تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردي، 6 اهلڪارن سميت 9 ڄڻا شهيد، 36 زخمي

ڊي آءِ خان ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگردن جي پوليس تي فائرنگ ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪارن سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 36 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيرا اسماعيل خان جي ڊيرا ڪوٽلا سيدان پوليس چيڪ پوسٽ تي موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.فائرنگ کانپوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جا مڙهه ڊسٽرڪٽ اسپتال آندا ويا جتي اسپتال جي ٽراما سينٽر جي گيٽ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 6 اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين جو وڏو انگ هئڻ سبب ڪيترن کي ڪمبائن ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو وڏو انگ علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي وڌيڪ ڌماڪيدار مواد جي موجودگي جي خطري کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جي  شروعاتي رپورٽ موجب ٽراما سينٽر جي دروازي تي ٿيندڙ ڌماڪو آپگهاتي ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ذريعن اکين ڏٺن شاهدن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ حملو ڪندڙ ڇوڪري هئي ۽ سندس عمر اٽڪل 15 ورهيه هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *