تازيون خبرون
ساهيول دهشتگردي، 16 نامعلوم سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، مقتولن جي علائقي ۾ سوڳ برقرار - شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: صدر/وزير اعظم - نئين پاڪستان ۾ شهري ٻارڙن سان گڏ ٻاهر نه نڪرن: بلاول ڀٽو زرداري - پ پ بعد ليگ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي - ذيشان جو دائش سان تعلق هو، گاڏي مان 2 آپگهاتي جيڪيٽون، 8 هينڊ گرنيڊ، 2 پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون: راجا بشارت - ساهيوال مبينا مقابلي جو ڪيس، سي ٽي ڊي ٿاڻي لاهور ۾ به داخل، سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن جو نالو به ڏنو ويو - عمران خان وزيرن کان فوري طور استعيفيٰ وٺي، ساهيوال واقعو سڀني سامهون آهي ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي: خورشيد شاهه - پاڪستان ڏکيائين باوجود علائقائي سلامتي لاءِ ڪم ڪيو، افغانستان ۾ امن علائقائي امن لاءِ اهم آهي: آرمي چيف - اڄ خبر پئي ته هي ادارا ڪهڙو ڪم ڪندا آهن، چيف جسٽس کي ساهيوال سانحي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: سراج الحق - ايف سي آر ختم ٿي ويو پر متبادل قانون نه ڏنو ويو. 18هين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته روڊ تي هونداسين: اسفند يارولي

ڪراچي: سماجي اڳواڻ سبين محمود قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن هٿان سماجي اڳواڻ سبين محمود قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪارروائين دوران پنجن دهشتگردن سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ابراهيم حيدري ويجهو هٿياربندن گهر اندر هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ غلام عباس طور ٿي جيڪو اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ ڊائيور طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ هـُو سماجي اڳواڻ سبين محمود جو به ڊرائيور رهي چڪو هو. ذريعن موجب غلام عباس سبين محمود جي قتل جو اکين ڏٺو شاهد هو ۽ هن سڃاڻپ پريڊ دوران جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ڪئي هئي. ٻئي طرف نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رئوف نالي شخص مارجي ويو جڏهن ته شاهد ۽ جعفر زخمي ٿي پيا. هوڏانهن رضويا سوسائٽي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پنجن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم آهي جن جي قبضي مان 3 آوان بم ۽ هٿيار به برآمد ڪيا ويا آهن. آرام باغ واري علائقي مان پوليس ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان ڦر ڪيل رقم ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو. ڊفينس فيز 6 ۾ به پوليس مقابلي بعد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *