تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

ڊگهي عرصي تائين انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر

اسلام آباد(بيورو)  صدر ممنون حسين ڊگهي عرصي تائين انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رنگ، نسل، مذهب ۽ ملت جي فرق کانسواءِ سماجي خدمت ئي اصل خدمت آهي، صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لائنز ڪلب انٽرنيشنل جي عهديدارن سان ملاقات دوران چئي، ملاقات ۾ صدر چيو ته پاڪستان دنيا ۾ خلق خدمت ۽ مالي ايثار جي روايت جي حوالي سان سر فهرست آهي، هن چيو ته ضروتمندن جي مدد انسانيت جي معراج آهي ۽ سرندي وارن ماڻهن ۽ ادارن کي پوري سگهه سان عوامي ڀلائي جي منصوبن جي قيام ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ لائنز ڪلب جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته لائنز ڪلب پاڪستان جي غير مراعت يافتا طبقن ۽ ضرورتمندن جي انهن جي بنيادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نسل، مذهب ۽ قوم جي فرق کانسواءِ لائنز ڪلب جون سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي پوئتي پيل طبقن جي خدمت لاءِ ايوان صدر جو سهڪار لائنز ڪلب کي سدائين حاصل رهندو، ان موقعي تي صدر کي لائنز ڪلب طرفان هيڊ آف اسٽيٽ ميڊل به پيش ڪيو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *