تازيون خبرون
پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو: عمران خان - آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن: شهزاد اڪبر - ن ليگ پاران وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ ٻين خلاف برطانوي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان - پ پ جا وڏيرا پاڻي چور آهن، نادر مگسي پاران رينجرز گهرائڻ جو مطالبو - پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، انهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل زميواري آهي: عارف علوي - شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي: فردوس عاشق اعواڻ - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر ۽ عثمان بوزدار جون ملاقاتون، تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي خاطري - اڳوڻي صدر جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ، پرڏيهي امداد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ايندي آهي: آصف علي زرداري - يونيسيف جي سهڪار سان پورهيو ڪندڙ ٻارڙن بابت سروي ڪري رهيا آهيون جئين انهن کي فني تعليم ڏئي سگهجي: وڏو وزير - ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين: فيصل واوڊا

ڀارت جي شڪست تي سوشل ميڊيا تي نيوزيلينڊ جي واکاڻ

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.ڀارتي ٽيم جي شڪست سان گڏ ئي پاڪستاني ٽوئٽر صارفين پاران سوشل ميڊيا تي ميمز شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ميچ جي پڄاڻي تي جتي ڀارتي مداح ڪوهلي اليون جي ڪارڪردگي مان مايوسي ظاهر ڪري رهيا آهن اُتي وري پاڪستاني خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.هڪ صارف لکيو ته نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، هڪ ٻئي صارف آڇ ڪئي ته ڀارت جيڪڏهن چاهي ته پاڪستان کان چانهه جو ڪپ وٺي ڇڏي. هڪ صارف نيوزيلينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن جي تصوير تي ڪيپشن لکيو ته“اوهان جي ڀيڻ ڪشمير به آزاد ڪرائيندي.هڪ صارف لکيو ته ڀارت کي جيڪڏهن بيٽنگ ڪوچ جي ضرورت آهي، اسان حاضر آهيون. واضح رهي ته مانچسٽر ۾ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 239 رنز ٺاهيون، ڀارتي مضبوط بيٽنگ لائين آڏو هدف آسان پئي لڳو پر نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي بعد ڀارت کي 18 رنز تان شڪست ڏني. ڪيويز بالرن پهرين 3 اوورن ۾ ئي 5 جي مجموعي اسڪور تي ڀارت جي 3 اهم رانديگرن کي پويلين موڪليو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *