعلان موجب ڪراچي جي علائقي لياري ڦولپتي لين ۾ بابا لاڍلا جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو ته جوابدار رينجرز کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ جوابدار ۽ رينجرز اهلڪارن ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي مقابلو 35 منٽن تائين جاري رهيو رينجرز جي جوابي فائرنگ سان گينگ وار ڪماندر بابا لاڏلا پنهنجي ٻن ساٿين سميت مارجي ويو جڏهن ته هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيو. ترجمان رينجرز موجب مري ويل جوابدار جو شناختي ڪارڊ لياري گينگ وار جي ڪمانڊر نورمحمد عرف بابا لاڏلا سڪندر عرف سڪو ۽ ياسين بلوچ جي نالي سان ٿي آهي ٽئي دهشتگرد پوليس کي گهربل هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *