تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڏوهارين جو ساٿ ڏيڻ جي الزام هيٺ ڪراچي پوليس جي ٻن ايس آءِ، 5 اي ايس آءِ سميت 11 آفيسر ۽ اهلڪار معطل

ڪراچي ( م.ڊُ) ڪراچي پوليس ۾ ڏوهارين جي ساٿاري، زمينن تي قبضن، ڀتي خوري ۽ شهرين کان زبردستي ڦرلٽ ڪندڙ 2 سب انسپيڪٽر ۽ 5 اي ايس آءِ ايسٽ پوليس جي 11 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، پوليس ترجمان مطابق جن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي انهن ۾ نيو ٽائون جي ايس آءِ راجا امتياز، برگيڊ پوليس ٿاڻي جي اي ايس آءِ بشير،پي ءِ بي ڪالوني ٿاڻي جي اي ايس آءِ ارض محمد، ايس آءِ اقبال منگي، محمود آباد ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل رئيس احمد، گلستان جوهر ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل فخرالدين، ڪورنگي ٿاڻي جي اي ايس آءِ مجيد ڪورائي، سچل ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد رمضان، ٻئي طرف سائوٿ پوليس جي 3 اهلڪارن کي پڻ شهرين کان رشوت وٺندر 3 اهلڪارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ترجمان مطابق ڪلفٽن جي علائقي ۾ چيڪنگ دوران ٻن پوليس اهلڪارن جن ۾ قربان، غلام مصفطيٰ ۽ عابد شامل آهن انهن موٽرسائيڪل سوار شهرين کان رشوت جن جا شهرين موبائل فون تي فوٽيج ورتا، ايس ايس پي سائوٿ ثاقب اسماعيل ميمڻ نوٽيس اهلڪارن کي فوري طور تي معطل ڪري ڪواٽرگارڊ ڪري ڪري ڇڏيو جن خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *